بلاول ڀٽو سنڌ پوليس سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آءِ جي هائوس پهچي ويو

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ پوليس سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) هائوس جو دورو ڪيو.بلاول ڀٽو سان سنڌ پوليس جي اعليٰ آفيسرن ملاقات ڪئي، جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه به ان سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته سنڌ پوليس سان گڏ بيٺل آهيان ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو.