بلوچستان کان شڪارپور ويندڙ ڄاڃين جي گاڏي ڪلٽي: 15 فوت شڪارپور واسين جي گاڏي اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پئي: 20 کان وڌيڪ زخمي

شڪارپور: بلوچستان کان شڪارپور ويندڙ ڄاڃين جي گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 15 ڄاڃي فوت ٿي ويا آهن. بلوچستان جي سرحدي علائقي باريجا ۾ ڄڃ سان ڀريل مزدا گاڏي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ڄاڃي زخمي ٿي پيا آهن. اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون پهتيون ۽ گاڏيءَ جي ملبي مان لاش توڙي زخمين کي ٻاهر ڪڍيو. جڏهن ته فوتين جا لاش توڙي زخمين کي لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو باريجا ليويز ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي، جنهن ۾ ڄاڃين جي گاڏي ڪلٽيون کائي اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پئي. ڄاڃي بلوچستان جي علائقي لسٻيلي ۾ شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت بعد شڪارپور وڃي رهيا هئا ته رستي تي حادثو پيش آيو. ذريعن موجب فوتين ۾ اڪثريت جو واسطو شڪارپور ضلعي سان ٻڌايو ويو آهي.