باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ھارين جي حقن جو علمبردار

جيئي سنڌ جيئي سنڌ

 جام محبت پيئي سنڌ

جي نعري جي باني، امير سنڌ جي غريب ھارين، پورھيتن جي حقن جي عمبردار! صوفي شاھ عنايت جي سوچ جو تسلسل ۽ وڏيرڪي ۽ جاگيردار نظام خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪندڙ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، 7 آڪٽوبر1901ع لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ ھڪ غريب ھاري الھداد جتوئي جي گھر ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ ٿيڻ ۽ باباءِ سنڌ سڏجڻ تائين سندس سفر ڪنڊن تي ھلڻ برابر ھو. ھي اھو زمانو ھو، جڏھن سنڌ ۾ زميندارن جاگيردارن جي رات ھئي. سندن حڪم ۽ مرضيءَ کان سواءِ ڪک به نه چري سگھندو ھو. جتي ھر وقت دل ڏاريندڙ ظلمن جو درياءُ وھندو ھو. ھڪ پاسي ملڪ تي ڌارئي حاڪم انگريزن جو راڄ ھو ته ٻئي پاسي مڪاني اختيار ۽ اقتدار جا مالڪ وڏيرا ھئا. ھاري ناري ھر وقت پورھئي ۾ مصروف رھندا ھئا، ته ٻئي پاسي وڏيرا ۽ سندن ڪٽنب جا ماڻھو ڪک ڀڃي ٻيڻو به نه ڪندا ھئا. پورھيو ۽ اپت ھاري ڪندا ھئا ته کائيندا کپائيندا ۽ زيان زميندار ڪندا ھئا. ھارين تي پنھنجو رعب رکڻ لاء زميندار جيڪي حرڪتون ڪندا ھئا، سي ٻڌيو ڏيل ڏڪيو وڃي. ماڻھوءَ کي پڪڙي ڳوڻ ۾ ٻڌي بند ڪري مٿس شڪاري ڪتا ڇوڙڻ يا ڪنھن کي جيئري ئي جھلي باھ ۾ وجھڻ، مارڻ جي واقعن سان ھو وندر ڪندا ھئا. چور پالڻ، چوريون ڪرائڻ، سندن چوڻ نه ڪندڙ ھارين سان طرحين طرحين جون جٺيون ڪرائڻ عام ڳالھه ھئي. زميندار نه چاھيندا ھئا ته سندن ھارين جا ٻار اسڪولي تعليم وٺن. ان ڪري ھو ڳوٺن ۾ اسڪول کولڻ به نه ڏيندا ھئا. ان طرح حيدر بخش جتوئي اھڙي ماحول ۾ نپجڻ لڳو، جتي ھر طرف عوام جي غلامي، نفرتن ۽ ڏاڍ جو راڄ ھو. ھن کي ننڍپڻ ۾ مائٽ پيار وچان “حيدر” سڏيندا ھئا. سن 1911ع ۾ سندس چاچي ڪريم بخش جتوئي حيدر کيس پنهنجي ڳوٺ بکوديرو کان ڏيڍ ميل پري پٺاڻ ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني. ان اسڪول جو ھيڊ ماستر جھيرو مل پاٽ شھر جو ھو. انھيءَ حيدر کان پڇيو، ته پڙھندين؟ حيدر چيو، نه! ڀلا مال چاريندين؟ وري به حيدر چيو، نه! ڀلا چوري ڪندين حيدر وراڻيو نه، سڀ نه! تنھن باوجود به ھيڊ ماستر سندس نالو اسڪول ۾ داخل ڪيائينس. حيدر تمام ھوشيار ڇوڪرو ھيو ۽ ائين ئي ڪلاس ۾ يڪدم پھرين نمبر تي اچي ويو. 1918ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. انھن ڏينھن ۾ ڪراچي سميت اٺ ضلعا سنڌ ۾ ھئا، انھن سڀني ۾ حيدر پھرين نمبر تي آيو. تنھن کان پوءِ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين، جتي ھيڊ ماستر مسٽر ڏيارام ھو، جيڪو حيدر کي ڏاڍو پسند ڪندو ھو ۽ حيدرکي چيائين ته تنھنجي في ته معاف پر توکي 12 رپيا اسڪالرشپ به ملندي. انھيءَ ڪري سندس والد صاحب تي سندس پڙھائيءَ جو گھڻو ٻوجھه نه پيو، ڇھين درجي جي ڇھه ماھي امتحان ۾ حيدر ٻيون نمبر آيو ۽ پھريون نمبر ان ھيڊ ماستر جو پٽ نيڀراج آيو. پوءِ سالياني امتحان ۾ حيدر پھريون نمبر آيو ۽ نيڀراج ٻيون نمبر آيو. 1923ع ۾ حيدر مئٽرڪ پاس ڪئي، جنھن کان پوء ڊي جي سنڌ ڪاليج (ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج )  ۾ داخل ٿيو. ھتي به سندس ذھانت ڏسي في معاف ڪئي وئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1927ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان بي اي پاس ڪئي. بي اي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد حيدر بخش جتوئي کي ھيڊ منشي طور مقرر ڪيو ويو. اھو عھدو در اصل زير تربيت مختيارڪار جو عھدو ھوندو ھو، جيڪو روينيو جو امتحان پاس ڪرڻ ۽ ھڪ يا ٻه سال سکيا وارو مدو پورو ٿيڻ بعد کين مختيارڪار طور مقرر ٿيڻو ھو. انھيءَ چونڊ ۾ ساڻس گڏ عبدالله چنا ۽ ٻيا ڇھ ڄڻا سنڌ ۾ ھئا. ھن ڀيري به حيدربخش جتوئي جو چونڊ ۾ پھريون نمبر ھو. پاڻ مختيارڪار طور نوڪري ڪندي به کيس انگريزن کان سخت نفرت ھوندي ھئي. ھڪ ڀيرو جڏھن ھو اڃا ھيڊمنشي ھو ته سرڪاري نوڪري سندس طبيعت کي نه لڳي، سو اھا نوڪري ڇڏي، ھن ادب جي خدمت ڪرڻ گھري. ان تي تڏھوڪي انگريز ڪليڪٽر مئڪملن کيس لاڙڪاڻي ۾ گھرائي سمجھايو ته نوڪري جاري رک. استعيفا واري ڳالھه تان سندس والد به رنج ٿيو ھو، جنھن ڪري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اھا استعيفا واپس ورتي. نوڪريءَ واري زماني ۾ سندس خيال غريب نوازيءَ وارا ھئا. ۽ وڏن ماڻھن جي فائدي ۾ بلڪل به نه ھوندو ھو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، پنھنجي نوڪري دؤران به مسڪين ماڻھن جي بيوسي, احساس ڪمتري ۽ ڦرلٽ کان آجي ٿيڻ لاء جتن ڪرڻ ۽ انھن جي واھر ڪرڻ ۾ راتين جون راتيون وھايون. ھڪ ڀيري جي ڳالھ آھي ته، ھڪ غريب جو پاسو کڻڻ تي وقت جو گورو ڪليڪٽر مٿس ناراض ٿي پيو، پر ھن مرد مجاھد کي ڪنھن به قسم جي ڳڻتي ڪا نه ھئي. ان تي سندس ڪنھن دوست چيس ته ”جڏھن مالڪ خود بس ڪئي تڏھن به کڻي پچر ڇڏيو. ڇو ٿا آفيسرن ۽ اميرن جي اکين جا ڪنڊا بڻجو. وراڻيائين! اي ادل! اڳي پاڻ ڪڏھن ھنن جي اکين جا سرما ھئاسون، جو ھاڻي ٿا ڪنڊا ٿيون، ٻي ڳالھ ته ھن غريب ويچاري کي بس ڪرائي ويئي  آھي، ھن جي بيوسيءَ جو گھڻو فائدو ورتو ويو آھي. آءُ ائين ڪڏھن به ٿيڻ ڪون ڏيندس پوءِ ڀلي ڇا به ٿئي!. ھڪ ڀيري سندس دوست جمع خان جعفري صلاح ڏني ته اصول پسندي تي ايڏي سختي سان قائم رھڻ سندس فائدي ۾ نه آھي ۽ ڪجھ وچٿرو ٿي ھلي. پاڻ وراڻيائين واھ يار واھ، توکي منھنجي عزت ۽ عافيت جو اونو آھي، باقي ھيتريون مارئيون جي ھن ريت اميرن جي ڪوٽن ۽ ڪڙولن ۾ بي سبب بانديون ٿيون پيون لڄون لٽائين يا لڪن ۾ لڄ بچائڻ لاء پيون ڦٿڪن ۽ لولاٽ ڪن. تن لاء تنھنجي غيرت کي جھوٻوئي نٿو اچي. ارمان آھي تنھنجي ان اھڙي احساس تي!. باقي ٻڌ آءُ توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته:

 جي جبل ماري جک،

 جي آڏو عجيبن جي، 

توڙي لڪين لک،

ته به سڀ لگھنديس سڪ سان!

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھيڊ منشي ھجي يا مختيارڪار يا وري ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪنھن به وڏي ماڻھو کي اھا جرئت ڪا نه ٿيندي ھئي ته جتوئي صاحب کي رشوت ڏئي يا ڪنھن نموني سان ڪو ڪوڙو ڪيس ڪرائي سگھي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي غريب نواز، حق پرست ۽ اصول پسند ته اڳي ئي ھو، مٿان وري 1930ع واري ڏھاڪي ۾ کيس ترقي پسند لٽريچر مليو ۽ قادربخش نظاماڻي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين ترقي پسند ۽ روشن خيال اڳواڻن سان سندس باقاعدگي سان ڪچھريون ٿيون، تنھن ۾ ھو رچي ريٽو ٿي ويو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنھنجي سياسي فڪر بابت لکي ٿو ته: “ھن نظرياتي طور تي ڏٺو ته انقلاب ڪارل مارڪس، اينگلز، لينن ۽ اسٽالن وارو زندگي جو صحيح طريقو پيش ڪري ٿو…..اينگلز سال جي مضمونن ڪامريڊ جي فلسفي ٺاھڻ ۾ وڏي مدد ڪئي….. ۽ ڊارون سندس تي وڏو اثر وڌو”. 1941ع ۾ جڏھن سوويت يونين تي ھٽلر حملو ڪيو ته سندس خيالن ۾ ھڪ دفعو ٻيھر وڏو انقلاب آيو ۽ ھو ھڪ دفعو وري نوڪريءَ مان بيزار ٿي پيو. 1944_45ع ۾ جڏھن مھاڀاري لڙائي ختم ٿي ۽ گڏيل قومن وارو ادارو ٺھيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ان نتيجي تي پھتو ته ھاڻي انگريزن جي نوڪري ڪرڻ شرم جوڳي ڳالھه آھي ۽ ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته غريب ماڻھن ۽ عوام جي خدمت لاءِ مڪمل طور ميدان ۾ اچجي. جنھن کان بعد ھن سينيئر ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تان استعيفا ڏني ۽ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو، کيس يڪدم جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. 1947ع ۾ رتيدير واري “ھاري ڪانفرنس” ۾ کيس صدر چونڊيو ويو ۽ ھو مرڻ گھڻي تائين ھارين جو اڳواڻ رھيو. 1944ع ۾ جڏھن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تان استعيفا ڏيئي ڪل وقتي طور عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ پاڻ ارپڻ جو اعلان ڪيو ته ڪيترن ئي دوستن سندس ان قدم جي مخالفت ته ڪئي پر ٻيو به الائجي ڇاڇا چيائونس. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کين چيو ته: “آءُ پنھنجي ضمير، عقل ۽ علم پويان ھلندس. مونکي اڌاري مت نه گھرجي، مون کان سنڌ جي وڏي وزير ھڪ اھڙو ڪڌو ڪم ٿي ڪرايو، جو منھنجي ضمير ۽ طبيعت جي خلاف ھو، تنھنڪري مون انڪار ڪيو، ان تي ھن مون تي پنھنجو رعب ڄمائڻ لاء چيو : تون انھن افعالن سان ڪليڪٽر ٿيندين؟ تنھن تي مون کيس وراڻيو ته: ھي ضمير جو سوال آھي، منھنجو ضمير گوارا نٿو ڪري، تنھن تي وڏي وزير ھڪدم چيو ته واھ! ڪامورو ۽ ضمير___اھو ته کوڙو ئي نٿو لڳي. مون پنھنجي اصول تي اڏي وڏي چوٽ پھريان ڪڏھن ڪون ٻڌي ھئي، تنھن ڪري اتي جو اتي استعيفا اڇلي کڻي اڳيان سٽي مانس.“ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ ھاري ڪميٽيءَ ۾ اچڻ ۽ ان جومھندار ٿيڻ بعد اھم ذميواري اھا ھئي ته ھاري ڪميٽي جي تنظيم ڪاري سائنسي بنيادن تي ڪجي. ان مقصد لاء 1950ع ۾ سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جو آئين جوڙيو ويو، جيڪو باقاعده تنظيم سازيءَ جو پھريون مرحلو ھيو، ان بعد سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪري ان کي فعال ۽ سرگرم بنايو ويو. باباءِ سنڌ، ھارين جي حقن کي مقرر ڪرڻ ۽ انھن جي بچاءَ واسطي قانون ٺھرائڻ لاء تحريڪ شروع ڪئي، قانون جو مسودو (سنڌ ٽيننسي تيار ڪري) سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو، مگر سنڌ حڪومت ۽ اسيمبلي انھيءَ پيش ڪيل ايڪٽ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ان قانون جي حق ۾ سنڌ ۾ تحريڪ منظم ڪرڻ شروع ڪئي. اپريل 1950ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو. حيدربخش جتوئي سنڌ جي ھارين ۽ ھاري ورڪرن کي سڏ ڏنو ته اھي 3 اپريل (1950ع) تي ھڪدم ڪراچي پھچن. ان سڏ جي موٽ ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھزارين ھاري ڪارڪن ڪراچي پھچي ويا. ھارين سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جو گھيراءُ ڪيو، ھارين اھو گھيرو ايترو ته مضبوط ڪيو، جو ڪنھن به وزير خواھ ميمبر جو نڪرڻ مشڪل ٿي پيو. ھاري حقدار جي نعرن اسيمبلي جي ڪارروائي ھلائڻ ناممڪن بڻائي ڇڏي. آخر حڪومت ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون ۽ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪيو ويو. ھي پھريون قانون ھو، جنھن ۾ زميندار جون ذميواريون ۽ ھاريءَ جا حق باقاعده قانون جي شڪل ۾ چٽا ڪيا ويا. اڌو اڌ بٽئي جو حق پڻ تسليم ڪيو ويو. جڏھن حڪمران ٽولي اوڀر پاڪستان جي عوام جا جمھوري حق ڦٻائڻ لاءِ اولھ پاڪستان ۾ ون يونٽ ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ته، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ون يونٽ جي مخالفت ۾ تحريڪ ھلائي ۽ جلسا جلوس ڪري ماڻھن کي سازش کان آگاھ پڻ ڪيائين. 11 نومبر 1954ع تي حيدرآباد ۾ سندس صدارت ۾ ھاري ڪميٽي طرفان ٿيل اجلاس ۾ ھڪ ٺھراء پاس ڪيو ويو ته اھو قدم سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش آھي ۽ ھي عمل بلڪل ناجائز ۽ نامناسب آھي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ون يونٽ خلاف سنڌ جو ڪيس ٻن ڪتابن ”سنڌ سان ناانصافي“ ۽ ”اچو ته پاڪستان بچايون“ ۾ ڏاڍي وزنائتي نموني پيش ڪيو آھي. اھي ٻئي ڪتاب ايڏا ته مدلل ھئا جو تڏھوڪي حڪومت طرفان ڪامريڊ تي ڪيس داخل ڪيا ويا. ان ڪيس ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو بيان تيار ڪيو سو ھڪ تاريخي دستاويزآھي. 200 صفحن تي مشتمل ھن دستاويز ۾ ون يونٽ جي تاريخ آھي. اسيمبلي ۾ ميمبرن ڇا چيو اھو سڀ ڪجھ پڻ ان ۾ پيش ڪيل آھي.1955ع ڌاري جڏھن پاڪستان سخت سياسي گھوٽالي جو شڪار ھيو، تڏھن باباءِ سنڌ ٻه جامع مڪالا ”پاڪستان ۾ جمھوريت يا آمريت“ جي عنوان سان لکيا، جيڪي ٻئي آگسٽ 1955ع ۾ ئي ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي سمورين سياسي ڌرين، سياستدانن ۽ عام ماڻھن تائين پھچايا ويا.  1956ع ۾ جڏھن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد منير عوام جي چونڊيل اسيمبلي کي ٽوڙڻ ۽ عوامي راءِ کي گڏ ڪرڻ واري قدم کي جائز قرار ڏيندي قانوني سڏيو. تڏھن به ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھڪ دورانديش ڏاھي وانگر ڪورٽ جي ان فيصلي جي کليل مخالفت ڪئي ۽ 25 ڊسمبر 1956ع تي ھڪ ڪتاب ” ڊيموڪريسي اينڊ ان جسٽس آف دي چيف جسٽس“ پڻ لکيو. 1950ع واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي ضلعن ۾ ڍلن جي غيرمنصفانه بستگي ھئي. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڳريون ڍلون ورتيون وينديون ھيون، تنھن وقت به باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي “سنڌ ۾ بي انصافي وارا ڍلن جا اگھه” جي نالي سان پڻ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ ھن ٻڌايو ته اھا اڻ برابري آھي ۽ سنڌ جي زرعي معيشت کي ڌڪ رسي رھيو آھي. زمينن ۽ ڍلن جي سلسلي ۾ سندس ٽي ٻيون لکڻيون ڏاڍيون مشھور آھن. جن ۾ پھرين لکڻي “ان جسٽس لينڊ ٽيڪسيشن ان سنڌ ڊسٽرڪٽس” ھئي. ھن ڪتاب ۾ ايوب خان جي مارشل لا واري دؤر ۾ سنڌ جي زميندارن ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف لکيائين. سندس ٻي لکڻي “ھائر لينڊ ٽيڪسيشن ان سدرن زون سنڌ” ھئي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي سمورن ٽيڪسن جو جائزو ورتو ويو آھي ۽ سرڪاري انگن اکرن سان ثابت ڪيو ويو آھي ته سنڌ اندر وصول ٿيندڙ ٽيڪس ٻين ھنڌن کان ٻيڻا آھن. 1958ع ۾ ملڪ ۾ جڏھن ايوب خان جي آمراڻي حڪومت سڀني سياسي جماعتن تي بندش وڌي، تڏھن سنڌ ھاري ڪميٽيءَ تي پڻ بندش وڌي ويئي. باباءِ سنڌ سميت ڪيترن ئي ھاري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. ھاري ڪميٽيءَ جون آفيسون سيل ڪيون ويون. جڏھن سياسي جماعتن تان پابندي ھٽائي وئي ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي 12 نومبر 1967ع تي سنڌ جي ھارين، دانشورن ۽ سياسي ڪارڪنن کي حيدرآباد ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو. ان ڏينھن تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھزارين ھاري، شاگرد، ۽ سياسي ڪارڪن حيدرآباد ۾ اچي گڏ ٿيا. ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪميٽيءَ طرفان تاريخي پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنھن ۾ بنيادي انساني حقن، جمھوريت، معاشي ۽ سماجي برابري ۽ انصاف ڀريو نظام قائم ڪرڻ لاءِ زور ڀريندي مختلف عوام دشمن ڪارا قانون ختم ڪري ھارين، پورھيتن، شاگردن ۽ آبادگارن کي حق ڏيڻ لاء چيو ويو. وري 9 مارچ 1969ع تي حيدرآباد ۾ ون يونٽ خلاف ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ شاگرد، ھاري، پورھيت، ۽ قومي ڪارڪنن، سياسي اڳواڻن ۽ داونشورن کان علاوه قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ موجود قومي اسيمبلي جي ميمبرن صحيحون ڪري ھڪ ٺھراءَ جي شڪل ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جو مسودو تيار ڪيو ويو. باباءِ سنڌ اھو صحيحون ٿيل بل قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي ڏياري موڪليو ۽ کيس لکي موڪليو ته قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ اھو بل ايجنڊا تي رکيو وڃي، مگر جلد ئي يحي خلاف ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان ڪيو. لڳاتار جيلن جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي ڪري سندس صحت روز بروز ڪرندي ويئي، پر آخري ڏينھن ۾ صحت جي خراب ھئڻ جي باوجود به عوامي حقن لاءِ وڙھندو رھيو. نيٺ 21 مئي 1969ع جو اھو منحوس ڏينھن به اچي ويو، جنھن ڏينھن سنڌ جي ھارين، پورھيتن، آبادگارن ۽ ٻين لکين عوام جي حقن لاء بيباڪي سان ويڙھاند ڪندڙ ھي بھادر اڳواڻ ھميشه ھميشه لاء اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو. سندس غريب نوازي، ھارين ۽ پورھيتن جي حقن لاء بي لوث خدمت لڳاتار جدوجھد ۽ قربانين جي ڪري کيس ڪامريڊ ڪوٺيو ويندو ھو. جڏھن ته سنڌ جي عوام جي مجموعي حقن، ون يونٽ خلاف ڀرپور طريقي سان جدوجھد ڪرڻ ۽ ھر محاذ تي سنڌ جو ڪيس وڙھڻ جي عيوض کيس عوام جي طرفان “باباءِ سنڌ” جو لقب ڏنو ويو. سندس جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو “تحفه سنڌ” پڻ ڇپيو. شاعري جذبن جي شدت، تخيل جي اڏام ۽ ضمير جو آواز ھوندي آھي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وٽ انھن ڳالھين سان گڏوگڏ سچائي، حق ۽ انصاف سان محبت ۽ ارادي جي مضبوطي پڻ ھئي. جنھن ڳالھه سندس شاعري کي ھڪ طرف انقلابي بڻايو ته وري ٻئي طرف فلسفي سان ٽمٽار بڻايو. شاعريءَ جي روپ ۾ ھي لفظ سنڌ جي عظيم پورھيت اڳواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جا آھن.

بي انصافيءَ جو بنياد 

ٿئي نابود ۽ برباد

آ تاريخ جو ھي آ انجام! 

  جيئي سنڌ جيئي سنڌ

لالا مسلم سھڙو