creative writing background noise creative writing autobiography lesson can you write a research paper on a person stimulus pictures for creative writing university of chicago creative writing major ubc mfa creative writing optional residency help with homework website online creative writing ma jakisha homework help cu denver creative writing what are other words for creative writing oxford essay writers

بالي ووڊ جي اداڪاره ڪترينه ڪيف پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي شوبز انڊسٽري بابت آگاهه ڪري ڇڏيو

ممبئي :-  بالي ووڊ جي بار بي ڊول ڪترينه ڪيف پنهنجي ننڍي ڀيڻ ازابيل کي بالي ووڊ ۾ اچڻ کان اڳ نصيحت ڪندي کيس شوبز انڊسٽري جي هيٺ مٿاهين کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.  اداڪاره ڪترينه ڪيف کي بالي ووڊ ۾  ايندي ڪافي سال گذري ويا آهن. ان عرصي ۾ جتي هن ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي اتي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي طور طريقن کي به سٺي طريقي سان سمجهي چڪي آهي.ڪترينه جي بالي ووڊ ۾ ڪاميابي کان پوءِ هاڻ سندس ننڍي ڀيڻ ازابيل به شوبز ۾ اچڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ ان موقعي تي ڪترينه پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي بالي ووڊ جي باري ۾ نصيحت ڪئي آهي.تازي هڪ انٽرويو دوران ڪترينه ٻڌايو ته  آئون هميشه  پنهنجي ڀيڻ کي چوندي آهيان ته اوهان ڀلي اداڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمايو يا هدايتڪاري ۾ پر اوهان کي فلم انڊسٽري ۾ رهڻ جي لاءِ مضبوط حوصلن ۽ ارادن جو مالڪ هجڻ گهرجي ڇو ته هتي ڪم ڪرڻ آسان ناهي.ڪترينه وڌيڪ چيو ته بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اوهان ڪنهن ٻئي کي مثال بڻائي ان جي نقش قدم تي هلو پر اهو ڪريو جيڪو اوهان ڪرڻ چاهيو ٿا. شوبز ۾ پير ڄمائڻ جي لاءِ اوهان پنهنجي دل جي آواز ٻڌو.