برطانوي طبي ماهرن ڪورونا خلاف سستي دوا دريافت ڪري ورتي

لنڊن :- برطانوي طبي ماهرن  ڪورونا وائرس کان حياتيون بچائڻ واري سستي ۽ آسانيءَ سان دستاب دوا دريافت ڪري ورتي آهي. برطانيا جي طبي ماهرن موجب ڊيڪز اميٿوسين دوا سان ڪورونا مريض جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. هنن چيو ته ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ اسٽيرائڊ سان علاج اهم ڪم ڪيو آهي، اها دوا وائرس سبب ويٽيليٽر تي منتقل ٿيندڙ مريضن جي موت جي خطري کي گهڻي ڀاڱي گهٽ ڪري ٿو. برطانوي ماهرن موجب اها دوا وائرس سبب حالت خراب ٿيڻ بعد آڪسيجن وٺندڙ هر پنجين مريض کي ٺيڪ ڪري آهي. ريسرچ جو اندازو آهي ته وائرس جي پکيڙ جي شروعاتي ڏينهن ۾ اها  دوا مريضن کي ڏني وڃي ها ته گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار ماڻهن جي حياتي بچي سگهي ها