باغين جي ڪنٽرول هيٺ يمني گاڌي واري شهر صنعا کان 50 زخمي حوثي باغين کي گڏيل قومن جي چارٽر جهاز ذريعي مسقط منتقل ڪيو ويندو . سعودي خابرو ادارو

رياض (پرڏيهي ڊيسڪ ) باغين جي ڪنٽرول هيٺ يمني گاڌي واري شهر صنعا کان 50 زخمي حوثي باغين کي گڏيل قومن جي چارٽر جهاز ذريعي مسقط منتقل ڪيو ويندو . اها ڳالهه سعودي اڳواڻي ۾ يمن ۾ ڪاروائيون ڪندڙ فوجي اتحاد جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌائي وئي آهي  . ترجمان موجب انهن زخمين سان گڏ 3 يمني ۽ هڪ گڏيل قومن جو ڊاڪٽر پڻ گڏ   گڏ هوندو . اهيو قدم يمن ۾ امن جي قيام لاءِ سويڊن ۾ ٿيندڙ ڳاليهن جي موقعي تي کنيو ويو ويو آهي .