اسلام آباد := اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جبري گمشدگي هڪ وڏو خوفناڪ ڏوهه آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي عدالت ۾ لاپتا شهري عمران خان جي عدم بازيابي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران معزز جج ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن به شهري جي جبري گمشدگي وڏو ڏوهه آهي ۽ آئين تحت هلندڙ سوسائٽي ۾ جبري گمشدگي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اٽارني جنرل عدالت کي مطمئن ڪري سگهيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا تي ڏنڊ وجهنداسين، جي آءِ ٽي چيو ته جبري گمشدگي جو ڪيس آهي ته پوءِ ڪنهن جي مٿان ته ذميواري وجهڻي پوندي. معزز جج ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو به شهري لاپتا هجي ته رياست ان جي ذميوار آهي، شهرين جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي رياست جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت ذميوار آهي ته پوءِ ڇو نه وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا تي ڏنڊ وڌو وڃي. عدالت سوال ڪيو ته هن شهري کي ڪڏهن کنڀيو ويو، ان وقت وزيراعظم ۽ ڪابينا ڪهڙي هئي، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته ان وقت نواز شريف وزيراعظم هو، ان تي معزز جج چيو ته ڇو نه ان جي ۽ ان کانپوءِ اچڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڪجي، ڇو نه وفاقي ڪابينا ۽ وزيراعظم کي هن جو ذميوار ڪيو وڃي. عدالت اڳوڻي دفاع واري سيڪريٽري ضمير حسين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي گهرو سيڪريٽري عارف خان ۽ اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد جان محمد کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي