باڊهه لڳ رياستي ادارن جي ڪارروائي، نوجوان کنڀجي ويو

باڊهه :- گذريل اڱاري واري آڌيءَ رات چئن ڊبل ڊور گاڏين ۾ سوار ڳجهن ادارن جي اهلڪارن باڊهه جي پير تقي شاهه محلي جي رهواسي اڳوڻي قومپرست ڪارڪن دريا خان ڍڪڻ جي گهر ۾ داخل ٿي سندس پڇا ڪئي، جنهن جي غير موجودگيءَ ۾ اهلڪار سندس ننڍي ڀاءُ مئٽرڪ جي شاگرد سالار ڍڪڻ کي پاڻ سان کڻي ويا، جنهن کي باڊهه ٻاهران ڪجهه پنڌ تي پهچي دريا خان ڍڪڻ کي پيش ڪرڻ جو چئي ڇڏيو ويو. جڏهن ته اهلڪار دريا خان ڍڪڻ جي گهر ۾ پيل سمورا ڪاغذ ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا. هوڏانهن دريا خان ڍڪڻ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ذريعي ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته آءُ هڪ امن پسند شهري ۽ محب وطن پاڪستاني آهيان، منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽي سان لاڳاپو نه آهي ۽ ڪنهن به ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ڪو نه آهيان، تنهن ڪري مون کي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي ذهني طور پريشان نه ڪيو وڃي ۽ منهنجي گهر جو تقدس پائمال نه ڪيو وڃي. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ پڻ ڳجهن ادارن پاران دريا خان ڍڪڻ کي 9 مهينا حراست ۾ رکڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو هو