بلوچستان ۾ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي، مائرون ۽ ڀينرون پيارن لاءِ روڊن تي دربدر آهن: اختر مينگل

پشاور: پشاور ۾ حڪومتي اجازت نه ملڻ باوجود پي ڊي ايم طرفان پاور شو، جلسي کي خطاب ڪندي بي اين پي اڳواڻ اختر مينگل چيو آهي ته 70 جي ڏهاڪي ۾ ملڪ کي 2 ٽڪرا ڪرڻ جا ذميوار جمهوري قوتون ۽ عوام نه آهن، ملڪ ۾ دهشتگرد بلوچ نه، پر اُهي آهن، جِن دهشتگردن کي پناهه ڏني، جلسي کي خطاب ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير مالڪ بلوچ چيو آهي ته 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، 18هين ترميم لاءِ جمهوري قوتون قربانيون ڏنيون آهن، اهڙين سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو، جلسي دوران مولانا فصل الرحمان، بلاول ڀٽو، مريم نواز ۽ ٻيا اڳواڻ به اسٽيج تي موجود، جلسي دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام، انتظاميا جلسي گاهه جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪري ڇڏي.