تاريخي ناول ”اوڙاهه“ جو جائزو: خاوند ڏنو

ناول ترقي يافته دور جي پيداوار آهي. هن صنف ۾ موضوعن جو انيڪ ذخيرو سمايل آهي. ڪڏهن انسان جي داخلي وارداتن ڏک، خوشي،، خواهش، امنگن ۽ جذبن جو ذڪر هوندو آهي. ته ڪڏهن انسان جا رومانوي احساس ۽ قصا بيان ڪيا ويندا آهن. ائين ئي ناول ترقي جا ڏاڪا طئي ڪندو رهيو، ۽ اڳتي هلي ناول ۾ سماجي معاملن ۽ مئسلن کي زيربحث آندو ويندو آهي. ناول ذريعي سماج جي سڌاري لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون وينديون آهن. اهڙي طرح هن صنف ۾ سياست جي موضوع کي به شامل ڪيوو ۽ ڪيترائي سياسي ناول لکيا ويندا آهن، جن ۾ سياست جي مئسلن معالمن ۽ سماج جي پيچيدگين جو جائزو ورتو ويندو آهي پر ناولن جي سڀني قسمن مان سڀ کان اهم ۽ بنيادي حيثيت تاريخي ناولن کي حاصل آهي. دنيا جي ڪيترين ئي اسڪالرن تاريخي ناولن کي ٻين موضوعاتي ناولن کان وڌيڪ ترجيع ڏني آهي.

تاريخي ناول اهي ناول آهن جنهن ۾ ڪنهن هڪ دور يا ماضي جي تاريخ کي سهيڙيو ويندو آهي. اهڙن ناولن ۾ ماضي جي واقعن، ڪردارن ۽ ماحول کي تخيل سان سينگاري ناول جي فني لوازمات ۾ سمائي پيش ڪيو ويندو آهي. تاريخي ناول دراصل تاريخ کان متاثر ٿيل هوندو آهي. اهڙا ناول تاريخ جي گلستان مان ئي ڦٽندا آهن. تاريخي ناول ۾ تاريخ، تخيل، ۽ تخليق گڏ گڏ اڳتي وڌندا آهن، ۽ انهن ٽنهي عنصرن جي ميلاپ سان اهڙو فن پارو وجود ۾ ايندو آهي، جو پاڻ تاريخ نه هوندي به تاريخ جي حيثيت حاصل ڪري وٺندو آهي. تاريخ جتي پاڻ ڌنڌلي نظر ايندي آهي، تاريخي ناول پنهنجي روشني سان تاريخ کي چٽو ۽ واضح ڪرڻ ۾دوربين جو ڪم ڪندو آهي.

تاريخ هر دور ۾ انسان جي دلچسپي جو باعث رهي آهي. انسان جي ذهن ۾ اها ڳالھ گردش ڪندي رهي آهي ته گذريل دنيا جي سماجي، نفسياتي، سياسي، جاگرافي، ثقافتي تجربن ۽ ڪارنامن جي ڄاڻ حاصل ڪندو رهي. انسان جي ماضي جي معلومات حاصل ڪرڻ جي خواهش سندس جي ارتقا ۽ ترقيءَ جا نوان گس ۽ درازا کوليا آهن. دنيا ۾ تاريخي ناولن کي اهم مقام انڪري حاصل آهي ته انهن ناولن وسيلي اسان پنهنجي ماضيءَ جي زندگيءَ ۾ جهاتي پائيندا آهيون. پراڻي تهذيب، تمدن، روايت، قدر، سوچون، خيال نظريا نه فقط معلوم ڪندا آهيون پر تاريخ انهن کي جئيرو ڪندي آهي .

سنڌي ادب ۾ تاريخي ناولن جو جڏهن ذڪر اچي ٿو، تڏهن سراج، آغا سليم، علي بابا، رسول ميمڻ، ۽ غلام نبي مغل جا نالا چوڏهين جي چنڊ جيان ڇانيل آهن. جن هن صنف ذريعي سنڌ جي تاريخ کي ايندڙ نسل تائين پهچايو آهي. سنڌي ادب ۾ جڏهن به تاريخي ناولن جي فهرست کي ڏٺو ويندو، تڏهن غلام نبي مغل جي تخليق ڪيل ناول ”اوڙاهه“ جو ذڪر ضرور شامل هوندو. سنڌ جي تاريخي پسمنظر تي لکيل مقبول ناول ”اوڙاهه“ 1994ع ۾ پهريون ايڊيشن شايع ٿيو. ”اوڙاهه“ ناول ۾ سنڌ جي ساڍن چار سئو سالن جي تاريخ کي سوشيو پوليٽيڪل حوالي سان پيش ڪيو ويو آهي. غلام نبي مغل جي ناول ۾ خاص ڪري سنڌ جي معروضي حالتن جو اڀياس شامل آهي. ناول جو مرڪزي موضوع سنڌ جي وچولي طبقي جي نفسياتي، سماجي، سياسي، نظرياتي سوچ کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

ناول جي شروعات 1988ع ۾ ٿيندڙ لساني فسادن کان ڪئي وئيي آهي. ناول ۾ اڳتي هلي ليکڪ پنهنجي تخيل سان ڪردار گهڙي سنڌ جي ماضي ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جنهن ۾ ٺٽي شهر ۾ ارغونن ۽ مغلن جي تاريخ جو عڪس، ڪلهوڙن ۽ ميرن جو دور کي ڏيکاريندي حيدرآباد شهر جي اڏڄڻ کان 1990ع تائين جو احوال ڏنل آهي. هي ناول خاص حيدرآباد جي پسنمنظر ۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ حيدرآباد شهر جي اڳوڻي رهواسين جو ماحول ڏيکاريو ويو آهي. هن ناول جي شروعات حيدرآباد شهر جي 1989ع واري پسمنظر کان ٿئي ٿي. جڏهن سنڌ ۾ لساني فساد برپا ٿين ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد شهر ۾ خوف هراس وڪوڙيل آهي. جتي لساني بنيادن تي انسانيت جو قتل عام ڪيو وڃي ٿو. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ خاص سامراجي سازش تحت سنڌ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ناول جي شروعات ان جي دور جي عڪاسي سان ٿئي. ناول جي پهرين باب کان اٺين باب تائين حيدرآباد جي صورتحال ۽ ورهاڱي کان پوءِ ون يونٽ جي دور جي آکاڻي بيان ڪئي وئي آهي. ناول ۾ ڪردارن ذريعي سنڌ جي تاريخ جو جائزو ورتو ويو آهي. هن حصي ۾ خاص طور ون يونٽ جي جدوجهد ۽ هلچل کي ڏيکاريو ويو آهي.

اڳتي ناول جي آکاڻي هڪ نئين رخ سان شروع ٿئي ٿي. ناول جي پلاٽ کي Flash Back ۾ سنڌ جي ماضي جي تاريخ کي ورجايو ويو آهي. ارغونن، ترخانن ۽ مغل دور جي تاريخ جي عڪاسي ڪئي وئيي آهي. مغل صاحب سنڌ جي پٺئين تاريخ جو سير ڪرايو آهي. ناول جي باب نائين کان باب سترهين تائين ڌارين جي حڪمراني جي نتيجي ۾ سنڌي جي ماڻهن جي سماجي حالتن کي ڏيکاريو ويو آهي. نائين باب جي شروعات سنڌ ۾ ارغونن جي دور ۾ پورچوگيزن جي دوکي سان ٺٽي شهر تي حملو ڪري شهر کي لٽي ڦري ٽٺي کي باهه ڏئيي ساڙيو وڃي ٿو. ان سڄي معاملي ۾ سنڌي ماڻهن جي سمجهه ، فهم، سوچ ۽ حڪمت عملي کي ڏيکاريو ويو آهي. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڌاري سامراج جي دور ۾ سنڌي ماڻهن جي ڏکيائين، تڪليفن کي ڏيکاريو ويو آهي. ڌارين حڪمرانن جو سنڌين سان روش ڪهڙي هئي، سنڌي ماڻهن جو شهر ڇڏي ٻهراڙي ۾ پناهه وٺڻ واري واقعن کي پيش ڪيو ويو آهي. مغل صاحب سنڌ جي ماضيءَ جا ورق اٿلائيندي ٽٺي جي اقتصادي ۽ جاگرافي صورتحال جو عڪس پيش ڪندي لکيو آهي.

”سال 1556ع جو زمانو، چار ساڍا چار صديون اڳ اهو سنڌو درياهه، سمنڊ وانگر عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ انهيءَ ڇوڙ کان ڏهه ٻارهن ميل پهرين سنڌوءَ جي ڪناري لاهري بندر، ڏکڻ_اولهه هندوستان جو هڪ اهم ۽ مرڪزي بندر هو، جتان بين الاقوامي واپار جو سرشتو جاري هو. سال 1556ع نه رڳو انهيءَ بندر لاءِ اهم هو، پر سنڌ جي تاريخ ۾ پڻ انهيءَ سال جي اهميت وڏي آهي“ ص 81

ناول جي ان حصي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ارغونن جي دور ۾ پورچوگيزن سنڌ ۾ مرزا عيسي بيگ سان دوستي جو ويس پائي دوکي جي نيت سان سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا.
1555ع ۾، پورچوگيزن بنا ڪنهن سبب ٺٽي جهڙي شاندار شهر کي ڦُري لُٽي باهه ڏيئي ۽ هزارين ماڻهن جو قتل ڪيو. جڏهن ان وقت جو ارغون حڪمران مرزا عيسيٰ بيگ بکر طرف ويل هو. پورچوگيزن فرنگيءَ جٿي جي اڳواڻي ”پيڊرو البريتو روليم“ ڪري رهيو هو. هيءَ هڪ وحشت هُئي جنهن کي تاريخ جا ورق ڪڏهن به وساري نه سگهندا. ناول نگار ”اوڙاهه“ ناول جي پلاٽ ۾ ان واقعي جو پسمنظر هئين بيان ڪيو آهي :

”ٿورئي دير ۾ پورچوگيز گهوڙا ڊوڙائيندا، بندوقون ڇوڙيندا، شهر ۾ داخل ٿيا ۽ ڪمانڊر پيڊرو، شهر جي چئونڪ تي بيهي هڪ مُلي ترجمان ذريعي اهو پڙهو گهمايو ته سموري شهر جا ماڻهو، جيڪڏهن پنهنجي جان بچائڻ چاهين ٿا ته پنهنجا سڀ قيمتي مال متاع، سون چاندي، هيرا جواهرات سڀ هت چئونڪ منجهه يڪدم آڻين، نه ته سڀني جو حال اهڙو ئي ٿيندو، جهڙو مڪلي جي قلعي منجهه شاهي دسترخوان تي ڦٿڪندڙ ۽ رت ۾ وهنتل ترخانن ۽ سندن سپاهين جو ٿيو آهي. شهر ۾ افراتفري ڦهلجي وئي. پورچوگيزن جا شهر جي اوڀر پاسي بيٺل ڇهه ست سئو سپاهي پڻ شهر ۾ داخل ٿي ويا ۽ بازار سڄي کٽي، پورچوگيزن ارغونن، مغلن، سيدن ۽ ٻين اميرن جي محلن ڏانهن وڌيا. رستي تي ماڻهن جا لاش پيا هئا ۽ سرديءَ جي موسم هوندي به شهر ۾ انساني رت جي بوءَ ڦهلجي وئي. شهر جي چئونڪ تي سئو کان مٿي لاش پيا هئا.“ (ص 107)

سنڌ جي تاريخ جي ورق گرداني ڪندي اهو نتيجو نڪري ٿو، ارغونن جو دور سنڌ جي تاريخ جو اونداهو دور ثابت ٿيو آهي. هن دور ۾ سنڌ تي ڏاڍ ۽ جبر جي راڪاس جا لامارا هئا.. هن ناول جي آکاڻي ۾ ان دور جي تاريخ ۽ حالتن کي ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. ڌارين ميري نظر هميشه سنڌ جي وسيلن تي رهي آهي. سنڌ جي شاهوڪاري ۽ سنڌ جا وسيلا ئي سنڌ جي بدقسمتي بڻيا آهن. ڌارين وسيلن جي ڦُرلٽَ ڪرڻ لاءِ سدائين سنڌ جي ِشهرن تي پنهنجو قبضو ڄمائيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهو ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو رهيو آهي . سنڌي ماڻهو ان خوف واري نفسيات سبب شهرن کي ڇڏي ڳوٺن جو رخ اختيار ڪيو. سنڌي قوم جي اها احساس محرومي ۽ خوف واري صورتحال کي ليکڪ ناول جي آکاڻي ۾ بيان ڪيو آهي. مغل صاحب ان دور جي منظرنامي کي بيان ڪندي لکيو آهي.
”مرزا باقيءَ جي حڪومت ۾ ٽٺو هڪ عجيب پراسرار جهڙو شهر بڻجي چڪو هو. مرزا باقي جي حڪومت ٺٽي شهر تي هئي. نصرپور شهر، سيوهڻ شهر، پاٽ شهر ۽ ٻيا ڪي شهر جن جي حدن ۾ ترخان خاندان جي بادشاهت قائم هئي ۽ انهن شهرن کان ٻاهر چئوطرف، ڪوهن جي مفاصلي تي ننڍا وڏا ڪيترائي ڳوٺ اڏيل هئا. جن ۾ سنڌ جا اصلوڪا ماڻهو رهندا هئا. انڙ، جوکيا، نوهڙيا، چانڊيا، سما، سميجا، کهڙا، راهوپوٽا، سهتا، ڏيپار، ڦلاڻا، سوڍا، ساند هنڱورا، ۽ جت وغيره…. “ (ص 157)

تاريخي ناول پڙهندي اسان ماضيءَ جي دنيا ۾ موٽندا آهيون. تاريخ پنهنجي پرَ ۾ هڪ اونهي دنيا آهي. تاريخ جو سبجيڪٽ ماضيءَ جي واقعن، قصن، ڪاميابين، شڪستن، ڪارنامن، ڪردارن جي تشريح ڪندو آهي. دنيا جي ادب ۾ تاريخي ناول ڪنهن به ملڪ جي معروضي حالتن جو آئينو هوندو آهي. تاريخي ناولن ۾ نه فقط ماضيءَ جي لمحن جو جائزو آهي پر اهي ڪنهن به معاشري لاءِ نوان گسَ ٺاهيندا آهن. اهڙن ناولن کي پڙهندي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جيِ ترقيءَ جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي. غلام نبي مغل جي ناول ”اوڙاهه“ ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ننڍي کان ننڍي معاملي، وڏي کان وڏي ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سندس ناول ۾ سنڌ جي خاص پهلوئن کي بحث هيٺ آندو آهي. مٿئين حوالي ۾ سنڌي ماڻهن جي شهرن کان فراريت واري رويي کي مغل صاحب جامع انداز ۾ چٽيو آهي.. ڌارين جي ڪاهن جي نتيجي ۾ آخر سنڌي ماڻهن پنهنجي شهرن کي ڇو ڇڏيو؟ ان سوال جوسبب به غلام نبي مغل پاڻ بيان ڪيو آهي. جڏهن اسان فڪشن کان هٽي ڪري تاريخ کي پڙهندا سين ته ساڳيو ئي الميو ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب ” سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“ ۾ ڄاڻائيندي لکيو آهي؛

”سنڌين ۾ خوف هراس مسلسل قائم رهيو، هميشه ڌارين جي ڪاهن کان شهر ڇڏي ڳوٺن ۽ جهنگن ۾ وڃي لڪندا هئا. اڄ تائين گهڻا ماڻهو جيڪي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، شهرن ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندا آهن، شهر ۾ رهندڙ ڌارين کان هيسيل هوندا آهن“ (ص43)
هن ناول جي آکاڻيءَ ۾ تاريخ جو گهيرو اڀياس ٿيل آهي. ناول کي پڙهندي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ليکڪ جو مطالعو تمام وسيع آهي. مغل صاحب تاريخ جي مختلف لاڙن کي اسان جي سامهون رکيو آهي . هن ناول ۾ تاريخ کي فڪري انداز ۾ بيان ڪيو آهي. مجموعي طور ناول جي باب نائين کان باب سترهين تائين ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڌ تي ڌارين جي مسلسل ڪاهن، خونريزي ۽ ڦرلٽَ سبب سنڌ جو سماج بحران جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڌارين جي ڪاهن جو مرڪز ۽ محور سنڌ جا شهر هئا. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌ جا وڏا شهر ٺٽو، سيوهڻ ۽ نصرپور سياسي، سماجي ۽ اقتصادي لحاظ کان تباهه حال ٿي ويا ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جو وچولو طبقو اُسري نه سگهيو. پلاٽ جي ان حصي ۾ ڌارين جي ڪاهن جي نتيجي ۾ سنڌي سماج جي وچولي طبقي ۾ هڪ وڏ خال پيدا ٿي وڃي ٿو. سنڌ جا شهر مقامي ماڻهن کان خالي ٿين ٿا ۽ انهن جي جاءِ اچي ڌاريا والاري ڇڏين ٿا.

ڌارين جي حڪمراني جي دور جو اختتام ڪندي ناول نويس آکاڻي کي اڳتي وڌائيندي ڪلهوڙن جي دور جي تاريخ کي پيش ڪيو آهي. ڪلهوڙن جڏهن حڪومت سنڀالي ته انهن جي حڪمت عملي کي ناول جي باب ارڙهين ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن باب ۾ ڪلهوڙن جي دور جي پسمنظر کي ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن سنڌ جا شهر ٺٽو، سيوهڻ ۽ نصرپور هر لحاظ کان تباهه حال ٿي ويا ۽ ڪلهوڙن سنڌ جو سياسي اقتدار سنڀاليو ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي گنجي ٽڪر تي هڪ نئون شهر اڏيو، جنهن کي اڄ حيدرآباد چيو وڃي ٿو. ان حوالي سان باب ارڙهين ۾ ٻن ڪردارن جي پاڻ ۾ گفتگو ذريعي ان دور جو منظرنامي کي هئين پيش ڪيو ويو آهي؛

”اڄڪلهه سنڌ جو حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙو آهي. ارغون ترخان ۽ مغلن مان الله، الله جي رسول، سنڌ جي جان ڇڏائي، هاڻ ملڪ آزاد آهي. سڀني جون جان ۽ مال محفوظ آهن. سنڌ جا شهر سڀ ڦٽي ويا. هاڻ بادشاهه هي نئون شهر پيو ٻڌائي. منهنجي مولا جي نالي وارو شهر يعني حيدرآباد. شهر هلي ته ڏسو. ڇا جي دِلي. ڇا جو آگرو. استاد بخشيل، جيڪي ننگر ٺٽي جو ٻڌو اٿئون. تنهن کي وساري ڇڏ. قلعو ئي اهڙو پيو اڏجي، جو سڄي دنيا ۾ واهه واهه ٿي ويندي. ڪوهن ۾ ته بازار آهي. يار چئوطرف دنيا کان ڪاريگر اچي سهيڙيا آهن.“ (ص225)
هن باب ناول نگار هڪ اهم ڳالھ ڌيان ڇڪايو آهي ته جڏهن حيدرآباد شهر اڏجي رهيو ته ان دوران هڪ وڏو مئسلو درپيش آيو ته سنڌ جي شهرن جي آبادي گهٽ هئي. ان خال کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪلهوڙن حڪمرانن ڪوششون ورتيون ته سنڌ واسين کي حيدرآباد شهر ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. ناول جي ڪردار هادي بخش ۽ سندس وزير گدومل سنڌ جي ڳوٺن ڏي سفر ڪري سنڌي ماڻهن کي شهر جي اهميت بابت ٻڌائي رهيا آهن. نيٺ انهن جي ڪوششن عيوض سڄيءَ سنڌ مان ڪاريگرن ۽ هنرمند ماڻهن کي خاص مراعتون ڏيئي حيدرآباد ۾ آباد ٿيا.

ناول جي اڻويهين باب ۾ ٽالپرن جي دور جي آکاڻي بيان ٿيل آهي. ڪلهوڙن جي دور حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ٽالپرن سنڌ جي حڪومت جو واڳون پنهنجي قبضي ۾ آنديون . ناول جي هن حصي ۾ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي اقتصادي، سماجي، نفسياتي صورتحال کي پيش ڪيو ويو آهي .ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جي شهر حيدرآباد هڪ نئون وچولو طبقو پيدا ٿيڻ شروع ٿيو. ۽ ماڻهو ان شهر ڏانهن وڏي تعداد ۾ رخ ڪرڻ لڳا. هن دور ۾ حيدرآباد واپار جو مرڪز هيو. هن ناول ۾ ڪردارن جي عمل ۽ فعل وسيلي مغل صاحب انهن حالتن جو تجزيو ڪيو آهي . مغل صاحب باب اڻوهين جي ابتدا هنن لفظن سان ڪري ٿو،

”1989ع سال، حيدرآباد شهر کي آباد ٿيندي پندرهن سال ٿي چڪا هئا. شهر اڃا پوريءَ ريت آباد نه ٿيو هو. پر جڏهن ميرن جي صاحبي قائم ٿي ته شهر اوج وٺڻ لڳو. ڪمي ڪاسبي، جيڪي شهرن جا ڪهڪايل هئا. سي پاڻ ڇڙا شهرن ۾ ايندا هئا ۽ روزگار ڪمائيندا هئا ۽ کين سئولي ۽ پوءِ ڇٺي ڇهماهي واپس پنهنجن ٻچن سان وڃي گڏ ٿيندا هئا. اها ريت کين جوکم کان خالي لڳندي هئي. ميرن جي صاحبي شروع ٿي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جهڙو حشمت وارو حاڪم تخت تي ويٺو ته عام ماڻهن کي پنهنجن سِرن ۽ اجهن جي سلامتيءَ جي پڪ ٿيڻ لڳي ۽ سنڌ سموريءَ منجهه هڪ ڀيرو وري ماڻهن جي ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن روزگار خاطر، لڏ پلاڻ ٿيڻ لڳا.“ (231)
سنڌ جو اقتدار ڪلهوڙن کان ميرن کسيو، ۽ ناول جي پلاٽ ۾ اهو بيان ڪيو آهي ته ڪلهوڙا ان ڪري سياسي طور جٽاءٌ نه ڪري سگهيا جو انهن جي سياسي صلاحت سگهاري نه هئي. ڪلهوڙا بنيادي طور تي مذهبي ماڻهو هئا ۽ ماضي ۾ انهن جو سياسي تعلق رياستي يا سياسي معاملن سان نه پر خانقاهن سان هو. جڏهن ته ميرن وٽ فوجي قوت هئي. ميرن کي رياستي ۽ سياسي معاملن جو تجربو به هو. جڏهن هنن ڏٺو ته ڪلهوڙن جي اقتدار جي اصل قوت پاڻ ئي آهن ته هنن ڪلهوڙن کان حڪومت کسي ورتي.

ناول جي باب 20 کان 24 تائين ۾ سنڌ جي معروضي حالتن جو تجزيو پيش ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ مذهبي رواداري ڏيکاري وئيي آهي. هڪ پاسي هندو طبقي جي نمائندگي ڪندڙ ڪردار آکاڻي کي اڳتي وڌائن ٿا ٻئي پاسي مسلمانن جي ڪردارن جي عمل ۽ فهم کي بيان ڪيو ويو آهي. ميرن جي دور ۾ سنڌي مسلمانن ۽ هندو سماج جي وچ ۾ تضادن کي به ڏيکاريو ويو آهي. سنڌي هندو تعليم ۽ ڌنڌي جي ميدان ۾ مسلمانن کان اڳتي ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ مسلمان پوئتي ٿيڻ لڳا . ان ڪري سنڌ جي وچولي طبقي جي جاءِ هندن والاري ڇڏين ٿا. باب 25 کان 30 تائين انگريزن جي دور حڪومت ۾ جيڪا سياسي، سماجي اٿل پٿل ٿي ان کي بيان ڪيو ويو آهي. ناول جي آکاڻي جي شروعات انگريزن جي قبضي سان ٿئي ٿي . مغل صاحب باب 25 جي ابتدا ۾ لکي ٿو

”24 مئي 1848ع، انگلستان جي راڻيءَ سڳوري جو ڄم ڏينهن هو. سنڌ ملڪ جي نصيبن ۾ جاگيرداري نظام کي، انگريزي قانون هيٺ سندون ڏيئي، هڪ قانوني ۽ آئيني شڪل ڏني وئيي. انگريزن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو اعلان ڪرايو ته جيڪي جاگيردار ۽ زميندار آهن، سي پنهنجن سندن سان 24 مئي تي حيدرآباد قلعي منجهه شاهي درٻار ۾ پيش پون ۽ سلامي ڀرن ۽ پنهنجي سندن کي نئين سر حاصل ڪن .“ (ص288)

هن آکاڻي ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي جي دور جي عڪاسي ڪئي وئيي آهي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت مقامي جاگيردارن ۽ وڏيرڪي طبقي پنهنجي وطن سان غداري ڪري ڌارين آڏو پيش پيا. ناول ۾ هندو سماج جي واپارين کي انگريزن جي ويجهوڏيکاريو ويو آهي. مسلمان پنهنجي رجعت پسند ۽ قدامت سوچ جي ڪري اڳتي وڌي نه سگهيا. جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن ۾ احساس محرومي پيدا ٿئي ٿي.

هن ناول ۾ ورهاڱي جي وقت جي مقامي منظر نامي کي ليکڪ تمام باريڪ بيني سان پيش ڪيو آهي. پاڪستان جي قيام جي وقت سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائڻ واري المناڪ تاريخي هاڃي جي ناول ۾ اثرائتي منظرڪشي ڪئي وئي آهي. ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪئين هڪ سازش تحت سنڌ مان هندن کي لڏايو ويو . ليکڪ ان واقعي کي هئين بيان ڪيو آهي؛

”آگسٽ 1947 کان پوءِ سنڌ ۾ عجيب واقعا رونما ٿيڻ لڳا. سنڌ جا مسلمان، ڪيترن سئو سالن کان گڏ رهندڙ هندو ڀائرن، دوستن ۽ سڄڻن کي پنهنجي حفاظت ۾ دلاسن سان ۽ پنجهائپ وارا احساس ڏياري ڀاڪر پائي، روئي ، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي يا ڪراچي بندرگاهه تي واپس ورڻ جي آسرن ۾ الوداع چئي رهيا هئا ته ٻئي پاسي هندوستان مان ايندڙ ڪلمي گو ڀائرن کي ريلوي اسٽيشن ۽ بندرگاهه تي دل و جان سان آڌر ڀاءٌ چئي رهيا هئا. شايد دنيا جي تختي تي اهڙي لڏ پلاڻ يا ٻئي ملڪ منجهان آمد نه ٿي هوندي، جِت ملڪ جا ماڻهو ويندڙ سان روئي موڪلائن ۽ ايندڙن مان به ارها به هجن . اهو جذبو سنڌ ملڪ جي عام رهاڪو جو هو. جيڪو سادگيءَ جي معراج جو مثال هو . (ص 384)

1947ع ۾ سنڌ جي آبادي ۾ جيڪا لڏپلاڻ ٿي ان کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي انهن واقعن کي ناول جي پلاٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ هندو واپاري سماج جي جاءِ تي مهاجرن قبضو ڪيو ۽ مهاجرن جو جيڪو سنڌين سان ورتاءٌ رهيو ان رويي کي بيان کي ناول نويس ڏيکاريو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌين سان ذيادتين جي نتيجي ۾ جيڪا بيچيني پيدا ٿي ان کي ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ورهاڱي کان پوءِ هڪ سازش تحت سنڌ مان هندن کان لڏايو ويو ۽ ائين سنڌ مان اهو وچون طبقو هڪ ڌڪ سان لڏي ويو، جنهن کي سنڌ ۾ سماجي ۽ اقتصادي لحاظ کان ڪرنگهي حيثيت حاصل هئي.
.مغل صاحب ”اوڙاهه“ ناول جي لکڻ جو مقصد پنهنجي قوم ۾ تاريخي شعور پيدا ڪرڻ آهي .هي ناول پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته ”اوڙاهه“ ناول هڪ اهڙو ٻوٽو آهي، جيڪو ڄڻ ته خلا ۾ ڦٽي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ ئي اڳتي وڌي ٿو. مغل صاحب جو ناول تاريخ ۽ موجوده دور جي سياسي، سماجي، معاشي، نفسياتي، تهذيبي ۽ فڪري حالتن ۽ عنصرن جو جائزو ورتو آهي. سنڌ جي چار صدين جي تاريخ جو جائزو شاندار انداز ۾ ورتل آهي. هي ناول هن دور جي ذهني، شعوري، سياسي، اقتصادي، ۽ فڪري ارتقا کي ذهن ۾ رکي مغل صاحب تخليق ڪيو آهي. ناول ۾ سنڌ جي مڊل ڪلاس ماڻهن جو عڪس چٽيو ويو آهي. مغل صاحب سنڌ جي مڊل ڪلاس طبقي تي گهيرو اڀياس ڪندي انهن جي اهميت کي بيان ڪيو آهي. هن ناول جو مرڪزي موضوع سنڌي وچئولي طبقي جي ڪردار کي پيش ڪرڻ آهي. مغل صاحب ناول جي مهاڳ ۾ ناول لکڻ جي سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو :

”سنڌ جو سڀ کان وڏو مئسلو اهو آهي ته سنڌين جي شهرن ۾ هيٺيون وچولو ڪلاس ۽ وچولو ڪلاس صدين کان وجود ۾ نه رهيو آهي ۽ هاڻ اڄڪلهه جڏهن سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ وڙهجي پئي ته اسين سنڌي شهري وچولي ڪلاس جي نه هئڻ ڪري، بقا جي ويڙهه ۾ هڪ اهڙي عذاب، اوريڪ ۽ اوڙاهه منجهه اڙجي ويا آهيون، جو لڳي ائين پيو ته شايد تاريخ جي پنن تان ميسارجي نه وڃون“

هن ناول ۾ سنڌ جي وچولي طبقي جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو آهي. ڪنهن به سماج ۾ وچئين طبقي جو ڪردار ڪئين هوندو آهي؟ ۽ سنڌ ۾ وچئين طبقي جي کي ڪئين هجڻ گهرجي؟ انهيءَ منجهيل سوال کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئيي آهي. جڏهن به ڪو سماج پيداواري ناتن ۽ ذريعن جي تبديليءَ سبب ٻهراڙي کان شهري سماج ڏي منتقل ٿيندو آهي، اهڙي اٿل پٿل ۽ تبديليءَ جي نتيجي ۾ جيڪو نئون شهري طبقو پيدا ٿيندو آهي، ان کي سماجياتي ٻوليءَ ۾ وچئون طبقو (مڊل ڪلاس) چيو ويندو آهي. مڊل ڪلاس طبقو جو ڪنهن به سماج جي ترقيءَ ۽ تنزلي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو طبقو سماج جي نون سماجي ۽ پيداواري ناتن، ذريعن ۽ روين جو ترجمان هوندو آهي. ان ڪري مڊل ڪلاس طبقو سماج جي اڏاوٽ ۾ هڪ محرڪ قوت طور ڪردار ادا ڪندو آهي. پر سنڌ جي تاريخ ۾ مڊل ڪلاس طبقي جو هميشه خال رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سماج جي ترقيءَ جي رفتار تمام سست رهي آهي . ۽ نتيجي طور سنڌ جي مکيه وڏن شهرن ۾ هميشه ڌارين جاءِ اچي والاري آهي. ڌاريا حاڪم جڏهن به سنڌ تي ڪاهي آيا آهن انهن جو پهريون نشانو سنڌ جا شهر ۽ وچون طبقو رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ليکڪ مهاڳ ۾ ڪيو آهي ته

”جڏهن به سنڌ ۾ ڌاريا حملي ڪندڙ آيا، سنڌ جي آزادي کي غضب ڪئي وئي ته سڀ کان پهرين انهن بين القوامي دهشتگرد حملي آوار حاڪمن سنڌ جي شهرن ۾ آباد وچولي ڪلاس کي ماري، قتلامن جا سلسلا جاري ڪرائي، شهر خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سنڌي شهري وچولو ڪلاس سڀ کان اڳ ارغون دور ۾ ”جهنگ_منهن“ ڪري ويو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي عملدارن جي دور جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جي شهرن مان سنڌي وچولي ڪلاس کي ۽ انهن سان گڏ ڪمين ڪاسبين کي هڪ لاڳيتي خوني عمل سان شهرن منجهان تڙي يا مري ڪڍيو ويو ۽ انهيءَ عمل جي ڪري ڌاريا ارغون، ترخان ۽ مغل پنهنجي حاڪميت سنڌ جي شهرن ۽ اوسي پاسي جي ٻهراڙين تائين برقرار رکي سگهيا ۽ سنڌ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جو اهو عمل ٽئي سئو سالن کان به مٿي جاري رهيو ۽ سنڌ اهڙيءَ طرح سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي طور تي مڪمل تباهيءَ جي ڪناري تي اچي پهتي“ (ص9)

هن ناول ۾ رومانويت کان هٽي ڪري سنڌ جي تاريخ، سياست، نفسيات ۽ سنڌ جي شعور تي دل لڀائيندڙ بحث ٿيل آهن ۽ مغل صاحب جو وڏو ڪمال ته وري سندس سنڌوءَ جيان اڇل کائيندڙ ٻولي آهي. ناول ۾ سنڌيت جو درس به ڏنل آهي. ته سنڌ جي سياست تي تنقيد به آهي. ليکڪ جو مقصد اهو نه فقط تاريخ کي ورجائڻ آهي، پر موجوده دور جي حالتن کان آگاهي پڻ آهي. قوم کي ڪهڙي رخ ڏانهن وڃڻ گهرجي، هن ناول ۾ تجويزون پڻ ڏنل آهن . مثال طور

”بس يار اوهان نوجوان پڙهو، نوڪرين ۾ اچو ۽ ڪجهه اڻ پڙهيل يا اڌ پڙهيل شهرن ۾ اچي ڪارخانن ۾ ڀرتي ٿين ۽ شهرن ۾ هڪ هيٺين وچولي ۽ وچولي طبقي جو وجود ۾ اچي ته پوءِ Survival جي ڇڪتاڻ شروع ٿئي، نه ته جيڪا ملهه اڄڪلهه ٿئي پئي سا بي جوڙ آهي ۽ سنڌي ڪلچرل، پوليٽيڪل ۽ اڪنامڪ سيلاب آڏو بيهي نه سگهندا… ۽ سنڌ جو مظبوط ڪلاس پير، مير، وڏيرو ۽ خان، پورس جي هاٿين وارو رول ادا ڪندا“ (ص474)

ناول اوڙاهه ۾ تاريخ کي سائينسي پهلو ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ ڪيترائي مقصد لڪيل آهن. ناول ۾ انيڪ موضوع ۽ مقصد ڀريا پيا آهن. هن ناول جو مقصد سمنڊ جيان عميق آهي. تاريخ هوئين به گهڻ رخو موضوع آهي. تاريخ جي سبجيڪٽ ۾ هڪ وسيع جهان آهي. اوڙاهه ناول ۾ به ليکڪ جا کوڙ سارا مقصد سامهون اچن ٿا. پر سڀني کان اهم مقصد پنهنجي ديس ۽ قوم سان پيار جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي . مغل صاحب جو سنڌ لاءِ جذباتي رويو آهي. جڏهن به تخليقار تخليق ڪندو آهي، ته سندس جي ذاتي ڪردار جو عمل دخل پڻ هوندو آهي. هن ناول ۾ مغل صاحب سنڌ لاءِ فڪرمند نظر اچي رهيو آهي. مغل صاحب جي قلم جي مسُ علم جي وسعت ۽ ڏاهپ سان ڀري پئي آهي. هن نه فقط قوم جي معروضي حالتن جو تجزيو ڪيو آهي، پر قوم جي اجتماعي نفسيات جو جائزو پڻ ورتو آهي. مغل صاحب لکي ٿو ته

”هنئير مسئلو هندو مسلم جو ناهي پر اڳتي وڌي تعليمي، اقتصادي ۽ سماجي ذريعن کي حاصل ڪجي ۽ پنهنجي حالت درست ڪجي. پر يار اسان اڃا به روهڙيءَ منجهان سکر يا حيدرآباد منجهان ڪوٽڙي پهچون ٿا ته سمجهه پرديس ۾ اچي وڃون ٿا. تون واقعي صحيح ٿو چئين ته اسان جي هٿان ڪراچي ته نڪري ويئي آهي. اُت يا ته اردو ڳالهائيندڙ آهن يا پنجابين جا حشام آهن. هاڻ ته پٺاڻ به جام نظر اچڻ ٿا. ٻي ڳالهه ته اُت عام محاورو اهو آهي ته ڪراچي ڄڻ الڳ آهي. سڀ ماڻهو چوندا ائين آهن يار سنڌ وڃان ٿو. يا جيڪڏهن آءٌ ڪراچي ويس ته چوندا سنڌ مان آيو آهي“ (ص430)

ناول جو پلاٽ فني لحاظ کان مرڪب پلاٽ آهي. ناول جي آکاڻي جي ابتدا حيدرآباد 1980ع ڪشيدگيءَ واري صورتحال کان ڪئي وئيي آهي. اڳتي هلي ڪهاڻي کي فليش بيک ٺٽي شهر جي دو کان پورچوگيزن جي حملي ۽ ارغونن، ترخانن، ۽ مغلن جي دور واري عڪس کي بيان ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ آکاڻي کي ڪلهوڙن، ميرن ۽ انگريزن جي دور مان گذاري پاڪستان ٺهڻ تائين جي آهي. هن ناول جي پڄاڻي حيدرآباد واري ساڳي دور ۾ ٿئي ٿي جتان ناول جي شروعات ڪئي وئي هئي. هن ناول جي آکاڻي ۾ ڪٿي ڪٿي جهول نظر اچي ٿو. مثال طور ناول جي شروعات ۾ حيدرآباد 1980ع جي صورتحال جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ سنڌ جي ماضي ڏي موٽايو ويو آهي. جيڪڏهن ناول جي شروعات ئي ٺٽي کان ڪئي وڃي ها ته ناول جو تاثر وڌيڪ اثر انگيز ٿئي ها. ڇو ته تاريخي ناول جي گهرج اها آهي ته اهڙن ناولن ۾ تاريخ کي تسلسل ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. ناول جي آکاڻي ۾ جيترو تسلسل هوندو اوترو ئي جاندار پلاٽ سمجهيو ويندو آهي.
ناول جي آکاڻيءَ ۾ تاريخ کي تڪڙو گذاريو ويو آهي. جئين ڪلهوڙن جي دور جي عڪاسي ناول ۾ مختصر ملي ٿي. جڏهن ته ميرن جي دور جي پڄاڻي بغير نتيجي ڏيکاري وئيي آهي. اهڙي ريت انگريزن جي دور کي گهٽ فوڪس ڪيو ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن غلام نبي مغل هن ناول کي ٽرايالوجي فن تحت لکي ها ته ائين هر دور کي اڃان تفصيلي طور اسان جي سامهون پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها. بحرحال ناول جي خوبي اها آهي ته تاريخ کي غيرجانبدار ٿي بيان ڪيو ويو آهي. غلام نبي صاحب پنهنجي ناول ۾ ڪٿي به پنهنجو فيصلو نه ٻڌايو آهي. هن فقط صورتحال کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جهڙي ڪاميابي سان حيدرآباد جي پسمنظر کي ڏيکاريو ويو آهي . ان ڪامياب منظرنامي ئي ناول جي فني خامين تي پردو وجهي ڇڏيو آهي. ناول جي مقصد حيدرآباد شهر جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ غلام نبي مغل مڪمل ڪامياب ٿيو آهي. هي ناول سنڌ جي تاريخ جو هڪ اتهاس آهي.تاريخي ناولن جي فهرست ۾ هن ناول کي پهرين صف ۾ ضرور شامل ڪيو ويندو.