بالي ووڊ انڊسٽري تي ڪيترائي سال راڄ ڪندڙ اداڪار شان شاهد سوشل ميڊيا تي سڀ کان گهٽ فالوورز رکندڙ اداڪار بڻجي ويو.

لاهور:- بالي ووڊ انڊسٽري تي ڪيترائي سال راڄ ڪندڙ اداڪار شان شاهد سوشل ميڊيا تي سڀ کان گهٽ فالوورز رکندڙ اداڪار بڻجي ويو. شوبز جي فنڪارن وچ ۾ انسٽاگرام اڪائونٽ جي سڀ کان گهٽ فالوورز رکڻ جي حوالي سان مقابلو ڪيو ويو. اداڪار شان شاهد لالي ووڊ انڊسٽري ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو ۽ مداحن جي دلين تي  حڪمراني به ڪندو رهيو آهي پر انسٽا گرام تي شان شاهد  جا تقريبن هڪ لک 9 هزار فالوورز آهن..اداڪاره ريما کي شوبز انڊسٽري جي پرڪشش شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ان جي مداحن جو انگ تمام گهڻو آهي پر ريما جي انسٽا گرام اڪائونٽ تي هڪ لک 23 هزار فالوورز آهن. اداڪاره فريال محمود ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي ۽ ان جي انسٽاگرام تي فالوورز جو انگ 2 لک 32 هزار آهي. ڊرامسه سيريل همسفر مان مشهور ٿيندڙ اداڪاره نوين وقار جي انسٽا اڪائونٽ تي 4 لک 11 هزار فالوورز آهن. مشهور اداڪار عدنان صديقي جي ڀاڻيجي اسد صديقي جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي تقريبن 6 لک فالوورز آهن. پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار بهروز سبزواري جي پٽ شهروز سبزواري جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي 8 لک 34 هزار فالوورز آهن. اداڪاره ڪومل عزيز جي انسٽاگرام تي 8 لک 60 هزار فالوورز آهن. ٻئي طرف انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ پاڪستاني اداڪارائن ۾ ماهره خان، ايمن خان ۽ عائزه خان شامل آهن جن جي فالوورز جو انگ 50 لک کان وڌيڪ آهي.