بٺوري ۾ مڙس ڪهاڙيون هڻي زال کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو

ميرپوربٺورو:- جاتي چوڪ ڀرسان ڳوٺ عثمان مالھيو جي رھواسي مڙس اصغر ملاح مبينا طور تي ڪھاڙين جا وار ڪري پنهنجي گھر واري روزينا ملاح کي سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو, جڏهن ته زخمي ناري کي سندس پيءُ حسين ملاح تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو کڻائي آيو جتي ليڊيز ڊاڪٽر جي ھجڻ باوجود کيس ميل ڊاڪٽر علاج ڪندا رھيا, جڏھن ت کيس مٿي ۽ منھن ۾ ڪھاڙي جا ڌڪ لڳڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد روانو ڪيو ويو آھي,ھوڏانھن زخمي ناري روزينا ملاح ٻڌايو ته سندس مڙس گذريل ڪافي مھينن کان بيروزگار ويٺل آھي ڪو ڪم ڪار نٿو ڪري کيس چيم ت وڃ گذر سفر ڪر جنھن تي مڇرجي ھن منھن ماري ڪئي جنھن بعد آئون ويٺي ھيس ت مون کي مٿي ۽ منھن ۾ ڪھاڙيون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو, منھنجي رڙين تي منھنجي ماء ۽ زميندار ڊوڙي اچي مون کي ڇڏايو جنھن تي منھنجي گھر واري منھنجي امان کي به ڌڪ ھنيا, ناري جي پيء ٻڌايو ت منھنجو ناٺي جا رويا ڪافي ٽائيم کان صحيع ن ھئا ھر ڳالھ تي جھيڙيندو رھندو ھو پر اڄ ھن منھنجي ڌي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ان صورتحال ۾ اسان ساڻس ڪو به ٺاھ نٿا چاھيون ۽ ھاڻ روزينا ب سندس ور سان گڏ رھڻ کان انڪار پئي ڪري سو اسان انصاف جو در کڙڪائي جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائينداسين ان موقعي تي سندس ماء جو چوڻ ھو ت شادي کي اٺ سال ٿي چڪا آھن سڄو خرچ پکو اسان جي مٿان ھو ۽ ھن چيو ته بٺورو اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر چڪاس ڪرڻ ن آئي  ھن مطالبو ڪيو ت جوابدار کي گرفتار ڪري کيس سخت سزا ڏني وڃي. جڏھن واقعي جو اڃان تائين ٻارڻ آباد پوليس چوڪي تي ڪو به ڪيس داخل ن ٿي سگھيو آھي ان سلسلي ۾ ٻارڻ آباد ٿاڻي جي وڏي منڇي رمضان ٿھيم ٻڌايو ت جوابدار جي ڳولا ۾ پوليس نڪتل آھي پر ھو ڳوٺ مان روپوش ٿي ڪنھن نامعلوم ھنڌ ڏانھن فرار ٿي ويو آھي جنهن سبب سندس گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي ۽ فريادي جنهن مھل چاھين جوابدار خلاف ايف آئي آر ڪٽرائي سگھن ٿا.