“تو سوا ڪهڙي عيد”: لاڙڪاڻي جي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن جو بازيابي لاءِ ڌرڻو

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري مان کنڀي گم ڪيلن جي وارثن عورتن، مردن ۽ ٻارڙن نٽهڻ اُس ۾ ڪالهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن پنهنجي پيارن جون تصويرون، پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي ۾ کنڀي گم ڪيل غلام مرتضيٰ سولنگي جي پيرسن پيءُ عبداللطيف سولنگي، امڙ ڪامل زادي، ڀينرن سيما، سميرا، ڀائرن غلام مصطفيٰ، غلام مجتبيٰ سولنگي، کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ بتول، افسانه ۽ نصرت دايو، کنڀي گم ڪيل شاهد جوڻيجو جي گهر واري شبانه جوڻيجو، ڀيڻ ممتاز خاتون، ڌيءُ اندران، کنڀي گم ڪيل غلام مرتضيٰ جوڻيجو جي امڙ شهزادي، ڌيءُ باشل جوڻيجو، کنڀي گم ڪيل پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ جي پيءُ عبدالڪريم ٽڳڙ، معصوم ڌيئرن جويريه، ڪشف، ڀاءُ آڪاش ٽڳڙ سميت وائيس فار مسنگ پرسن جي ڊپٽي ڪنوينر سنڌو امان چانڊيو، شازيه چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن صحافين آڏو دانهيو ته غلام مرتضيٰ سولنگي اسٽيٽ لائيف جو ملازم هو جنهن کي 22 نومبر 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان کنڀي گم ڪيو ويو هو، منهنجو پٽ ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه آهي، هو اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو، سندس امڙ ڪامل زادي صدمي ۾ مسلسل بيمار رهي ٿي، جنهن جي روئڻ سبب دماغ جو رڳون سڪي ويون آهن ۽ سندس اکين جو نور سخت متاثر ٿي ويو آهي. هنن چيو ته انصاف دايو لاڙڪاڻي شهر جي درزي جو دڪان هلائي پيٽ گذر ڪندو هو کيس 29 مئي 2017ع تي نظر محلا مان کنڀي گم ڪيو ويو، کيس 29  مئي تي 3 سال پورا ٿيڻ وارا آهن ۽ مسلسل سندس امڙ روشن آرا بيماري جي بستري تي پيل آهي. هنن چيو ته شاهد جوڻيجو کي 5 آگسٽ 2017ع تي ڏوڪري مان کنڀي گم ڪيو ويو هو ان ئي سال سندس جي امڙ اشرف خاتون پٽ جي صدمي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، کيس چار ٻارن جي اولاد، 5 ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ آهي جيڪي کيس ياد ڪري رهيا آهن، عيد جي موقعن تي شاهد جوڻيجو پنهنجي ڀينرن کي عيد جي خريداري ڪرائيندو هو  پر عيد ويجهو ايندي ئي سندس جا گهر ڀاتي اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن چيو ته غلام مرتضيٰ جوڻيجو کي 7 مئي 2017 تي ڏوڪري جي منڌرا ڳوٺ مان کنڀي گم ڪيو ويو ۽ ساڳي ئي سال سندس جو پيءُ محمد ڪامل لاڏاڻو ڪري ويو کيس چئن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي اولاد، ٻه ڀائر ۽ پيرسن امڙ آهي، غلام مرتضيٰ جوڻيجو تگاري کڻي پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هو. هنن چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني مان پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ کي 3 آگسٽ 2018ع تي کنڀي گم ڪيو ويو جيڪو قمبر شهر جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول علي خان محلا ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر آهي، کيس ٻن نياڻين جي اولاد آهي ۽ گهر ۾ سندس پيءُ، ڀائر، امڙ ٻيا گهر ڀاتي آهن. هنن چيو ته اسان جا پيارا هن ملڪ جا محب وطن شهرين آهن جن کي نه عدالتن ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي سندن کي ظاهر ٿو ڪيو وڃي خبر ناهي ته ڪورونا وائرس جي وبا ڦهلجڻ کان پوءِ هو ڪهڙي حال ۾ آهن. هنن چيو ته عيد ۾ ڪجهه ئي ڏينهن بچيا آهن ۽ اسان جا پيارا اسان کان جدا آهن جنهن ڪري اسين عيد جي خريداري به ڪري نه سگهيا آهيون ۽ نه ئي ڪنهن نوٽيس ورتو آهي. هن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن کي عيد کان اڳ آزاد ڪرائي اسان جي خوشين ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ اذيت واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي.