بي نظير ڀٽو حيرت وچان چيو ته سائين جي ايم سيد جو انٽرويو! ڇو؟ خدا بخش جويو

بي نظير ڀٽو حيرت وچان چيو ته سائين جي ايم سيد جو انٽرويو! ڇو؟
يادگيري؛ خدا بخش جويو

نواز شريف جي وفاقي حڪومت لکپڙهه جي ڏي وٺ کان پوءِ صوبائي حڪومت سنڌ کي سائين جي ايم سيد جي سن ۾ قائم لائبريري جي مائڪرو فلمنگ ۽ سندس حياتي بابت دستاويزي وڊيو فلم ۽ سندس ساروڻين تي مشتمل هڪ طويل انٽرويو ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان کان اڳ ۾ سنڌ حڪومت سائين جي ايم سيد کي سندس تاريخي لائبريري خريد ڪري ڏيڻ لاءِ ڪروڙين روپين جي آڇ ڪئي هئي پر سائين جي ايم سيد پنهنجي لائبريري سنڌ حڪومت کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت طرفان سائين جي ايم سيد جي لائبريري جي مائڪرو فلمنگ ڪرڻ ۽ سندس حياتي بابت دستاويزي وڊيو فلم ۽ سندس ساروڻين تي مشتمل هڪ طويل انٽرويو ڪرڻ جي اجازت ملڻ بعد صوبائي ثقافت کاتي طرفان سن ۾ موجود تاريخي لائبريري ۾ موجود هزارين ڪتابن، قلمي نسخن جي مائڪرو فلمنگ ڪرڻ لاءِ اسٽاف پهچي ويو جن اچي پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان وقت سيد جي لائبريري ۾ نادر ۽ ناياب ڦوٽن کان علاوهه قائد اعظم سميت ننڊي کنڊ جي سياسي شخصيتن جي خطن تي مشتمل چو ونجاهه فائيل شامل هئا، ان کان سواءِ سيد جون ذاتي ڊائريون، جيڪي هو 1920ع کان 1986ع تائين باقاعده روزانه لکندو پئي آيو سي پڻ موجود هنيون. ان وقت ٿقافت کاتي طرفان آيل/ مقرر ٿيل اسٽاف جي ماڻهن کي سائين جي ايم سيد جي نظر بندي هوندي ، سندس خلاف هلندڙ بغاوت ڪيس جي فرد جرم جي جواب ۾ لکيل سائين جي ايم سيد جو جواب جيڪو 250 صفحن تي مشتمل هو ، ان جو نقل پڻ مائڪرو فلمنگ واسطي ڏنو ويو.ان کان سواءِ سيد جي ذاتي زندگي تي پڻ دستاويزي وڊيو فلم به تيار ڪئي وئي. سيد جي ساروڻين تي مشتمل وڊيو انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ هڪ پينل جنهن ۾ سنڌ ثقفت کاتي جو سيڪريٽري حميد آخوند، ڊائريڪٽر جنرل ممتاز مرزا ۽ گروپ آف پبليڪيشن جو سرواڻ حميد هارون سن ۾ اچي سيد جو ڪيترن ڏينهن تائين انٽرويو رڪارڊ ڪيو هو.
وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت وڄ ۾ ان سلسلي ۾ جيڪا لکپڙه جي ذريعي اها اجازت ملي هئي ان ۾ ان وقت جي گورنر محمود اي هارون جي ذاتي دلچسپي ۽ ڪردار هو. ٿقافت کاتي پاران مقرر ٿيل اسٽاف ۽ ٻين مهمان جي رهائش ، کاڌي پيتي جو سمورو انتظام سيد جي حويلي سر انجام ڏنو . انهن سان گڏ نظر داري لاءِ وقتن بوقتن ماستر غلام قادر هوندو هو. ۽ مستقل طور تي سندن حاضري ۾ ٻه نوڪر ۽ سن جو نوجوان سيد علي حيدر شاهه جي پڻ ڊيوٽي لڳل هئي.
24 فيبروري 2019 تي ڪراچي ۾ سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ سنڌ جي عظيم هستي، سائين جي ايم سيد جي جدوجهد، شخصيت، تاريخ ۽ ان جي لازوال ڪردار بابت هڪ شيشن ٿيو : مهمانن ۾ غلام شاهه، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي. هئا ۽ ماڊيٽر حميد سبزوئي هو. ان سيشن ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي: ٻڌايو ته : مان جڏهن سيڪريٽري ڪلچر هيس ان وقت قائم علي شاهه منهنجي محترمه بينظير ڀٽو سان منهنجي روبرو شڪايت ڪئي ته ميڊم اڪبر راشديءَ سائين جي ايم سيد جو انٽرويو ڪيو آهي. مون سوچيو ته مون ته انٽرويو ڪيو ئي ناهي پر پوءِ ياد آيو ته اهو انٽرويو
آرڪائيز وارن ڪيو هو. بي نظير ڀٽو حيرت وچان مون کي چيو ته سائين جي ايم سيد جو انٽرويو!؟ ڇو؟ ان تي مون چيو

Why not this is a personality. When the history of Pakistan will be written, it will be incomplete without the name of G M. Syed.
So I think it is very important for our children, for the next generation.
ڇو نه؟ هي هڪ شخصيت آهي جڏهن پاڪستان جي تاريخ لکي ويندي ته اها جي ايم سيد جي نالي کان سواءِ اڻ مڪمل هوندي سو مان سمجهان ٿي ته اسان جي ٻارن جي لاءِ ، ايندڙ نسلن لاءِ هن جو انٽرويو ڏاڍو ضروري آهي.
پوءِ ان تي انڪوائريون ٿيون ۽ الائي ڇاڇا ٿيو. ائٽي استيٽ جا ڪيس ٿيا . اهي انٽرويو آرڪائيز جو حصو آهن. هنن کي کپي ته اهي ڇپرائي پڌرو ڪن. رڪارڊ سنڀاليل هوندو آهي. جيئن سنڌ الاجي ۾ به تمام وڏن ماڻهن ۽ مفڪرن جا انٽرويو ز رڪارڊ ٿيل موجودآهن. هاڻ انهن کي گهرجي ته اهي ڇپرائين ۽ ماڻهن جي آڏو آڻين.
هڪ ڳالهه اسان کي ياد رکڻ کپي ته پنهنجا ڪهڙا به خيال هجن انهن کي هڪ پاسي رکي سنڌ جا جيڪي ساڃاه وند رهيا آهن يا جن سنڌ جي جدوجهد ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح جو حصو ورتو آهي . اسان سڀني تي فرض لاڳو ٿو ٿئي ته انهن جي نه رڳو تعظيم ڪيون پر عزت به ڪيون.
نوجوانن لاءِ ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي . سائين جي ايم سيد جي وزين کي ڏسو ته ڪهڙو آهي. هن سنڌ کي ڪيئن پئي ڏسڻ چاهيو. ان لاءِ اوهان ان جون تحرون پڙهو. اسان چوندا آهيون ته اسان جي ڌرتي مذهبي مت ڀيد کان بالا تر آهي. اسان تعصبي ناهيون. اسان جي معاشري ۾ اها ڳالهه هاڻ وڌي وئي آهي، آندي وئي آهي.
سائين جي ايم سيد کي سياست تائين محدود نٿو رکي سگهجي. سياست ۾ ماڻهو ءَ سان اختلاف ٿي سگهن ٿا. پر هڪڙي مدبر، مفڪر، دانشور سان اوهان اختلاف نه ڪري سگهندئو.