can i hire someone to write my college essay dysgraphia creative writing application letter for financial help can you write numbers in an academic essay favorite writer essay homer simpson doing homework amsterdam university creative writing brown university mfa creative writing acceptance rate creative writing past papers sea creative writing getting started is creative writing considered a fine art hire someone to write a business plan for me

بينظير ڀٽو شھيد جو قتل ڪيس ۽ هڪ سوال: ذوالفقار قادري

 آخر مورن جهڙي مائي راولپنڊي جي خوني باغ ۾ مارجي وئي ٖ بينظير تي هي ڪو پهريون حملو نہ هو ضياء آمر جي دؤر ۾ لاهور ۾ مسز نادرہ خاڪواني جي گهر ترسيل هئي تہ اوچتو بينظير ڀٽو پنهنجي ڪمري مان نڪري بغير ٻڌائڻ جي پنهنجي سهيلي سميعہ وحيد جي گهر هلي وئي سندس وڃڻ بعد فورن هڪ ماڻھو پسٽل سميت مسز خاڪواني جي گهر داخل ٿي بينظير ڀٽو جي مخصوص ڪيل ڪمري ڏانهن ڊوڙيو ۽ گهر ۾ بينظير ڀٽو کي نہ ڏسي رڙيون ڪندو رهيو تہ ڪٿي آھي بينظير ڪاڏي وئي بينظير ان بعد وري هڪ دفعي بينظير صاحبہ جو المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي کان روڊ رستي ڪراچي وڃڻ جو پروگرام هو پر عين وقت تي بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي ۽ اسٽاف جي گاڏين کي ڪراچي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ گاڏي تبديل ڪري ٻئي رستي سان رواني ٿي وئي سندس خالي روانو ڪيل گاڏيون انڊس ها۽ وي تي جڏھن سن وٽ پهتيون تہ ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي انهن گاڏين کي روڪي ورتو ۽ اسٽاف جي ماڻھن کي اغوا ڪري ٻيلي ڏانهن کڻي ويا ٻيلي ۾ پهچي جڏھن ڌاڙيلن اسٽاف وارن کان پڇيو تہ اسٽاف وارن ڌاڙيلن کي ٻڌايو تہ اسين بينظير صاحبہ جو اسٽاف آھيون ۽ ھي گاڏيون بينظير جون آھن تہ ڌاڙيلن اسٽاف کي اهو چئي آزاد ڪيو تہ اسان کي تہ ٻڌايو ويو هو تہ ڪي غير ملڪي گاڏين ۾ اچن پيا ڪامياب واردات جي نتيجي ۾ وڏو مال ملندو اسان ان ارادي سان آيل هئاسين ۽ ان وقعي کان پو۽ جلد ئي قانون نافذ ڪندڙ ادارن “ سن “ شھر ۾ هڪ وڏو آپريشن ڪري نالي واري ڌاڙيل بقادار شاه ۽ سندس ساٿين کي ماري ڇڏيو آڪٽوبر ۾ بينظير ڀٽو جڏھن طويل جلاوطني ختم ڪري واپس وطن وري هئي تہ هو اها ساڳئي بينظير نہ هئي هن دفعي هو تبديل هئي هو ڪوئيٽہ وئي ۽ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت تي سندس وارثن سان ملي تعزيت ڪندي ورجايائين تہ اڪبر بگٽي جي قاتلن کي ڪٽھڙي ۾ آڻبو جڏھن کيس مير بالاڇ مري جي شھادت جي خبر پئي تہ هو روڪڻ باوجود فوري نواب خير بخش مري وٽ وڃي پهتي ۽ مير بالاڇ مري جي شھادت تي رني سائين جي ايم سيد سميت سنڌ جا اڪثر قومپرست جيڪي سندس پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس دور اقتدار ۾ جيلن ۽ نظر بندين ۾ رهيا هن دفعي جلاوطني مان بينظير ڀٽو صاحبہ بشير خان قريشي ٖ عبدالواحد آريسر ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومپرستن جي گرفتارين جي کليل مذمت ڪندي رهي هن وٽ هن دفعي ڪي خواب هئا پر اهي سڀ خواب راولپنڊي جي خوني لياقت باغ ۾ قتل ڪيا ويا پاڪستان جي ملٽري ايسٽيبلشمنٽ واري هن شهر ۾ رڳو سازشن جنم پئي ورتو آھي هي اهو شهر آھي جتي ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي گولي هڻي ماريو ويو هو پر سندس قاتل نامعلوم رهيا راولپنڊي اهو شھر جتي بينظير جي پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو کي رات جي اونڌائي ۾ ڦاهي ڏئي اگهاڙي لاش جا فوٽو ڪڍي آمر جنرل ضياء ڏانهن ڀٽي جي مسلماني ۽ طوهر جي تصديق لا۽ روانا ڪيا ويا بينظير ڀٽو جي خون جي عيوض جيڪا حڪومت پ پ جي حوالي ڪئي وئي وفاق ۾ پنج سال پ پ سرڪار رهي صدر مملڪت آصف علي زرداري ٖ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف رهيا پر بينظير ڀٽو جو قتل ڪيس نڌڻڪو رهيو بينظير ڀٽو جي قتل بابت آمر جنرل پرويز مشرف جيڪو موقف اختيار ڪيو هو ته بينظير کي بيت الله محسود وارن قتل ڪيو اهو ساڳيو موقف زرداري صاحب جي سرڪار جو رهيو بينظير ڀٽو جي قانوني وارثن مان ڪو بہ سندس خون جو فريادي نہ ٿيو آخر راولپنڊي جي دهشت گردي جي انت واري عدالت بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي تمام جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو صرف ٻن پوليس آفيسرن کي غفلت ڪرڻ جي ڏوهہ هيٺ سزائون ٻڌايون جڏھن بينظير ڀٽو قتل ڪيس هلي رهيو هو تہ مان ڪنهن ڪم سانگي اسلام آباد ويو هيس تہ هڪ ڏينهن راولپنڊي جي دهشت گردي جي انت واري عدالت ڏسڻ ويو هيس جتي بينظير صاحبہ جي خون جو ڪيس هلي رهيو هو ٖ مون عدالت جي هڪ جهوني رڪارڊ ڪيپر سان دعا سلام ڪئي کيس ٻڌايم تہ لاڙڪاڻي مان راولپنڊي اسلام آباد گهمڻ آيو آھيان ٖ چيائين “ بھٹو دے پنڈ چوں آئے ہو “ مون هاؤڪار ڪئي چيائين منهنجو پيءٗ 71ع واري جنگ ۾ جنگي قيدي ٿيو هو اندرا گانڌي جي جنگي قيدين تي ڪيس هلائڻ واري اعلان بعد اسان تہ سندس واپسي جي اميد ئي لاهي ڇڏي هئي پر ڀٽو صاحب جو اهو احسان آھي جو جنگي قيدي واپس موٽيا “ مون کانئس جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ جي قتل ڪيس بابت پڇيو تہ سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ چيائين جڏھن کان هي عدالت قائم ٿي آھي مان سالن کان هن ڪورٽ جو رڪارڊ ڪيپر آھيان پر مون هن وقت تائين اهڙو لاوارث ۽ نڌڻڪو ڪيس ناهي ڏٺو ٖ هن ٻاهر بينچن تي ويٺل هڪ ٻڍڙي مائي جي طرف اشارو ڪندي مون کي ٻڌايو تہ اها مائي پنڊ دادن خان جي آھي ٖ هن جو پٽ قتل ڪيو ويو هو هن ڪراڙي عورت پنهنجي پٽ جي خون جو ڪيس ڀڄي ڊڪي هن ڪورٽ منتقل ڪرايو هاڻي هر حاضري تي ماني هڙ ۾ ٻڌي ڳوٺان ايندي آھي ٖ هن رازداري ۾ مون کي چيو اوهان منهنجي روم ۾ اچو اوهان کي بينظير جي خون جو فائيل ڏيکاريان ٖ ڪيس جو فائيل پڙھي ڏک ٿيو بينظير ڀٽو جهڙي معتبر سورمي جي قتل ڪيس ۾ سندس وارثن مان ڪو بہ فريادي ڪونهي ٖ اصولن وارثن مان مڙس آصف علي زرداري ٖ پٽ بلاول ٖ ڌيئر بختاور ٖ آصفہ يا سرڪار جا مزا ماڻيندڙ سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪياڻي بڻيل سندس نڻان فريال ٽالپر صاحبہ تائين ڪو فريادي ڪونهي ٖ بينظير جي خون جي ايف آ۽ آر سرڪار جي مدعيت ۾ ايئن داخل آھي جيئن ڪنهن لاوارث مليل لاش جي ڪيس ۾ سرڪار پاران ٿاڻي جو ايس ايڇ او يا اي ايس آ۽ فريادي ٿي ڪيس داخل ڪندو آھي تيئن ئي بينظير جو ڪيس بہ راولپنڊي جي ان ٿاڻي جي هڪ اهلڪار جي مدعيت ۾ داخل ٿيل آھي ٖ جنهن ٿاڻي جي حد ۾ بينظير صاحبہ جي شھادت وارو واقعو پيش آيو هو جيڪڏھن ڏسجي تہ بينظير ڀٽو جڏهن طويل جلاوطني ختم ڪري وطن واپس وري هئي ته لکين ماڻهن جو سمنڊ اٿلي ٿو پوي ۽ بينظير ڀٽو کي خوفزده ڪرڻ لاءِ 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحو پيش اچي ٿو، پر بينظير ڀٽو خوفزده ٿيڻ بجاءِ ٻئي ڏينهن شهيدن جي گهرن ۽ زخمين جي عيادت لاءِ نڪري ٿي پوي. 18 آڪٽوبر سانحي بعد هن پنهنجي اماڻيل خطن ۽ مارڪ سيگل کي لکيل اي ميلز ۾ اهو چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي وڃي ته ان جا ذميوار جنرل پرويز مشرف، چوڌري پرويز الاهي، انٽيليجنس بيورو آف پاڪستان جو تڏهوڪو ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر (رٽائرڊ) اعجاز شاهه جيڪو هاڻي عمران خان سرڪار ۾ وزير داخلا آھي، تڏهوڪو نيب ڊپٽي چيئرمين حسن وسيم افضل هوندا. 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ ۾ محترمه بينظير ڀٽو تي ٿيل خوني حملي ۽ شهادت بعد مشرف سرڪار جي وزارت داخلا جي ڪرائسس مئنيجمينٽ سيل جي سربراهه برگيڊيئر اقبال چيمه ان وقت جي وزيرداخلا ليفٽننٽ جنرل حامد نواز جي چوڻ تي فورن جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي، پهرين ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو ذميوار گاڏي جي سن روف ليور کي قرار ڏنو، بعد ۾ برگيڊيئر صاحب موقف تبديل ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو تي تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه بيت الله محسود جي حڪم تي آپگهاتي بمبارن حملو ڪيو ۽ پوءِ ڪجهه وقت بعد مشرف سرڪار موقف اختيار ڪيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪندڙ ڪجهه جوابدار گرفتار ڪيا آهن ۽ ڪجهه مارجي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيل جوابدارن تي راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري ڪورٽ ۾ ڪيس پيو هلي. ان بعد پنج سال پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف رهيا ٖ بلاول جي پيءُ پنهنجي مورن جهڙي زال جي خون لا۽ ڇا ڪيو بينظير سنڌ هئي، بينظير ڀٽائي جي سورمين جو روپ هئي، سنڌين جي نياڻي ۽ خوابن جي ساڀيان هئي، هتي ته ڌاڙيلن جي خونن جا به جرڳا ٿا ٿين، بينظير جو خون ائين رائيگان ٿي ويو . ڪنهن به مقتول/ مقتولا جي آخري بيان ۽ خط کي ايف آءِ آر جو حصو سمجهيو ويندو آهي، بينظير ڀٽو صاحبه جا آخري لکيل خط ۽ مارڪ سيگل کي موڪليل اي ميلز کي ايف آءِ آر جو حصو ڇو نه بڻايو ويو؟ بلاول کي پنهنجي ماءٗ جي خون ۾ انصاف نہ ملڻ وارو سوال پنج سال اقتدار ۾ رهندڙ پ پ پ جي قيادت کان پڇڻ کپندو هو ٖ