تنگواڻي شهر جي کليل ميدان ۾ هڪ عورت جي ويم ٿيڻ ۽ ٻار جي فوتگي واري واقعي تي انتظاميا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

حيدرآباد :- تنگواڻي شهر جي کليل ميدان ۾ هڪ عورت جي ويم ٿيڻ ۽ ٻار جي فوتگي واري واقعي جي انڪوائري رپورٽ ۾ ڪشمورضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر منورعلي مٺياڻي ڄاڻايو آهي ته اها عورت تنگواڻي جي رورل هيلٿ سينٽر وڃڻ بجاءِ نجي ميٽرنٽي سينٽر علاج لاءِ وئي هئي، جنهنجي ڀرسان واري ميدان تي ويم دوران کيس گذاري ويل ٻار ڄائو هيو. آءِ ايڇ ايس جي حيدرآباد ريجنل آفيس پاران ڊي سي ڪشمور جي ان عبوري رپورٽ جا تفصيل جاري ڪندي چيو ويو ته، پبلڪ هيلٿ، کاڻين ۽ معدنيات جي صوبائي وزير شبير علي خان بجاراڻي جي پاران پرنٽ ۽ اليڪٽران ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل ان واقعي جي فوري انڪوائري ڪرائي وئي. ڊي سي ڪشمور، منورعلي مٺياڻي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، ڊاڪٽراحسان ڏاهاڻي ۽ اي ڊي ايڇ او، ڊاڪٽر مشتاق علي واقعي جي ٻئي ڏينهن تنگواڻي اسپتال جي ايم ايس، شهر جي پرائيويٽ ميٽرنٽي هوم، نجي اسپتال، رورل هيلٿ سينٽر تنگواڻي جي عملي ۽ متاثر عورت، سندس رشتيدارن ۽ ڳوٺاڻن کان تفصيل معلوم ڪيا. ڊپٽي ڪمشنر، منور مٺياڻي پاران صوبائي وزير کي موڪليل رپورٽ ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ آيل خبرن جو تفصيل وار جائزو وٺي، ترتيب وار پنهنجا مشاهدا درج ڪيا آهن. پيرائتي ڄاڻ مطابق رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رسالدار ڳوٺ جي رهواسي، ڳورهاري عورت گوهر خاتون جکراڻي، اڪيلي سر پهرين تعلقي اسپتال ڪنڌڪوٽ پنهنجي زناني تڪليف سبب چيڪ اپ ڪرائڻ وئي هئي. اهو ڏينهن آچر هجڻ سبب اسپتال جي بند هجڻ واري پاڻ مرادي نتيجي تحت هوءَ واپس پنهنجي والده ڪزبانوجکراڻي جي گھر، ڳوٺ الله رکيو گاجاراڻي آئي. جتان سندس والده کيس رورل هيلٿ سينٽر وٺي وڃڻ بدران هڪ پرائيويٽ ويم گھر وٺي وئي. جتي کيس ٻار جي ابنارمل هجڻ جو ٻڌائي ڪنڌڪوٽ اسپتال وڃڻ لاءِ چيو ويو. انڪوائري رپورٽ ۾ اڳتي لکيو ويو آهي ته گوهر خاتون کي سندس والده، ڪنڌڪوٽ وٺي وڃڻ بدران ويجھي پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر حافظ بلاول ۽ بعد ۾ سحر ميٽرنٽي هوم ۾آندو ويو. جتي موجود هڪ ميل نرس کين الٽرا سائونڊ جا 500 رپيا ۽ ڊليوري جا چار هزارطلب ڪيا. رپورٽ جي آخر ۾ چيل آهي ته پرائيويٽ سينٽر جي ڀرسان ڪچري جي ميدان تي گوهرخاتون کي تڪليف ٿيڻ سان گڏ ستن مهينن جوفوت ٿيل ٻار ڄائو. ڊپٽي ڪمشنر رپورٽ ۾ اهو به چيل آهي ته ڪنڌڪوٽ اسپتال وڃڻ ۽ اتي ڪنهن ڊاڪٽر يا نرس سان ملڻ واري ڳالهه کي اڃان تائين يقيني قرار ناهي ڏنو ويو جنهن کي جانچيو پيو وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ڪشمور جي ان رپورٽ سان گڏ ، آءِ ايڇ ايس حيدرآباد آفيس پاران رورل هيلٿ سينٽر جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر شاه نواز ڏاهاڻي جي ڊي ايڇ او ڪشمور وٽ جمع ڪرايل رپورٽ جا تفصيل پڻ جاري ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ ڊاڪٽر ڏاهاڻي اڻ تصديق ٿيل، انهن سمورين رپورٽن کي غلط بياني ڪوٺيندي مڪمل طور رڌ ڪندي، متاثر فيملي جي ڏنل بيانن جي حوالي سان چيو ته گوهر خاتون ۽ سندس والده، رورل هيلٿ سينٽر آئي ئي نه هئي ته ان جو اتي علاج نه ٿيڻ، ويم کان پوءِ ٻار جي فوتگي ۽ ايمبولنس نه ڏيڻ واري رپورٽن جي ڪا تڪ ئي نٿي ٺهي. جڏهن ته هڪ ٽي وي چينل تي ڪنهن نامعلوم بلڊنگ کي آرايڇ سي تنگواڻي ڪوٺڻ ۽ پرائيويٽ سينٽر جي ڀرسان ڪچري جو ميدان جيڪو هيلٿ سينٽر تنگواڻي کان گھڻو پري آهي. جتي اهو واقعو پيش آيو هو. ايم ايس پنهنجي رپورٽ ۾ ڪورونا ايمرجنسي ڊيوٽين سبب آچر ڏينهن هجڻ باوجود صحت عملي جي موجودگي جي ثبوت طور ان ڏينهن اسپتال ۾ آيل هڪ ميڊيڪوليگل ڪيس ۽ اوپي ڊي مريضن جا تفصيل ڄاڻائيندي چيو ته اسپتال رڪارڊ ۾ ڪنهن به ويم لاءِ ڪا عورت يا لوڪل پوليس يا ڪن به فردن پاران ڪنهن ڊيڊ باڊي آڻڻ جو اندراج ٿيل ناهي. انهي ڪري رورل هيلٿ سينٽر کي ان افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث ڪرڻ جي جانچ ورتي وڃي.