ترڪ صدر ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو، گارڊ آف آنر پيش

اسلام آباد:- ترڪ صدر طيب اردوان ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي.  ترڪ صدر سان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم عمران خان ۽ صدر عارف علوي سميت ٻيون اهم شخصيتو ملاقات ڪنديون.رجب طيب اردوان اسلام آباد جي نور خان ايئربيس پهتو ته وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي ڪابينا جي ميبمرن ترڪ صدر جو پرجوش استقبال ڪيو.ترڪ خاتون اول به رجب طيب اردوان سان گڏ آهي، آجيان دوران ٻارن ترڪي جي صدر کي گلدستا پيش ڪيا. وزيراعظم عمران خان مهمانن جي گاڏي پاڻ هلائيندي وزيراعظم هائوس لاءِ روانو ٿيو، جتي ترڪ صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.جڏهن در عارف علوي به تر ڪي جي صدر جي آجيان ڪئي. جڏهن صدر عارف علوي آيل مهمانن جي مان ۾ آجياڻ پڻ ڏنو. طيب اردوان جي دوري دوران بچاءَ، ريلوي، سڌسماءُ، معيشت، ۽ واپار جا ڪيترائي معاهده ٿيندا. جڏهن ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ وچ ۾ ٻٽي شهريت جي معاهدي تي پڻ صحيحون ٿينديون.ترڪ صدر 14 فيبروري تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي به خطاب ڪندو.ٻئي ملڪ پاڪ ترڪ اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي گڏيل صدارت ڪندا جنهن جي پڄاڻي کانپوءِ گڏيل طور تي اعلان به ڪيو ويندو.صدر طيب اردوان ۽ وزيراعظم عمران خان گڏيل طور تي نيوزڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪندا.