can i get someone to write my essay how to get help with your homework university of texas creative writing faculty website for thesis research interesting creative writing activities will writing service brentford creative writing the sun clipart images for creative writing computing coursework help homework help pre calc belfast met creative writing creative writing phd rankings 2018

بي گهر ڌرتي ڌڻي ۽ تشدد جو شڪار پي ايڇ ڊي: ليکڪ ڪامريڊ بخشل ٿلهو

عام طور عوام ۽ رياست جي وچ واري معاهدي ۾  شهرين جا حق ۽ رياست جا فرض ٿيندا آهن پر حقيقت اها آهي ته پنهنجي عوام بدران عالمي سرمائي جو  تحفظ ڪندڙ  پاڪستان جهڙي ٽين دنيا جي رياستن ۾  اسان اڃان شهري (citizens) نه پر شيون (subjects) آهيون ۽ شين جا حق اسان وٽ ناهن هوندا. پاڪستان هڪ   ڪرائيدار (Rentier)رياست آهي.  سادن لفظن ۾ پاڪستان اُها رياست  آهي جيڪا پنهنجي عوام جي جيئڻ جي وسيلن کي عالمي سرمائي  ۽ گهڻ قومي ڪمپنين جي جهولي ۾  اُڇلي، موٽ ۾  صرف نال ۽ ڪرايي (فارين ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ) جي ڪاڻ رکندي آهي.  اهو ڪو اتفاق ڪونهي ته  ملڪ جي صنعت ۽ زراعت ڏينهون ڏينهن پوئتي ۽ صرف بئنڪون پنهنجي منافعي سان چوٽ چڙهي رهيون آهن. بئنڪون جيڪڏهن صرف پيسي جي ڏي  وٺ تائين محدود هجن ها ته سندن پلئه ايتري واڌ نه پئي ها. سندن هٿ ۾ عوام جي ڦُريل پيسن سان گڏ قرضي قوم جون زمينون آهن. پاڪستان ۾ هن وقت به سڀ کان گهڻي سيڙپڪاري ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ ٿي رهي آهي.  ايئن بئنڪون،  ورهاڱي کان اڳ واري هندو سيٺين جيان پر تهان وڏي سطح تي سماج جي اقتصادي ضابطي جا ادارا بڻجي ويون آهن، جيڪي ڌرتي ڌڻين جي پيرن هٺيان زمين کي تيزي سان ڪڍنديون وڃن ٿيون. بئنڪ ته  هڪ وسيلو آهي پر سمورو حڪمران طبقو هڪ ٿي “زمين بو، زمين بو” ڪندو ٿو وتي. ترقي ۽ قبضن جي خاتمي جي بهاني هيٺ کين گهربل رڳو عام عوام جي زمين آهي. ملڪ جو سڀ کان وڏو انصاف جو ادارو (سپريم ڪورٽ) پڻ رياست جي مٿي ڄاڻايل جوهر جي عين مطابق 460 ارب رپين جو نال وٺي ان سموري ڦُرلٽ مٿان “قانوني” جو ٺپو هڻي چڪو آهي.

1973ع جو ملڪي آئين چوي ٿو: رياست، بنا ڪنهن صنف، ذات، عقيدي يا نسل جي فرق جي، پنهنجي انهن سمورين شهرين کي زندگي جون سڀ بنيادي ضرورتون جهڙوڪ اٽو، لٽو، اَجهو، تعليم ۽ طبي مدد فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي جيڪي  ڪمزوري، بيماري يا بيروزگاري سبب عارضي يا مستقل طور پنهنجي گذران جي اهل ناهن. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي 12 سالن کان حڪومت آهي ۽ اُن جو به نعرو به  اَٽو لٽو ۽ اجهو رهيو آهي. پر   “ڇين رها هي هر حڪمران، روٽي، ڪپڙا اور مڪان”  مصداق، ٿئي اُن جي اُبتڙ پيو ۽ اِهو ئي ٿيڻو هو. ڇاڪاڻ ته حڪمران طبقن (۽ انهن جي سياسي پارٽين) جا مفاد خاص حالتن ۾ رياست کان ڌار پر عام حالتن ۾ سماج جي اڪثريت خلاف، رياست سان ئي ٻِٽ هوندا آهن.

پاڪستان، دنيا جي انهن آڱرين تي ڳڻپجندڙ ملڪن منجهان هڪ آهي جتي  شهرڪاري (urbanization) جي شرح  تمام گهڻي آهي. حڪمرانن جي غير منصوبابند ۽ ناقص پاليسين سبب تمام گهڻو تيزي سان شهرن جي ٻهراڙي ۽ زرعي زمين رهائشي، ڪمرشل ۽ ڪارپوريٽ مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. ملتان ته هڪ تازو مثال آهي، جتي ڪجهه سالن کان شهر پاسي انبن جي باغن کي وڍي ڊي ايڇ اي جو پيٽ ڀريو پيو وڃي ۽ ايئن زرعي معيشت ۽ کاڌ خوراڪ ۾ پنهنجي پاڻ ڀرائپ کي ماريو پيو وڃي. ياد رهي ته  1985ع ڌاري ڪراچي جي ضرورت جو ستر سيڪڙو سبزي ۽ ميوو  شهر جي ئي ٻهراڙي منجهان ايندو هو، هاڻ اُهو ڏهه سيڪڙو کان به هيٺ ڪري پيو آهي.  40 سالن کان حڪمران ڪنهن وڏي سرڪاري رهائشي پراجيڪٽ کي مڪمل نه  ڪري سگهياآهن.  نئين هائوسنگ پاليسي کي ٺهي به  20 سال ٿي ويا . شهر ۽ ٻهراڙي کي ملائي ڪري ڏسجي ته ملڪ ۾ هر سال ست لک نون گهرن جي ضرورت هوندي آهي. جيڪي ترتيب وار  62 سيڪڙو غريب 25 سيڪڙو وچولو ۽ 10 سيڪڙو  مٿئين طبقي جي ماڻهن لاءِ هوندا آهن. جنهن منجهان به اڌ تي اڌ گهرج پوري ناهي ٿي سگهندي ۽ ايئن اڳ کان موجود بي گهر خاندانن منجهه  اضافو ٿيندو ويندو آهي. مٿيون  طبقو ته هر جاءِ تي  ۽  وچولو طبقو به ڪنهن هڪ هنڌ گهر هٿ ڪري وڃي ٿو  ۽ پر اهو غريب طبقو آهي جنهن جي قسمت ۾ حڪمرانن دربدري لکي آهي. اُهي عارضي طور شهرن جي ڪچي آبادين يا شهرن جي پاسي ۾ زرعي يا سرڪاري زمينن تي ويٺل هوندا آهن. پي ٽي آءِ جو واعدو هو ته اُها پنجاهه لک گهر ڏيندي. پر اها اڃان تائين مخالفن کي گاريون ڏيڻ ۾ پوري آهي.  لڳي اِهو ٿو هائوسنگ اسڪيم جو ٺيڪو سرڪار ۽ حڪمران طبقن  نجي بلڊرن (ملڪ رياض) ۽ طاقتور ادارن کي ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪي عام کي رهائش ڏيڻ بدران کين لڏائڻ ۽ زمين مٿان سٽي بازي ذريعي مچي مواڙ ٿي رهيا آهن. هر عام ماڻهو سمجي ٿو تعمير لاءِ تخريب به ٿيندي. آبادي جي وڌڻ سان انتظامي طور وڏا ۽ سخت فيصلا اڻٽر ٿي پوندا آهن  پر ان تي عمل درآمد جا به ڪي طريقا ٿيندا آهن. لاڳاپيل آبادين کي مهينا اڳ نوٽس ڏنا ويندا آهن ۽ ان سان گڏ گهر بدلي گهر يا ڪا ٻي ڪمپنسيشن هوندي آهي. هتي 40 سالن کان رهندڙ ماڻهن کي 40 ڪلاڪن جو الٽيمٽم ڏئي، ٻارين ٻچين روڊ تي آندو وڃي ٿو.   هن ئي سال يارهين جنوري تي لوڪل گورنمينٽ منسٽر ناصر علي شاهه واعدو ڪيو هو ته جنهن جا گهر ڊهندا تن کي ٻن سالن جو ڪرايو ادا ڪيو ويندو. پر نام نهاد جمهوريت پسند خانه پوري ڪري ان ڏس ۾ مليل ورلڊ بئنڪ جا پيسا به ڦٻائي ويا.

عام خيال اِهو هوندو آهي ته طبقاتي جدوجهد ۽ جنگ خاص مرحلي يا وقت تي شروع ٿيندي آهي. پر سماجي سائنس مٿان سطحي نظر به سمجهائي ٿي ته ڪڏهن محڪومن ته ڪڏهن حاڪمن جي حق ۾ پر اِها جنگ   معاشي، سياسي ۽ نظرياتي دائرن ۾  هر پل جاري رهي ٿي. حڪمران ڪورونا وبا جي آڙ ۾،  قوم ۽ عوام  دُشمن پاليسين تي عملدرآمد ويتر تيز ڪندي، جيڪڏهن مهانگائي، بيروزگاري، نجڪاري،  ڪانٽريڪٽي ۽ ٺيڪيداري نظام،  انڪروچمينٽ ۽ ترقي جي نالي ۾  عام جا اَجها ٻاري ڏياري ڪن ٿا ته انهن خلاف هر جڳهه تي هاڻ مزاحمت به وڌي رهي آهي. تازو اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن پاران پگهارن ۾ واڌ لاِءِ ٿيل وڏا احتجاج ته سڀ جي سامهون آهن پر ان سان گڏ  اسٽيل مل، پي آئي اي، ڪانٽريڪٽي ملازم (سنڌ ۾ آئي بي اي هيڊ ماسٽرز، پنجاب ۾ سيڪنڊري اسڪول ايجوڪيٽرز ، پي پي ايڇ اي ورڪرز، ڪووڊ دوران ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرز  ۽ نرسون، ليڊي هيلٿ ورڪرز، حيسڪو ڪانٽريڪٽ امپلائيز  وغيره) زرعي پاليسين خلاف هاري ۽ آبادگار، گهرن جي ڊهڻ کانپوءِ دربدر ٿيندڙ هر جڳهه تي هزارن جي تعداد ماڻهو سڀ احتجاجن ۾ آهن. لازمي طور اهي ۽ اهڙا اڻڳڻيا احتجاج سماجي گُهرجن ۽ معاشي سُڌارن  تائين ئي محدود هوندا آهن. انهن جو سياسي طور شعورجڻ ۽ پنهنجي نظرياتي بنيادن تي اظهارجڻ جو عمل ڊگهو ۽ پيچيده ٿئي ٿو.

ڪنهن به ڳوٺ ۽ ڪچي آبادي کي ڊاهڻ مهل حڪمرانن جي اها ئي پروپئگينڊا هوندي آهي ته اُتي غير قانوني ۽ ڏوهاري ماڻهو ويٺل آهن. ڪارپوريٽ ميڊيا جي مهربانيءَ سان ان ڪوڙي تشهير غير متاثر عام ماڻهو کي به پنهنجي اثر ۾ وٺي ٿي. (اهو تجربو اسان کي  تڏهن به ٿيو جڏهن اسلام آباد کي ٺاهڻ واري آءِ اليون جي ڪچي آبادي کي بلڊوز ڪيو ويو). ڇا اينٽي انڪروچمينٽ ادارا وڏن قبضن (ڪيٽيون ۽ ڪينٽومينٽ )خلاف به ايئن سرگرم آهن، جيئن پوري ملڪ يا سنڌ اندر ڪراچي کان ڪشمور تائين غريبن جي جهڳن کي پٽ ڪيو ٿو وڃي؟  ها ماڻهو غير قانوني طور سرڪاري زمين تي ويهي رهن ٿا پر جتي سموري عمر پورهيو ڪرڻ باوجود ماڻهو گهر نه جوڙي سگهي اُتي سرڪار ئي پاڻ لازمي طور غير قانوني هوندي آهي. ساڳي ئي ڳالهه ڏوهه ۽ ڏوهاري بابت به چئي سگهجي ٿي. اسيمبلين، هيڊڪوارٽرن ۽ پنج تارن هوٽلن ۾ ويٺل امير ڪبير ڏوهاري ئي پنهنجي سهولت لاءِ هڪ دور ۾ ننڍا ڏوهاري پيدا ڪندا آهن ۽ ٻئي دور ۾ انهن ننڍن ڏوهارين کي فل فرائي ۽ هاف فرائي ڪرائي امن ۽ انصاف جا عملبردار ٿيندا آهن. ٽي وي ۽ اخبار ذريعي اهو ئي حرامخور طبقو عام جي ذهن ۾ پنهنجي  ڪوڙ جون اُلٽيون اوتيندو رهندو آهي ۽ عام به بس هڪ امن (جي صراب) خاطر پنهنجي عقل، روح ۽ ضمير جي نڙيءَ تي پاڻ لت ڏئي بيهي رهندو آهي.

هماري درد ڪا جالب مداوا هو نهين سڪتا

ڪه هر قاتل ڪو چاره گر سي هم تعبير ڪرتي هين

ٻيا ته پنهنجي جڳهه تي پر مظلوم ۽ محڪوم به جڏهن مزاحمت ڪندا آهن ته اُهي پهرين ڏاڪي ۾ سور پنهنجا پر خيال حڪمرانن جا ئي اڳيان ڪندا آهن. جوهي پاسي پاڻي کوٽ لاءِ پوئين ڪجهه سال کان ٿيندڙ احتجاجن ۾  مظاهرو ڪندڙن شروع ۾ گُهر ڪئي پئي ته واٽر ڪورسن تي رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي، جن جا گهر ڊهن ٿا سي پِڻ جنرلن کي اپيل ٿيل بينر هٿ ۾ کڻي بيهندا آهن. تازو ڪراچي ۾ آئي بي اي هيڊ ماستر ۽ ماسترياڻين (جن ۾ 50 کان مٿي پي ايڇ ڊي ۽ ڏيڍ سو کان مٿي ايمفل اسڪالر آهن) جي احتجاج ۾ به استادن جي هٿ ۾ بلاول ۽ آصف زرداري جي فوٽن وارا بينر هيا ۽  ويٺل استادن جيڪي نعرا هنيا پئي، تنهن ۾ هڪ نعرو اهو به هو ته پاڪستان جو مطلب ڇا؟. پر جڏهن پوليس لٺيون وسايون  ۽بهادر استادن ۽ استادياڻين اُن کي منهن به ڏنو ته ان نعري جو اصل جواب به سامهون اچي ويو . سو جدوجهد جي عمل ۾ ئي عوام پنهنجي حقيقي سياسي ۽  نظرياتي شعور کي حاصل ڪندو آهي.