برطانيا ۾ وڌيڪ 393 ماڻهو فوت، انڊونيشيا ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو،دنيا ۾ فوتين جو انگ 39 هزار ٿي ويو

نيويارڪنئين دهلي(م ڊ)  سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويندڙن جو انگ 39 هزار کان وڌي ويو آهي. 7 لک 95 هزار 777 ماڻهو متاثر آهن. برطانيا ۾ صرف هڪڙي ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس وگهي 393 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ انگ وڌي 1801 ٿي ويو آهي. جڏهن ته انڊونيشيا ۾ فوتين جو انگ وڌڻ ڪري ملڪ ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. اٽلي ۾ يارنهن هزار پنج سئو ايڪانوي ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. دنيا عالمي وبا جي وڪڙ ۾ آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا سبب 3 هزار هڪ سئو پنجهٺ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. متاثرن جو انگ 1لک چوهٺ هزار ٻه سئو 53 آهي. نيويارڪ ۾ مرده خانن ۾ جڳهه ختم ٿيڻ تي اسپتالن جي ٻاهران ميتون رکڻ جي لاءِ ريفريجريٽڊ ٽرڪون بيهاريون ويون آهن. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ وائرس جي وبا تيزي سان پکڙجي آهي.ٻئي طرف آمريڪا ۾ نئين تيار ڪيل ٽيسٽ ڪٽ مان ڪورونا جو پنج منٽن ۾ ٽيسٽ ڪيو ويو. صدر ٽرمپ ايبٽ ليب جي هن نئين ٽيسٽ ڪٽ جي باڪس کي کوليو. اٽلي ۾ ڪورونا سبب 11 هزار 591 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. حڪومت لاڪ ڊائون ۾ 12 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪورونا سبب اسپين ۾ 7716 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.چين ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويندڙن جو انگ 3305 ٿي ويو آهي. فرانس ۾ ڪورونا سبب 3 هزار 24، ايران ۾ 2 هزار 775، ترڪي ۾ هڪ سئو اٺهٺ، ڪينيڊا ۾ 92 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جاپان ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ آمريڪا، چين، ڏکڻ ڪوريا، برطانيه  سميت 73 ملڪن جي شهرين جي اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ورلڊ بينڪ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب اوڀر ايشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن وقت تائين 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهو غربت مان ڇوٽڪارو حاصل ناهن ڪري سگهيا. هوڏانهن ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جي ڪري 21 ڏينهن جي سخت لاڪ ڊائون جي باوجود ڀارت ۾ ماڻهو گڏ ٿيا ۽عوام طرفان گهرن مان نڪرڻ جون سامهون اچي رهيون آهن.اهڙي خبرن موجب حڪومت طرفان پابندي هڻڻ جي باوجود راڄڌاني نئين دهلي ۾ اسلامي عالمي تبليغي جماعرت جو ٽن ڏنهن وارو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ شامل ٿيل گهٽ ۾ گهٽ 27 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب حڪومت انگن اکرن ۽ ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي علائقي ناظم الدين واري علائقي ۾ عالمي تبليغي جماعت جو ٽن ڏينهن وارو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سميت ڀارتي ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته تبليغي جماعت ۾ شامل ٿيل ماڻهن جي حتمي انگ جي تصديق ناهي ٿي سگهي پر ان ۾ شرڪت ڪندڙ جو انگ 3400 تائين هو جنهن ۾ گهڻو ڪري پرڏيهي هئا.حڪومت 25 مارچ تي نظام الدين تبليغي مرڪز واري علائقي کي سيل ڪري ان کي قرنطينه ۾ بند ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته اُتي رهڻ کان پوءِ هنن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.تبليغي مرڪز ۾ شامل ٿيل ماڻهن جي ٻين رياستن ۾ وڃڻ کان پوءِ هريانا کان وٺي تلنگانه، والاريل ڪشمير کان وٺي انڊمان جزائر، اترپرديش کان وٺي تامل ناڊو، مڌيا پرديش کان وٺي ڪرناٽڪا ۽ آنڌرا پرديش ۾ به تبليغي ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.تبليغي جماعت ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ڪورونا ۾ مبتلا 7 ڄڻا به ڀارت ۾ ئي فوت ٿي چڪا آهن جنهن ۾ هڪ والاريل ڪشمير جي شهر سرينگر ۽ باقي 5 تلنگانه ۽ هڪ ڪيرالا ۾ فوت ٿي چڪو آهي.