how do i write my salary requirements in a cover letter uc irvine creative writing faculty birth order research paper outline what to write my personal narrative essay about fold mountains primary homework help creative writing mfa uk what can i do to change the world essay creative writing business names ucas personal statement writing service uk creative writing for third graders pay to do my research paper pdub do your homework

تحريڪ انصاف ارڙنهن بينڪ اڪائونٽ لڪايا، کين فارن فنڊنگ جو حساب ڏيڻو پوندو: احسن اقبال

اسلام آباد:= جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته تحريڪ انصاف 18 بينڪ اڪائونٽس لڪايا، تحريڪ انصاف کي فارن فنڊنگ جو حساب ڏيڻو پوندو

حڪمرانن جا ڊراما ۽ ناٽڪ گهڻو وقت نه هلندا. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ جا سمورا ثبوت اليڪشن ڪميشن جي سامهون اچي چڪا آهن.

وزيراعطم چيو آهي ته اوپن ٽرائل جي حمايت ڪريان ٿو. اسڪروٽني ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف جا وڪيل چون ٿا ته سڀ ڪجهه ڳجهو رکيو وڃي هي صرف ٽي وي تي ڪردار ڪشي ئي ڪري سگهن ٿا. احسن اقبال چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جو ڊرامو ڪيو. عمران خان پارٽي جي ماڻهن جون فونون وٺي ميڊيا جو وقت ضايع ڪيو. وزيراعظم اهي ئي ڳالهيون ڪيون جيڪي هو 3 سال اڳ ڪنٽينر تي ڪندو هو.

تحريڪ انصاف اسان جا منصوبا به مڪمل ناهي ڪري سگهي. ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عدليه جو احترام ڪريون ٿا. مسلم ليگ(ن) جا منصوبا اڌ ۾ رڪيل هجن ته ان جي جانچ پڙتال ٿي سگهي ٿي پر پي ٽي آءِ جي اڌ ۾ رهيل منصوبن جي نيب جانچ پڙتال نٿو ڪري سگهي.

بي آر ٽي اڌ ۾ رهيل آهي ان لاءِ نيب ان تي جاچ نٿو ڪري سگهي. اڌ ۾ رهيل منصوبن تي جاچ نٿي ٿي سگهي ته بي آر ٽي پشاور منصوبو جيستائين تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي اڌ ۾ ئي رڪيل رهندو