برساتي پاڻي نيڪالي بابت ڪو به عذر نه ٻڌندس، لاڳاپيل عملدار روڊن تي نظر اچن: مراد علي شاهه

حيدرآباد/ ميرپور خاص جي ڪيل اڳ ڪٿي کان پوءِ حيدرآباد ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي گڏجاڻي،منعقد، اعليٰ عملدارن سميت چونڊيل نمائندن جي شرڪت، رين ايمرجنسي لاءِ حيدرآباد ڊويزن کي 70 ملين روپيا جاري، وڏي وزير پاران برساتي جو پاڻي هر صورت ۾ نيڪال ڪرڻ جون هدايتون، جڏهن ته چونڊيل نمائندن ۽ ميئر حيدرآباد پاران حيسڪو جي آزار بابت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، وڏي وزير جي حيسڪو عملدارن کي بجلي بحال رکڻ  جون هدايتون ڪيو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي شهباز هال حيدرآباد ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ سمورن گهربل انتظامن کي يقيني بڻائين. هن ٻڌايو ته رين ايمرجنسي لاءِ حيدرآباد ڊويزن کي 70 ملين رپيا جاري ڪيا ويا، سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه، ڊويزنل ڪمشنرحيدرآباد جي آفيس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته 7 ۽ 8 آگسٽ 2020 تي سنڌ ۾ برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي مون ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو آهي ته جيئن برساتي پاڻي جي نيڪالي جي حوالي سان انتظامن جائزو وٺي سگهان. سنڌ جي وڏي وزير ضلعي انتظاميا، واسا، آبپاشي، حيسڪو  ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن سان  گڏجاڻي ۾ ڪيل انتظامن متعلق ڄاڻ ورتي آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته برساتي پاڻي جي نيڪالي بابت تفصيلي بريفگ ورتي آهي ۽ ميئر حيدرآباد پڻ ڪجهه مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن کي به حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ آئون انهن ئي ڪمن جي نگراني ڪرڻ آيو آهيان ته جيئن جيڪڏهن برساتون پون به ته جلد کان جلد برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان انتظاميا کي چوڪس رکيو آهي ۽ پي ڊي ايم اي کي پڻ چيو آهي ته اهي حساس هنڌن تي پنهنجا موو ايبل پمپس لڳائين، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ حيدرآباد ٻهراڙي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ چيو آهي. وڏي وزيرچيو ته هو صوبائي وزير پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کي پڻ چوندو ته هو حيدرآباد جو به دورو ڪري ۽ پبلڪ هيلٿ سان لاڳاپيل معاملن جي نگراني ڪري. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسانجي ڪوشش آهي ته برساتن دوران ماڻهن کي جاني ۽ مالي نقصان کان بچائي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسانجي ميڊيا سان ڪا به جنگ ناهي. وڏي وزير چيو ته مخالف اسانجو ڌيان ٻئي طرف ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسين ميڊيا تي ويهي جهيڙو ڪرڻ بدران ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرون ٿا. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ برساتن دوران بهتر ڪم ڪري سگهان ها پر مسئلو اهو هو ته ڪراچي جي ڪل گنجائش 24 ڪلاڪن ۾ 30 ملي ميٽر برسات جي آهي ۽ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪن دوران 80 کان 85 ملي ميٽر برساتي پئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته  گذريل مهيني 26 جولاءِ تي ڪراچي ۾ تيز برسات پئي ۽ 27 جولاءِ تي به برسات پئي هئي ۽ وزير اعظم  پهرين آگسٽ تي نوٽيس ورتو ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمن سان اسان گڏجاڻي ڪئي. هن چيو ته اسان کي جتان به مدد ملندي ان کي ڀليڪار چئون ٿا. وڏي وزير چيو ته هلندڙ سال نالن جي صفائي ۾ ڪجهه دير ٿي آهي ۽ برساتي نالن جي صفائي اسانجو ڪم ناهي، اسين ڪي ايم سي کي وقت بوقت نالن جي صفائي لاءِ سپورٽ ڪندا رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته جڏهن اسان کي مشڪلاتون ٿيڻ شروع ٿيون ته اسان 2017 ۾ ورلڊ بينڪ سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ سوئيٽ جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو، جنهن ۾ هڪ ڪمپوننٽ نالن جي صفائي جو به آهي اڃان هن پروگرام کي ورلڊ بينڪ منظور نه ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ڪورونا جي وبا ۾ ڪيتريون ئي شيون دير جو شڪار ٿيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 38 مان 3 برساتي نالن تي اين ڊي ايم اي وارا به ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ رقم  وفاقي حڪومت مهيا ڪندي، وڏي وزير چيو ته مون وفاقي حڪومت کي اڳ به چيو هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي ته وڏا منصوبا ڏنا وڃن ۽ ڪي فور جهڙا وڏا منصوبا اسان سان گڏجي مڪمل ڪن. وڏي وزير چيو ته فنڊز ڏيڻ کان بعد ڪنهن به قسم جي شڪايت نه ملڻ گهرجي، وڏي وزير چيو ته ٺٽو، سجاول ۽ بدين سئو ڪلو ميٽر سامونڊي پٽي تي واقع آهن.هن چيو ته ڪچو بند گهارو کي مضبوط بڻائي ڪيٽي بندر ۽ سجانوري جي ڳوٺن کي محفوظ بڻايو ويو آهي. وڏي وزير آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي بدين ، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ سم نالن جي صفائي جي به هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته آئون حيدرآباد ۽ ميرپورخاص انڪري آيو آهيان ته انتظام فول پروف هجڻ گهرجن. سنڌ جي وڏي وزير کي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته رين ايمرجنسي لاءِ حيدرآباد ڊويزن جي 70 ملين رپين مان 20 ملين روپيا ڊي سي حيدرآباد ۽ 3 ملين روپيا حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي ڏنا ويا، جڏهن ته برساتي نالن جي صفائي لاءِ 5 ملين رپيا مختص ڪيا ويا.  ڪمشنر حيدرآباد ٻڌايو ته تيز برساتن ۾ حيدرآباد متاثر ٿيندو آهي. ڪمشنر حيدرآباد ٻڌايو ته حيدرآباد ڊويزن  76 هزار 434 اسڪوائر ڪلو ميٽر تي مشتمل آهي ۽ نالن جي صفائي لاءِ ضلعي بدين کي5 ملين روپيا، ٽنڊو محمد خان کي 2.5 ملين روپيا مهيا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايڇ ايم سي ۽ واسا کي 5 ملين روپيا ڏنا ويا آهن ۽ اهي فنڊز جنريٽرز وٺڻ ۽ فيول جي لاءِ آهن، گڏجاڻي ۾ شريڪ چونڊيل نمائندن صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ڄام خان شورو، شرجيل انعام ميمڻ، عبدالجبار ۽ ميئر حيدرآباد حيسڪو جون شڪايتون ڪيون، هنن چيو ته حيسڪو طرفان 18 _18 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي ويندي آهي ۽ برسات جا ڪجهه ڦڙا پوندي ئي بجلي بند ڪئي ويندي آهي. ۽ گڏجاڻي ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو ته گذريل سال به سخت برساتن ۾ حيدرآباد ۾ ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جو اهم سبب بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ هئي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته هن چيو ته جيڪڏهن واسا جي پمپنگ اسٽيشنن تي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي جاري رهي ته برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾گريوٽي سان پاڻي نٿو نڪري. هن چيو ته حيسڪو چيف گڏجاڻي ۾ يقين ڏياريو آهي ته واسا جي26 پوائنٽس مان 23 کي  بجلي جي ڊبل فراهمي مهيا ڪئي ويندي، جنهن سان بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي جاري رهندي، جڏهن ته باقي 3 پوائنٽس لاءِ مون واسا اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ جنريٽرز ذريعي پنهنجن پمپنگ اسٽيشنن کي فعال رکن ته جيئن برساتي پاڻي جي نيڪالي کي  بنا رنڊڪ يقيني بڻائي سگهجي. هوڏانهن ميرپورخاص ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته امڪاني برساتن ۾ پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو وڃي پاڻي نيڪالي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي سڄي ڊويزن ۾ ريليف ڪيمپ قائم ڪيا وڃن اھڙو اظھار ميرپور پورخاص جي دوري دوران ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي سابق ايم اين اي پير آفتاب حسين شاهه جيلاني،صوبائي وزير ناصر شاهه، ھري رام ڪشوري لال،شرجيل انعام ميمڻ، ايم پي اي ذوالفقار علي شاهه ، ڪمشنر وحيد شيخ، ۽ ٻيا عملدار موجود ھئا وزير اعلي سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته امڪاني برساتن جي سلسلي ۾ آيو آهيان برساتن دوران عوام جي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا مدد ڪري ڪمشنر بريفنگ ڏيندي چيو شهر ۾ نيون ڪالونيون ٺھيون آهن انھن ۾ پاڻي نيڪال جو بندوبست نه آهي جڏھن ته نالن جي صفائي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ھن چيو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ 89 ڊرنيج پمپ موجود آهن 230 ھینڊ موونگ ٽراليون 16 ٽريڪٽر ٽراليون موجود آهن جڏهن ته آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر بريفنگ ڏيندي چيو ته مير پور خاص ڊويزن ۾ 29ننڍا نالا آھن جنھن مان 782 ڪيوسڪ پاڻي جو گذر ٿيندو جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اميد آھي ته ميونسپل ۽ روينيو اسٽاف الرٽ رھندو سڀني ملازمن جون موڪلون رد ڪيون وڃن اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ لوڪل باڊيز جو عملو روڊن تي ڪم ڪندي نظر اچڻ گھرجي سڄي ڊويزن ۾ 286 ريليف ڪئمپون قائم ڪيون وڃن جڏهن ته بجلي جي مسئلن بابت وڏي وزير چيو وفاقي حڪومت سان ڳالھائيندس جنھن بعد وڏي وزير جي پاڻي جي قدرتي گذر گاهه پراڻ ڍوري جو دورو ڪري صفائي جي انتظامن جو جائزو ورتو جنهن بعد وڏو وزير حيدرآباد روانو ٿي ويو