برطانيا جَي شهر برنلي ۾ ڌيءُ سوڌو قتل ڪيل سنڌ ڄائِي ڊاڪٽرياڻي ثُمن سچاروِي جو مڙهه وارثن حوالي

حيدرآباد : برطانيا جَي شهر برنلي ۾ ڌيءُ سوڌو قتل ڪيل سنڌ ڄائِي ڊاڪٽرياڻي ثُمن سچاروِي جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽرياڻي جو مڙهه سڀاڻي رات جو حيدرآباد پهچايو ويندو سندس تدفين 29 آڪٽوبر تي ٽنڊو جهانيان ۾ ڪئي ويندي، مقتول ڌيءُ وئين مڱريو جو مڙهه اڃا تائين سندس والد حوالي نه ٿيو، برطانوي پوليس قتل جَي شڪ ۾ عورت صبيحا ناصر سميت وڌيڪ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، اُن کان اڳ گرفتار حيدرآباد واسي جوابدار شهباز خان جيل حوالي آهي