تانيا ايدروس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا به استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :- وزيراعظم جي خصوصي معاون تانيا ايدروس پاران پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا به استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي، جاري ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ظفر مرزا جو چوڻ هو ته خصوصي معاون جي عهدي تي تنقيد ڪئي وئي، وزيراعظم جي چوڻ تي ڊبليو ايڇ او جي نوڪري ڇڏي پاڪستان آيو هيس، مون محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو، ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ پنهنجي خدمتن تي مطئمن آهيان، استعيفيٰ ڏيان ٿو، واضح رهي ته دوائن جي اگهن ۾ اضافي جي انڪوائري رپورٽ ۾ ظفر مرزا ڪميٽي کي مطئمن نه ڪري سگهيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته مٿس 124 ملين جو ڪيس الڳ هو، جڏهن ته ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم جي چوڻ تي ظفر مرزا کان استعيفيٰ ورتي وئي آهي، ان کان اڳ وزيراعظم جي خصوصي معاون تانيا ايدروس استعيفيٰ ڏني آهي، تانيا ايدروس لکت ۾ استيعفيٰ وزيراعظم عمران خان آڏو پيش ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ تانيا ادروس جو چوڻ آهي ته منهنجي ڪينيڊا واري شهرت تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون، اُتي پيدا ٿيڻ منهنجي خواهش نه هئي، پاڪستان کي جڏهن به منهنجي ضرورت پئي ته خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿينديس.