creative writing ma roehampton can someone do my homework case study houses for sale creative writing grade 4 worksheets creative writing teacher near me creative writing phd rankings 2017 graduate medical writer cover letter creative writing phrases to use language arts homework help how to keep yourself awake when doing homework creative writing tutoring creative writing macewan

ترڪ اداڪارا اسرا بلگيج پاڪستان ۾ گوگل تي وڌيڪ سرچ ٿيندڙ شخصيتن ۾ شامل

ڪراچي:- ترڪ اداڪارا اسرا بلگيج پاڪستان ۾ گوگل تي وڌيڪ سرچ ٿيندڙ شخصيتن ۾ شامل ٿي وئي. گوگل جي سرچ انجڻ پاران هر سال جيان هن سال به پاڪستان ۾ سرچ ٿيندڙ شخصيتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن موجب ترڪي جي خوبصورت ادڪارا اسرا بلگيج جيڪا تاريخي ڊرامي ارطغرل غازي ۾ حليمه سلطان جو ڪردار نڀائي رهي آهي گوگل تي پاڪستان ۾سرچ ٿيندڙ شخصيتن ۾نائين نمبر تي پهچي وئي آهي. جاري ڪيل فهرست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گوگل تي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ شخصيتن ۾ سماجي ڪارڪن ماروي سرمد سڀني کان وڌيڪ سرچ ٿئي ٿي جڏهن ته اداڪارا عظميٰ خان ٻئين ۽ نئون آمريڪي صدر جو بائيڊن ٽئين نمبر تي پهتل آهن. ان فهرست ۾ اداڪارا عليزي شاهه چوٿين، ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پنجين، مناهل ملڪ ڇهين، فلڪ شير ستين، عاصم اظهر اٺين ۽ سارا خان 10 نمبر تي آهن