برطانيا جي شھر مانچسٽر ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڙڪاڻي واسي نوجوان واجد ڪنگو فوت

برطانيا جي شھر مانچسٽر ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڙڪاڻي واسي نوجوان واجد ڪنگو فوت ٿي ويو، سندس وارثن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته واجد ڪنگو 2007 ۾ برطانيا ۾ رهائش اختيار ڪئي جنهن کي بعد ۾ برطانيا جي شُھريت به ملي هئي.فوتي جي ڀاءُ اورنگزيب ڪنگو جو چوڻ آهي ته واجد ڪنگو ڪميشن جي وائيس چيئرمين الهڏنو ڪنگو جو ڀائٽيو ۽ اڳوڻي جيل سپريڊنٽ ملير زيب ڪنگو جو ننڍو ڀاءُ ھو