بدعنوان عنصرن کان رقم واپسي تي دٻاءَ يا ڌمڪي جي پرواهه ناهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد :- نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته بدعنوان عنصرن کان رقم جي واپسي تي کين ڪنهن به دٻاءَ جي پرواهه ناهي. هڪ بيان ۾ نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻو آهي. هن چيو ته نيب آفيسر ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي کي قومي خدمت سمجهن ٿا، نيب جا آفيسر زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته بدعنوان عصرن کان ڦريل رقم جي واپسي تي دٻاءُ ۽ ڌمڪي جي کين ڪابه پرواهه ناهي، مني لانڊرنگ ڪندڙن خلاف جاچ کي انجام تائين پهچايو پيو وڃي. جاويد اقبال چيو ته ملڪ جي ڦريل دولت واپس موٽائي قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي وڃي، نيب جو واسطو ڪنهن به پارٽي، ٽولي يا فرد سان ناهي، نيب جو واسطو رڳو پاڪستان سان آهي