برطانيا جو شهزادو چارلس به ڪورونا وائرس جي مرض ۾ مبتلا

لنڊن :- برطانيا جو شهزادو چارلس به ڪورونا وائرس جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، سندس ڪورونا ٽيسٽ پازٽيو اچي وئي آهي،ڪورونا سبب هن وقت تائين متاثرن ۾ شهزادو چارلس دنيا جي وڏي شخصيت آهي، ڪليئرنس هائوس مان جاري بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته 71 سالن جو شهزادو چارسل ڪووڊ-19 وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، بيان ۾ چيو آهي ته شهزادو چارلس اسڪاٽ لينڊ ۾ قرنطينه ۾ آهي ۽ ڪورونا وائرس جي علامت ملي آهي، پر اڃا تائين سندس صحت بهرت آهي.