ثقافتي حسناڪي سان صدين جو سفر ڪندڙ سنڌ . تحرير : نواز خان زئور

ثقافت به انسان جيتري ئي پراڻي آهي. جنهن ڏينهن کان انسان پنهنجن ٻن پيرن تي بيهڻ ۽ ٻن هٿن کان ڪم وٺڻ سکيو هو، تڏهن کان هو ثقافت جي پناري پوڻ لڳو. ثقافت انسان جي عظيم پورهيت هٿن جي شاهڪار تخليق آهي. انسان اشرف المخلوقات پڻ ان ڪري آهي جو اهو تخليقڪار آهي، ۽ انسان جي سڀ کان عظيم ۽ اولين تخليق ثقافت آهي. تنهنڪري انسان رڳي سماجي جانور ناهي، پر کيس ثقافتي جانور پڻ ڪوٺي سگھجي ٿو.

ثقافت جي پهرين تخليقڪار عورت آهي. عورت ئي آهي، جنهن ثقافت جا رنگ روپ، کُڻ خاڪا، چِٽ چِٽاوَ ۽ ويس ورن جوڙي انساني تصور جا نوان شاهڪار عمل ۾ آندا. جيڪس ان ڪري ئي ثقافت ۾ عورت جهڙي ئي حسناڪي، لطافت، گهرائي، ملائميت، نرملتا ۽ نرمي موجود هجي ٿي. گڏوگڏ منجھس کوڙ ساريون ٻيون اهڙيون خوبيون پڻ ملن ٿيون، جيڪي ان کي جنسي تفريق، متڀيد ۽ فرقيواريت کان مٿڀرو ڪن ٿيون. اهڙا ڳڻ بنيادي طور تي نسواني يا عورتاڻا ڳڻ آهن.

جيڪڏهن انسان ثقافت سان پنهنجا پاند نه اٽڪائي ها ته هوند هُو ايترو تڪڙو انساني وصفن، صفتن ۽ ڳڻن ڏانهن اڳڀرائي نه ڪري سگھي ها. اول اول ثقافت انسان جي انفرادي روح جو حسناڪ اظهار هئي، جنهن اڳتي هلي اجتماعيت جو عظيم تر جهان جوڙيو. جنهن ماڻهن کي هڪڙي هنڌ تي هڪٻئي سان سلهاڙي نئين ۽ نرالي سڃاڻپ بخشڻ شروع ڪئي. جنهن سان قومن جو وجود جڙيو. قومن جي ابتدائي جُڙت ۾ جنهن شئي سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪيو، اها ثقافت ۽ ٻولي هئي. ٻولي جي لسانياتي سٽاءُ کي ڇڏي ڪري سماجي تناظر ۾ ڏسبو ته اها پڻ ثقافت جو ئي هڪڙو نهايت متحرڪ جز آهي. جيئن شروع ۾ سائنسي مامرا، ڪائناتي اوک ڊوک، سماجي ڇنڊڇاڻ. حياتياتي راز، فطرت جي پرک ۽ لقائن جي پروڙ جهڙا سمورا سوال فلسفي جا سوال هئا، تيئن اوائلي طور تي انسان جا سمورا اجتماعي قدم ثقافتي قدم هئا. ٻولي ثقافت جو اهو جز هئي، جنهن کي اڳيان هلي هڪڙو وسيع ۽ منفرد عنصر بڻجڻو هو ۽ انساني ميل جول کي وسعت ڏيڻي هئي. اوائلي سماج ۾ ٻولي، نقش نگاري ۽ ثقافت هڪڙي اهڙي شئي هيا، جنهن هڪٻئي جي ويجھي رهندڙ ماڻهن ۾ يگانگيت پيدا ڪري قومن کي جنم ڏنو. قوم جو ڄم ثقافت جي ڪُک مان ٿيو آهي. ثقافتون نه هجن ها ته ڪر قومون پڻ نه هجن ها. اهڙي ريت ثقافت ڌاران انسان پنهنجا ارتقائي مرحلا ڪاميابي سان طئي نه ڪري سگھي ها. انسان کي پنهنجي روحاني ۽ مادي اظهار لاءِ ذريعو گھربل هو، جيڪو کيس ثقافت جي شڪل ۾ ميسر ٿيو. جنهن سان هن ترقي، تعمير ۽ شعور جي واٽ تي تڪڙيون وکون وڌايون.

ثقافت ۽ ٻولي انساني ترقي ۽ تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنهن اڳيان هلي تهذيب جو پايو وڌو. تهذيب ثقافت جي ڪک مان ڄائي آهي. ان ڪري هر تهذيب ڪنهن نه ڪنهن قوم ۽ ثقافت جي نمائندگي ٿي ڪري. تهذيبون وسيع تناظر ۾ ثقافتن جو مادي ۽ تمدني اظهار آهن، جيڪي قومي رنگ رکن ٿيون. ثقافت انساني ترقي، تعمير ۽ گڏپ جي پهرين وک هئي، ته تهذيب ان وک کي تيزي، ڊوڙ ۽ تمدنيت عطا ڪئي. ثقافت ۽ زبان سان انسان جي جُڙت ۽ اُٿڪ ٿي ۽ تهذيب سان انسان جي شعور جي نئين اڏام ٿي. تهذيبي ڏاڪي تي پير رکڻ سان انسان هڪڙي وڌيڪ نئين سماجي مرحلي ۾ داخل ٿيو.

ان هوندي به هيءَ اٽل حقيقت آهي ته تهذيب جي ڀيٽ ۾ ثقافت جي عمر وڏي ٿئي ٿي. وقت جي ستمگيرين ۽ اٿلن پٿلن جي نتيجي ۾ تهذيبون ته زوال جو شڪار ٿيون آهن، پر انهن تهذيبن سان لاڳاپيل ثقافتون سلامت رهيون آهن. سنڌو ماٿري جي تهذيب موسمي نامهربانين، ماحولياتي هاڃيڪارين، درياهي وهڪرن جي ڦيرين گھيرين ۽ مها ٻوڏ جي ور چڙهي زوال جو شڪار ٿي ويئي (آريا هتي حملي آور ٿي نه آيا هئا. سنڌو تهذيب جي تباهي جي ڏس ۾ آرين جا حملا محض هڪڙو مفروضو آهن)، پر سنڌي ثقافت سلامت رهي. موهن جي دڙي جي تهذيب ته اڄ رڳو آثارن منجھان ٿي ملي، پر اها ثقافت اڄ به سنڌ جي جھر جھنگ ۾ زندگي جو ازلي ابدي اهڃاڻ بڻجي جھولي ۽ جھومي رهي آهي. نه رڳي اهو ته اسان جي اها ثقافت سلامت رهي آهي، پر ان پاڻ منجھه نواڻ پڻ پئي آندي آهي. ثقافت هڪڙو متحرڪ لقاءَ آهي. اها جامد ۽ هڪ هنڌ بيٺل شئي ڪانه آهي. تازي پاڻي جي وهڪري وانگر ثقافت پڻ زندگي ۽ تازائي سان ڀرپور هجي ٿي ۽ ان ۾ پڻ هڪڙو اڻڏٺو وهڪرو جاري ساري رهي ٿو. پاڻي مٿانهين کان هيٺانهين ڏانهن وهندو آهي، پر ثقافت جو وهڪرو هميشا هيٺانهين کان مٿانهين ڏانهن روان دوان رهي ٿو. ثقافت سادي کان پيچيدي ڏانهن پير وڌائيندي رهي ٿي. ان ڪري اها جتي زندگي جي ڳوُڙهائين ۽ اسرارن سان سرشار ۽ معمور هجي ٿي، اتي منجھس حياتياتي سگھه ۽ توانائي پڻ بيشمار ۽ اڻمئي هجي ٿي.

پنهنجي انهيءَ اڻمئي ۽ اڻکُٽ توانائي، سگھه، تازائي ۽ مخصوص سڃاڻپ جي ڪري ثقافت قوم جي اجتماعي طاقت هجي ٿي. هيءَ اهڙي طاقت آهي جيڪا هڪ ئي وقت داخلي به آهي ته خارجي پڻ. انهي ڪري اها داخلي هوندي به پنهنجو اظهار خارجي سطحن تي ڪري ٿي، ۽ خارجي هوندي به داخلي دنيا ۾ ايئن پيوست هجي ٿي، جيئن گل ۾ سڳنڌ ۽ سرهاڻ لڪل هوندي آهي. يعني ثقافت هڪ ئي وقت روحاني شئي به آهي ته مادي وجود پڻ رکي ٿي. اِها ان جي خاص اڻت ۽ هيئت آهي، جنهن سان اُها قوم جي روحاني ۽ مادي اظهار جو مستقل ذريعو بڻجي پوي ٿي. انهيءَ ڪري ثقافت قومي زندگي ۾ ٻٽو ڪردار ادا ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪائي قوم روحاني روڳن، تنزلي ۽ داخلي انتشار جو شڪار ٿي وڃي ٿي، ته ثقافت ان جي گھائن تي ٿڌا پها رکي، قومي قدرن تي زور ڏيئي، کيس ٻيهر سهيڙي نؤبنو ڪري ڇڏي ٿي. پر جيڪڏهن ڪائي قوم خارجي ۽ مادي زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿي، ته ثقافت منجھس نئين سري سان روحاني سگھه پيدا ڪري، قومي سڃاڻپ تي زور ڏيئي، ميڙي مٺ ڪري اڳتي وڌڻ ۾ مددگار بڻجي ٿي. ان ڏاڪي تي اها تاريخ کان پڻ سگھه ۽ اتساهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. اهڙي ريت ثقافت قوم کي مٿي کڻي ٿي. اها ثقافت جي سگھه ئي آهي، جيڪا هڪڙي ڇڙوڇڙ، هاريل، هڄايل هپايل ۽ هيڻي ٿي ويل قوم ۾ نئون دم ڦوڪي ٿي ۽ پوءِ هن ۾ اڳتي وڌڻ جو ساهس پيدا ٿئي ٿو. ثقافت ان مرحلي تي قوم جي مخصوص سڃاڻپ کان اڳتي وڌي قوم جي ناقابلِ شڪست طاقت ٿي پوي ٿي. تنهن ڪري قومي زندگي ۾ ثقافت جو ڪردار گھڻ پاسائون ۽ تمام اهم آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جون سجاڳ ۽ سڌريل قومون پنهنجي ثقافت سان بيپناهه پيار ڪنديون آهن ۽ پڻ اهڙو ئي اننت پيار سنڌي قوم کي پنهنجي قومي ثقافت سان آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾ ثقافتي تحرڪ ۽ حُسن آهي ۽ هزارين سالن صدين جي سفر ۾ سنڌي ثقافت ۽ قومي تشخص سلامت رهيا آهن. هيءَ هڪڙو تاريخي نتيجو آهي ته جيڪا قوم پنهنجي ثقافت سان اڻميو پيار ڪندي هجي، اها ثقافت ۽ اها قوم سدا سلامت رهڻي آهي.

(روزاني ڪاوش، 2 ڊسمبر 2018ع)

nkzaor@yahoo.com