باڊھه ۾ ڪڻڪ خريداري جا مرڪز نه کلڻ سبب منافعي خور واپارين جا جاوا

باڊھه :- باڊھه ۽ ڀرپاسي هزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل پچي تيار ٿي ويو پر اڃا تائين ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سرڪاري سطح تي مرڪز نه کلي سگهيو آهي جنهن ڪري آبادگار ۽ هاري مونجهاري جو شڪار ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته حڪومت پاران 14 سئو رپيا في مڻ خريداري واري اعلان باوجود خريداري مرڪز نه کلي سگهڻ کان پوءِ منافعي خور واپارين جا جاوا ٿي ويا آهن ۽ اهي ننڍن آبادگارن توڙي هارين کان 12 سئو کان 13 سئو رپين تائين في مڻ ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪرڻ ۾ رڌل آهن.ٻئي طرف ڪورونا وائرس ڦهلجڻ سبب لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ گذريل هڪ مهيني کان بکن تي ويٺل هاري طبقو پيٽ گذران لاءِ سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهي، ڇاڪاڻ ته هر سال ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيڻ کان پوءِ بارداڻو ڪنهن ننڍي آبادگار يا هاريءَ کي ملڻ بجاءِ سياسي ڀوتارن جي چٺين ۽ فونن تي منافعي خور واپارين کي ملندو رهي ٿو، جنهن ڪري بي پهچ هاري انهن ذخيرا اندوزن جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ هاري اناج جا چند ٻاچڪا ايندڙ فصل ٿيڻ تائين رکڻ بجاءِ زميندارن ۽ زرعي جنسون توڙي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ واپارين جو قرض پڻ وڏي مشڪل سان لاهي سگهي ٿو.