بجلي 2 روپيا 97 پئسا مهانگي ڪرڻ بابت نيپرا کي درخواست

اسلام آباد :- سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني، نيشنل اليڪٽرڪ ريگيوليٽري اٿارٽي کي في يونٽ بجلي 2 رپيا 97 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. نيپرا ذريعن موجب بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست سيپٽمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سيپٽمبر ۾ 13 ارب 62 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن سبب بجلي پيداوار تي لاڳت 70 ارب رپين کان وڌيڪ رهي. ذريعن موجب نيپرا 20 آڪٽوبر تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.