بنگلاديش: مسجد ۾ گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

ڍاڪا:- بنگلاديش ۾ مسجد جي اندر گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڍاڪا ٽائمز جي رپورٽ موجب پوليس حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ درجن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا. مقامي پوليس ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن عشا جي نماز ختم ٿيڻ واري هئي. امدادي سرگرمين ۾ مصروف اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪو ضلعي نارائن گنج جي مسجد ۾ ٿيو ۽ باهه مسجد کي پنهنجي ور چاڙهي ڇڏيو. حادثي جي باري ۾ جاچ ڪندڙن خدشو ظاهرڪيو ته مسجد جي اندر لڳل ايئر ڪنڊيشنز جي ڪري ڌماڪو ٿيو. هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري مسجد ۾ لڳل ايئر ڪنڊيشنز سان ليڪ ٿيندڙ گيس ڀرجي ويو ۽ جڏهن بجلي بحال ٿي ته ڌامڪو ٿيو. نارائن گنج جي فائر چيف عبدالله العارفين خابرو اداري کي ٻڌايو ته ليڪ ٿيندڙ گيس مسجد ۾ ڀرجي ويو هو. سندس چوڻ هو ته جڏهن مسجد انتظاميا کڙڪيون ۽ دوازا بند ڪري ڇڏيا ۽ ايئر ڪنڊيشنز کي آڻ ڪيو ته اُتي بجلي جي اسپارڪ سان مسجد جي اندر ڌماڪو ٿيو. اختيارين ٻڌايو ته حادثي ۾ فوت 12 ڄڻن جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي اسپتال جي ترجمان سامنت لال سين ٻڌايو ته 16 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 37 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڍاڪا جي برن سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويو.