جبري گمشدگيون نہ صرف عالمي قانون، انساني حقن جي سنگين لتاڙ آھي پر خود ھن رياست جي ٺاھيل قانون جي پڻ لتاڙ آھي ۽ عدالتن جي توھين آھي : تاج جويو

حيدرآباد: جبري گمشدگيون نہ صرف عالمي قانون، انساني حقن جي سنگين لتاڙ آھي پر خود ھن رياست جي ٺاھيل قانون جي پڻ لتاڙ آھي.ان موقعي تي پروفيسر امداد چانڊيي، تاج جويي سھڻي جويو، ڪامريڊ بخشل ٿلھي، اترت محب آزاد، امان نظير بانو، ھالار رتڙ، ياسمين ٿيٻو، مسرور شاھ، امجد رند، ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ، ” سنڌ مان کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو، ھيترن احتجاجن باوجود گھٽيو تہ ناھي پر اڃا ان ۾ تيزي اچي وئي آھي، ھاڻي تہ حد اھا آھي، جو قانون جي پاسداري ڪندڙ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل محب آزاد کي بہ کنڀي گم ڪيو ويو آھي. انساني حقن جي عالمي چارٽر ۾ اھو واضح لکيل آھي تہ امن ۽ جمھوريت جا دور تہ ٺھيو پر جنگ واري صورتحال ۾ بہ ڪنھن بہ ماڻھو کي کنڀي گم ڪرڻ انسانيت جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي. جبري گمشدگيون نہ صرف عالمي قانون، انساني حقن جي سنگين لتاڙ آھي پر خود ھن رياست جي ٺاھيل قانون جي پڻ لتاڙ آھي ۽ عدالتن جي توھين آھي، اسان عالمي ضمير، انساني حقن جي تنظيمن، اعليٰ عدليا کان مطالبو ٿا ڪيون تہ محب آزاد سميت سمورن کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ سوموٽو وٺي انھن کي آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏھن سنڌ مان کنڀي گم ڪيل محب آزاد سميت سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد نہ ڪيو ويو تہ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.“

سنڌ سُجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، عوامي ورڪرز پارتي، پورھيت مزاحمت،. حيدرآباد يوٿ اتحاد پاران سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ ھاءِ ڪورٽ محب آزاد لغاري ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي غ قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري وي ايم پي ڪوآرڊينيٽر سھڻي جويو، وي ايم پي ڪوآرڊينيٽر پرمل سميجو، قومي دانشور تاج جويي، عوامي ورڪرز پارٽي جي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلھي، جنرل سيڪريٽري لطيف لغاري، پورھيت مزاحمت جي مرڪزي اڳواڻ مسرور شاھ، نثار لغاري، حيدرآباد يوٿ اتحاد جي چيرمين امجد رند، وومين ڊيموڪريٽڪ فورم جي اڳواڻ ڪامريڊ عاليا بخشل، محب آزاد جي گھرواري اترت آزاد، والد رانجھو لغاري، پڦي ڀاڳ ڀري، قومي شاعر آسي زميني، امان نظير بانو، مھراڻ ميراڻي جي ڀاءُ شاھجھان ميراڻي سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي جوائنٽ سيڪريٽري ياسين جھلڻ، حيدرآباد ڊويزن جي جوائنٽ سيڪريٽري ايڊووڪيٽ فياض تُنيي، حيدرآباد ضلعي جي جنرل سيڪريٽري پير محمد نوناري، جوائنٽ سيڪريٽري اعزاز لغاري، ميڊيا سيڪريٽري مدثر لغاري، ڪراچي ضلعي جي جوائنٽ سيڪريٽري ريجھو مل، فائنانس سيڪريٽري صداقت شيخ، ٽنڊي ڄام جي آرگنائيزر فيصل لغاري، ضلعي اولھ جي آرگنائيزر سڪندر اوٺي، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ فريد لغاري، شبير لغاري، مظفر لغاري، رزاق لغاري، پورھيت مزاحمت جي مھراڻ ميراڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شھباز بلڊنگ حيدرآباد کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي ھزارين عورتون، ٻار ۽ ماڻھو مارچ ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جن سمورن شريڪ ٿيندڙن جي ھٿن ۾ محب آزاد ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ جا پلي ڪارڊ ۽ بينر ھٿن ۾ ھُئا ۽ زوردار نعريبازي پڻ ڪري رھيا ھُئا.ان موقعي تي ڪراچي، موري، جھمپير، ٽنڊي ڄام، واڻڪي وسي، مسوڀرڳڙي، گئلو نوناري ۽ ٻين ڳوٺن مان ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، جن ۾ جسم اڳواڻ ڊاڪٽر آدم ٻُٽ، سينيئر صحافي مھيش ڪمار، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت، قومي دانشور سائين خاڪي جويي جي گھرواري ڪوثر جويو، ڌيءُ ڌرتي جويو، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻي ڪوآرڊينيٽر علي احمد چانڊيي، صوفيا چانڊيو، ڪامريڊ وزير لاکي، عنايت لغاري، گلشير ڪوريجي، سنڌ سجاڳي فورم جھمپير جي آرگنائيزر سرمد درس، حنيف چانگ، ڪورنگي تعلقي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مجاھد شيخ، شاھد سومري، اعجاز عمراڻي، لالا آزاد سنڌي، عطا محمد نوناري، جساف اڳواڻ جمشير ڄانڊيي، انيل حب علي، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ حمز علي چانڊيي، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ انور بڙدي، سول سوسائٽي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.