جبري گمشدگين خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، علامتي بک هڙتال

گولاڙچي/ نوابشاهه/ فريد آباد:-  گولاڙچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان محفوظ  نوتڪاڻي جو پتو نه پيو وارثن پاران22 ڏينهن به ريلي، اسماعيل نوتڪاڻي، لال بخش چانڊيو ، آزاد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽي وي جرنلسٽ ڪلب تائين ريلي ڪڍي انهي موقعي تي هنن صحافين سان ڳالهيندي چيو ته محفوظ نوتڪاڻي کي 22 ڏينهن ٿي ويا آھن پر سندس اڃا تائين ڪو به پتو نه پيو آهي هنن چيو ته وائس فار مسنگ پرسن لاءِ – ڪراچي – حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾َآواز بلند آهي اسين چئون ٿا ته هنن جو ڪو ڏوھ هجي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جساف ضلعي نوابشاهه جي سڏ تي جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ عام شھرين جي آزاديءَ لاءِ نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جڏھن ته بک ھڙتالي ڪيمپ تي جبري طور کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي بک ھڙتال کي خطاب ڪندي جساف جي مرڪزي اڳواڻ شعيب ميمڻ، ضلعي صدر سيد ناصر شاهه، جسقم جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، منير ابڙو، ڪاشف لاکو، حنان عباسي ۽ ٻين چيو ته رات جي پيٽ ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيلن کي جلد کان جلد آزاد ڪري انھن جي خاندان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ھنن چيو ته نوجوانن جو اگر ڪو ڏوھه آھي ته انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن چيو ته ڏيڍ سال رياست جو تشدد برداشت ڪرڻ کانپوءِ 19 سالن جو معصوم نوجوان عاقب چانڊيو آزاد ٿيو جنھن کي ٻيو ڀيرو اسر ويل ڪراچي مان ڌاڙيلن وانگر چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ڀينرن ۽ گھرواريءَ کي رتو رت ڪري کنڀي گم ڪيو ويو، ھنن چيو ته عاقب چانڊيو جي پيرسن ماءُ سميت سڀني جون مائرون بيحال آھن ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪري رھيون آھن ليکن انھن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، انھيءَ موقعي تي اڳواڻن عالمي انساني حقن جي تنظيمن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، ھيومن رائيٽس ڪميشن ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي جي لاءِ ۾ قدم کڻڻ ته جيئن اھي پنھنجي گھر ڀاتين سان ملي سگھن. ڪجھ ڏينهن اڳ ڄامشورو سوسائٽي مان کنڀي گم ڪيل سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد امتياز خاصخيلي ۽ الهڏنو تيوڻو مان کنڀي گم ڪيل رياض خاصخيلي جي آزادي لاء وارثن پاران راجا مزمل خاصخيلي , اياز ڪريم سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ فريدآباد ۾ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي۔ جتي صحافين سان ڳالهائيندي وارثن چيو ته اسان جا نوجوان بيگناھ آهن جن جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو ناهي۔هنن وڌيڪ چيو ته اعلى ادارا نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.