جبري گمشدگين خلاف سانا طرفان نيويارڪ ۾ احتجاجي مظاهرو

نيويارڪ، آمريڪا :- سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان جبري گمشدگين جي متاثرن واري عالمي ڏهاڙي تي نيويارڪ سٽي ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ نيويارڪ، نيوجرسي، ڪنيڪٽيڪٽ، پينسلوينيا ۽ جارجيا رياستن مان سانا ميمبرن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو.  مظاهري ۾ شريڪ ميمبرن جي هٿن ۾ عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان بينر ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا. بينرز ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ مان جبري گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي جا مطالبا لکيل هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سانا جي انفارميشن سيڪريٽري ذاڪر بُلو چيو ته هو سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ جاري انساني حقن جي لتاڙ ۽ جبري گمشدگين جي مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون سميت دنيا جو ڪو به قانون جبري گمشدگين جي اجازت نه ٿو ڏئي. پاڪستان ۾ سياسي ڌرين کي ڏنڊي جي زور تي هيسائي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي. سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جي پرامن سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي بنيادي انساني حقن جي ڳالهه ڪرڻ تان زوري کنڀي ٽارچر سيلز ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. هڪ پاسي احسان الله احسان جهڙي مذهبي انتهاپسند دهشتگرد، سوين ماڻهن جي قاتل عذير جان بلوچ، بلديا فيڪٽري ۾ سوين بي گناهه پورهيتن جي قاتلن، صولت مرزا ۽ هندستاني ايجنٽ ڪلڀوشن يادَو کي ته سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون پر ٻئي پاسي هٿين خالي پرامن سياسي ڪارڪنن کي کنڀي وڃي اذيت گهرن ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته سنڌ سميت پوري ملڪ مان سياسي سماجي ڪارڪنن، قلم ڌڻين ۽ شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چچريل لاش اڇلائڻ نسل ڪشي برابر آهي. ادارن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. ننڍن صوبن مٿان جبر ۽ ڏاڍ ڪنهن به صورت ۾ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندو.  هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جاري انساني حقن جي لتاڙ ۽ جبري گمشدگيون گڏيل قومن جي انساني حقن واري پڌرنامي جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان جي آئين موجب رياست پاڻ سمورن شهرين جي جان، مال ۽ سلامتين جي ذميوار آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو مٿان ڪو الزام آهي ته کيس مُلڪي عدالتن ۾ پيش ڪري مٿس ڪيس هلايو وڃي. خطاب ڪندي سانا اڳواڻ خالد چنا جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ جاري انساني حقن جي لتاڙ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. تازو ئي ننڍي عمر جي ٻارڙن ۽ پيرسن ماڻهن کي زوري کنڀي گم ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته ادارا سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان پُرامن سياسي ڪارڪنن سميت وڏي انگ ۾ بي گناهه شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ ۾ ملوث آهن. هن تازو ئي بلوچستان ۾ شهيد ڪيل حيات بلوچ جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته هُو ڪراچي يونيورسٽي جو هڪ محنتي شاگرد هو جنهن کي سندس ماءُ پيءُ آڏو بي دردي سان شهيد ڪيو ويو. مُلڪي ادارن جي اهڙن عملن سان ننڍن صوبن جي ماڻهن ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي جنهن کي وسائڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو. هن پاڪستاني حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته پوري ملڪ مان جبري طور گم ڪيل سمورا ماڻهو بنا دير آزاد ڪيا وڃن. مظاهري ۾ شريڪ سانا جي عورت نائب صدر ارشاد عباسي، عاشق سومرو، غلام نبي ڇڇر، علي خاصخيلي، قومي شاعر رياض سمون، نعمت کوسو، راجا ڏاهر، حميد چانڊيو، علي حسن ڀٽو، عبدالرزاق گوپانگ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه مان پرامن سياسي سماجي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. هنن چيو ته سنڌ مان پر امن سياسي ڪارڪنن، معصوم ٻارڙن ۽ پيرسن ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. هنن پاڪستاني ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير سمورا کنڀيل ماڻهو آزاد ڪري متاثر خاندانن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي