بلڙي شاه ڪريم رورل هيلٿ سينٽر ۾ تپ دق ۽ شگر جهڙين عام بيمارين جي علاج سميت ڏندن ۽ وات جي بيمارين جا شعبا به شروع ڪيا ويا

حيدر آباد  :- بلڙي شاه ڪريم رورل هيلٿ سينٽر ۾ چاليهه هزار کان وڌيڪ آبادي لاءِ بنيادي صحت سهولتون ۽ هفتي جا ست ئي ڏينهن 24 ڪلاڪ ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر ۽ ليبر روم سميت ايڪسري، ليبارٽري، ايمبولنس سروس بنان ڪنهن معاوضي مهيا ڪئي پئي وڃي. اهڙا مشاهداتي نوٽس ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر علي ڀٽي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سينٽر جي دوري کان پوءِ وزيٽر بڪ ۾ لکيا آهن. ساڳي طرح سان ضلعي جي سيشن جج ، اسسٽنٽ ڪمشنر، هيلٿ آفيسرن ۽ معزز شخصيتون اسپتال جي انتظام، دوائن، ويڪسين جي موجودگي ۽ هيلٿ عملي جي باقائدگي کي ساراهي چڪا آهن. حيدآباد ۽ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي مينيجر ڊاڪٽرمحمد علي چانگ رورل هيلٿ سينٽر جو تاريخي پسمنظر ٻڌائيندي چيو ته سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي جي ڏاڏي شاه عبدالڪريم بلڙي جي نالي سان منسوب هي صحت مرڪز 1961 ۾ منظور ٿيو هو. بلڊنگ ٺهڻ بعد 1991 ۾ صحت کاتي جي حوالي ڪيو ويو . جنهن کي هاڻي ٽراما سينٽر جي نئين ٺهيل بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر چانگ وڌيڪ ٻڌايو سنڌ صحت کاتي پاران 2017 ۾ اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز (آءِ ايڇ ايس) کي انتظامي حوالگي کان پوءِ اتي ٻين نئين شروعاتن ۾ نون ڄمندڙ ۽ ٻالڪپڻي جي بيمارين جوگڏيل انتظامي بندوبست ڪيو ويو آهي. جنهنکي اينٽيگريٽيڊ مينيجمينٽ آف نيونيٽ اينڊ چائلڊهوڊ (آءِ ايم اين سي آءِ) چئبو آهي. جنهن سان گڏ ويم کان پوءِ ماءَ ۽ نئين جنميل ٻار جي صحت سنڀال شامل آهي. ڊاڪٽر چانگ وڌيڪ آندل نواڻ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ٽيوبرڪلوسس يا تپ دق ۽ ڊائيبيٽڪس يا شگر جهڙين عام بيمارين جي علاج سميت ڏندن ۽ وات جي بيمارين جا شعبا به شروع ڪيا ويا آهن. ليبارٽري 7 ايڪسري جيڪي پهرين نه هيا ۽ ايمبولنس خراب هجڻ ڪري بيٺل هئي انکي به رپيئر ڪرائي روڊ تي آندو ويو آهي. ڊاڪٽر محمد علي جو چوڻ هيو ته صحت جو نظام ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل ۽ سپورٽ اسٽاف کان سواءِ بي لاڀائتو هوندو آهي. بلڙي شاه ڪريم اسپتال کي آءِ ايڇ ايس حوالگي وقت ڪلهه 22 اسٽاف هيو جنهن ۾ فقط پنج ڊاڪٽر هيا. پر هاڻي اتي چئن ڊاڪٽرن، ڊينٽل سرجن ، 12 پيراميڊڪس جنهن ۾ ايڪسري، ليبارٽري ٽيڪنيشن سميت ڪواليفائيڊ ڊسپينسر، ايل ايڇ ويز جي اضافي سان گڏيل انگ 38 آهي. هن چيو ته بهتر سهولتن جي ڪري او پي ڊي ۾ روز بروز اضافو نمايان آهي ۽ سراسري طور ماهوار ست هزارن نون مريضن سان گڏ پئواري، ويم کان پهرين ۽ بعد ۾ لڳاتار چيڪ اپ لاءِ ايندڙ عورتون انکان علاوه آهن. آءِ ايڇ ايس جي انتظام سنڀالڻ کان پوءِ شروع ٿيل نارم ڊليورين جي هر مهيني 30 کان 40 واري انگ ۾ به مسلسل اضافو ٿيو آهي.