باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پٽ مرتضيٰ حيدر جتوئي ڦڦڙن جي تڪليف سبب فوت ٿي ويو، تدفين اڄ غلام شاهه قبرستان ۾ ڪئي ويندي

حيدرآباد :- باباء سنڌ ڪامريڊ  حيدر بخش جتوئي جو پنجون نمبر پٽ ۽ ڪامريڊ اظھر  جتوئي جو چاچو، ون يونٽ واري تحريڪ ۾ 9 مھينا  جيل جون صعوبتون برداشت ڪندڙ مرتضي حيدر جتوئي 67 سالن جي ڄمار ۾ ڦڦڙن جي تڪليف جي ڪري سول اسپتال حيدرآباد ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. مرحوم جي جنازي نماز اڄ صبح 9 وڳي ادا ڪئي ويندي جڏهن  ته مرحوم جي تدفين غلام شاھ ڪلھوڙو قبرستان ۾  ڪئي ويندي. مرحوم سوڳوارن ۾ ھڪ بيواھ،  ٻه پٽ امير حيدر جتوئي ۽ فھيم حيدر جتوئي ڇڏيا آھن.