بنا اجازت ٻي شادي تي پهرين زال کي حق مهر ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد :-  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فيصلو ڏنو آهي ته بنا اجازت ٻي شادي تي پهرين گهرواري کي حق مهر ڀلي معجل هجي يا غير معجل بنا دير ادا ڪرڻو پوندو. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بنا اجازت ٻي شادي بابت ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بنا اجازت ٻي شادي تي پهرين گهرواري کي حق مهر بنا دير ادا ڪرڻو پوندو، مهر معجل هجي يا غير معجل ٻنهي صورتن ۾ فوري طور ادا ڪرڻو پوندو. پشاور جي رهواسي محمد جميل گهرواري جي اجازت بنا ٻي شادي ڪئي هئي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ محمد جميل کي حق مهر فوري طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي جميل عدالت عظميٰ ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي. سپريم ڪورٽ حق مهر جي تڪڙي ادائيگي خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي درخواست گذار کي فوري طور حق مهر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس مظاهر علي اڪبر جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻي شادي لاءِ پهرين گهرواري يا ٽياڪڙي ڪائونسل جي اجازت لازمي آهي، ٻي شادي لاءِ اجازت جو قانون معاشري کي بهتر انداز سان هلائڻ لاءِ آهي، ٻي شادي لاءِ اجازت جي قانون جي ڀڃڪڙي سان ڪيترائي مسئلا جنم وٺندا