بلڙي شاهه ڪريم لڳ ڪپڙن کان آجي حالت ۾ ماس کاڌل لاش هٿ

بلڙي شاهه ڪريم:-  بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان پڃاري واهه ۾ يوسي سعيد متو وٽان هڪ ڪپڙن کان آجو پراڻون لاش لڙھي آيو جانور ماس کائي ويا ھڪ ٻانھن به جانور کائي ويا ھئا جڏھن ته لاش لڙھي اچڻ جو اطلاع ملاڪاتيار پوليس کي ڏنو ويو پر ملاڪاتيار پوليس سستي جو مظاھرو ڪري لاش پاڻي مان نه ڪڍيو لاش پاڻي مان لڙھندو بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي حد ۾ پھتو بلڙي پوليس کي اطلاع مليو جنھن لاش پاڻي مان ڪڍرائي رورل ھيلٿ سينٽر بلڙي پھچايو لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش ايڌي حوالي ڪيو ويو جڏھن ته لاش ھفتو پراڻو ھو ڊاڪٽرن مطالبق لاش تمام ڳريل ھو ھڪ ٻانھن نه ھيس ۽ لاش نوجوان ھو عمر 18 کان 17 سالن جي ھئي