cover letter for medical writer job cv writing service birmingham uk can you help me with my homework in japanese master of fine arts creative writing programs grade 4 creative writing prompts fancy words for creative writing cheapest will writing service uk creative writing importance of trees creative writing descriptions of flowers creative writing for 9 year olds online help with essay writing creative writing task for year 5

تعليمي ادارن ۾ حراسمنٽ ۽ آپگهات جا واقعا : نجيب چانڊيو

تعليمي ادارا تربيت ۽ درس جو مرڪز هوندا آھن جن جو مقصد رڳو ڊگري ڏيڻ نه پر ماڻھوءَ جي ذھني تربيت هوندو آھي، جيئن پڙھيل لکيل ماڻھو شعور وٺي پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان سماج جي بهتريءَ لاءِ ڪو ڪارائتو ڪردار ادا ڪري. خاص طور يونيورسٽي هڪ الڳ اهميت جي حامل ۽ هڪ الڳ ننڍڙي ڪائنات هوندي آھي جنهن جو ماڻھوءَ جي تربيت ۾ وڏو ڪمال هوندو آھي. پر اسين جنهن سماج ۾ اڻ ڳڻين المين کي منهن ڏيون ٿا ان ۾ تعليمي ادارن خاص طور يونيورسٽين جي الميي جي به هڪ عجيب ڪهاڻي هوندي آھي. هن وقت هڪ طرف سنڌ جون يونيورسٽيون معاشي ۽ انتظامي ڏيوالپڻي جو شڪار آھن ۽ احتجاجن، بائيڪاٽن، ڪرپشن، جاچُن ۽ ڇاپن جون ڪهاڻيون عروج تي آھن ته ٻئي طرف يونيورسٽين مان ڇوڪرين جا لاش هٿ اچڻ ۽ کين حرآسان ڪرڻ جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائين بجاءِ واڌارو اچي رهيو آھي. گذريل مهيني لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي جي گرلز هاسٽل مان شاگردياڻي نمرتا جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ ۽ اهو احتجاج اڃا پڄاڻي تي ناهن پهتا ته هن هفتي ڄامشوري ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي سائرھ ٿهيم طرفان خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش وارو واقعو سامهون آيو آھي ۽ خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ڇوڪري لمس جي ٻن استادن شفقت رضوي ۽ احسان ميمڻ مٿان کيس حراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي. اهو ڪيڏي نه دل دکائيندڙ ڳاله آھي ته جَن ادارن مان علمي لياقتن، سائنسي ترقين ۽ انساني ڀلائيءَ جون خبرون اچن گهرجن اتان هر آئي ڏينهن اهڙيون خبرون اچن ٿيون جن سان نه رڳو دنيا ۾ تعليمي ادارن جي ساک تي آڱريون کڄي رهيون آھن پر انهن ادارن جي تباهيءَ جو امڪان به وڌي رهيو آھي. شاگردياڻي سائره طرفان ٻن استادن مٿان لڳايل الزام کي جيتوڻيڪ جاچ جي مڪمل ٿيڻ تائين ڪا حتمي راءِ نٿي ڏئي سگهجي پر ان قسم جي واقعن کي نه رڳو نندڻ ۽ شفاف جاچ جي ضرورت آھي پر ان تي وڏي بحث جي پڻ ضرورت آھي. اسين جيڪڏھن يونيورسٽين تي ڳالهايون ٿا ته پنهنجي سماج ۾ هڪ رواج عام آھي ته شاعرن کان وٺي اديبن ۽ اسڪالرن تائين سطح جي ماڻھن به يونيورسٽين کي علم، عقل ۽ تربيت جو مرڪز سمجهڻ جو پيغام گهٽ پر ان کي رومانس واري جڳه هجڻ وڌيڪ سمجهيو ويندو رهيو آھي ۽ يونيورسٽين بابت ٿيل شاعريءَ ۾ اسانکي سفيد ويس، حُسن، ادائن، صدائن ۽ قربائتي ڪهاڻين جا موضوع جتي ڪٿي ملن ٿا ۽ ڄامشوري جو ذڪر ڪجي ته ان کي ٽن وڏن علمي مرڪزن جو شھر اٽي ۾ لوڻ برابر پر پرين جو شھر وڌيڪ تصور ڪيو ويندو آھي. جيڪڏھن تعليمي ادارن کي حسناڪين،ادائن، سفيد ويسن، وفائن ۽ بيوفائين جو شهر ئي سمجهيو ويندو ته پوءِ ظاهر آھي ته ان ۾ پڙھائيندڙ استاد کان وٺي پڙھندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻي تائين. ڊيوٽي ڪندڙ ملازم کان وٺي ٻاهر رهندڙ ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ تائين اهو ئي تصور ۽ خيال هوندو ته هتي ادائون ۽ وفائون ٿينديون آھن. اهو ته اسانجي اکين ڏٺو قصو آھي ته هتي هڪ يونيورسٽي جي جيولاجي شعبي ۾ ڇوڪرين جي گهٽ داخلا هجڻ ڪري ان شعبي کي عام طور ڇڙهالاجي ڪوٺيو ويندو رهيو آھي. جيڪڏھن اسانجو مجموعي طور پنهنجي درسگاهن ڏانهن ان قسم رويو هوندو ته ظاهر ڳاله آھي ته ان جا نتيجا به ان صورت ۾ ڀوڳڻا پوندا ته ڪڏھن استاد شاگردياڻين کي حرآسان ڪرڻ جا واقعا سامهون ايندا، ڪڏھن بسن جا ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ڇوڪرين کي پريشان ڪندا ته ڪڏھن وري ڇوڪرا ڇوڪرين کي حرآسان ڪرڻ يا کين شادي جي آسرن ۾ رلائي خودڪشي تي مجبور ڪندا رهندا. نائلا رند جي واقعي کان وٺي نمرتا تائين يا ڇوڪرين طرفان حراسمنٽ کان تنگ ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ يا خاموشي سان گهر هليو وڃڻ جا واقعا ٿيندا ئي رهندا پر ان کان به ڏکوئيندڙ ڳالھ ھي آھي ته يونيورسٽين ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيڻ سان روز والدين جي ڳڻتي ۾ اضافو اچي رهيو آھي ۽ ضرور ائين به هوندو ته ڪي والدين پنهنجي نياڻين کي پڙھائڻ کان ئي هٿ ڪڍڻ جو سوچيندا هجن. هن وقت ان قسم جي واقعن تي روز بحث خبرون لکڻ کان ويندي سوشل ميڊيا تي مختلف مطالبا ٿي رهيا آھن ۽ نفسيات جي ڄاڻيندڙن کان رايا ورتا پيا وڃن يقينن اهي به ٺيڪ آھن ۽ هر واقعي جي شفاف جاچ کي يقيني بڻايو وڃي پر منهنجي سمجه ۾ اهو به اهم نقطو آھي ته تعليمي ادارن کي اجائي رومانس ۾ ويڙھي نئين نسل کي رومانوي تصور کي اڀارڻ واري خام خيال مان نڪري يونيورسٽين کي تحقيق ۽ تربيت جو مرڪز هجڻ واري خيال کي اڀاريو وڃي. جيئن هتي ايندڙ هر شاگرد ۽ شاگردياڻيءَ جي ذھن ۾ تعليم ۽ تربيت ئي بنيادي سبب هجي. ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيون سڄي دنيا ۾ آهن پر اهي پرين جي شھرن طور گهٽ پر علمن جي شھر طور وڌيڪ ڄاتا ۽ سڃاتا ويندا آھن.