بائيوميٽرڪ نظام ۽ تعليم کاتو

تحرير: شيرافضل سومرو :- تعليم کاتي ۾ جڏهن کان بائيوميٽرڪ نظام رائج ڪيو ويو آهي ان ڏينهن کان اسان جي سنڌ ۾ هلندڙ ٻهراڙين جا پرائمري اسڪول ته بند ٿيڻ لڳا مگر شهرن ۾ به ان جا ڪي خاص اثر صحيح ثابت نه ٿي سگھيا آهن. 1988 کان وٺي هن وقت تائين تعليم کاتي سنڌ ۾ جيترا تجربا ڪيا ويا آهن ايترا پوسٽ مارٽم ۾ به نه ٿيندا آهن ڪاش اسان جي سنڌ حڪومت جيڪڏهن استادن کي ڏوهي ڪرار ڏيڻ لاء جيترا هربا استعمال ڪري پئي جيڪڏهن اهڙا قدم استادن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ انهن جو ساٿ ڏئي ها ته شايد اڄ اسان جي سنڌ جي تعليم تي ڪير آڱر نه کڻي ها جهڙي طرح بائيو ميٽرڪ نظام آندو ويو ان سان استاد جو ٻهراڙي جي اسڪولن يا جتي استادن جي کوٽي ٿئي ٿي اتي وڃڻ انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي ڪنهن به استاد جي ڪٿي بدلي ڪئي وڃي ٿي ته اتي استاد وڃڻ لاء تيار ناهي ڇو ته بائيو ميٽرڪ تبديل ڪرڻ لاء استاد کي ئي چيو وڃي ٿو ته پنهنجي پوسٽنگ واري جاءِ تي پاڻ بائيو ميٽرڪ تبديل ڪرائي جڏهن استاد پنهنجي بائيو ميٽرڪ تبديل ٿو ڪرائي ته ان ۾ استاد کي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر کان وٺي سيڪريٽري سطح تائين ڪيترن مرحلن مان گذرڻو ٿو پوي ٿو اها خبر اسان جي حڪمرانن کي به ناهي استاد اهي مرحلا به طئي ڪرڻ لاءِ تيار آهي مگر انهن مرحلن ۾ چاليهه کان پنجاهه هزار روپيا رشوت ڏيڻي ٿي پوي هڪ استاد جنهن جو گذارو ان جي پگهار تي هجي سو اهو نه چاهيندو ته مان رشوت ڏيان ۽ بائيو ميٽرڪ تبديل ڪرائي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ وڃان ضلع سطح تي بائيو ميٽرڪ جو آفيسر هن وقت تائين نه ڏٺو آهي ته ڪو بائيو ميٽرڪ ڪندڙ جي مٿان وڃي ڪا جانڄ پڙتال ڪئي هجي يا ڪنهن بدلي ٿي ويل استاد جي بائيو ميٽرڪ تبديل ڪئي هجي صرف آفيس ۾ ويٺو هوندو آهي پنهنجي مرضي مطابق مرضي سان بائيو ميٽرڪ جي ٽيم کي من پسند اسڪولن ۾ موڪليندو آهي ۽ ڊي سي جي ميٽنگ ۾ ويندو آهي ته جيئن ڊي سي وٽ حاضري لڳي ۽ رپورٽ پيش ڪجي باقي بائيو ميٽرڪ جي ڪري نه تعليم ٺيڪ ٿي آهي نه بند پيل اسڪول کوليا ويا آهن اڃا به پرائمري اسڪول بند ٿيندا پيا وڃن سنڌ حڪومت کي گھرجي ته تعليم کاتي ۾ جيڪو پراڻو نظام سپروائيزرن وارو بحال ڪري اهو نّظام هزار دفعا بهتر هو استاد سپروائيزس کان گھٻرائيندا هئا ۽ اهي جڏهن پرائمري اسڪولن جي شاگردن جا امتحان ورتا ويندا هئا تڏهن استاد ڊپ مان تعليم ڏيندا هئا رڪارڊ ٺيڪ ڪري رکندا هئا. اسان جي سنڌ ۾ اڄ به مهارت رکندڙ استاد موجود آهن جيڪي بائيو ميٽرڪ نه هجڻ وقت به ڊيوٽي پوري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪندا هئا ۽ ڪن ٿا پر شاگردن کي به سٺي تعليم ڏيندا هئا ۽ ڏين ٿا. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته تعليم جي بهتري لاء اهو پراڻو نظام بحال ڪري استادن کي سهولتون مهيا ڪري ڇو ته ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ وڃڻ لاءِ اڳ ۾ لوڪل بسون هلنديون هيون هن وقت اهي بس انهن رستن تي نه ٿيون هلن جنهن ڪري مجبور ٿي استاد پنهنجي سوراي تي وڃي يا لوڪل چنگچي رڪشا تي وڃي. ان سان استاد جو ٽائيم به وڃي ٿو ۽ خرچ به گھڻو ٿئي ٿو ان سبب ڪري استاد ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ نه ٿا وڃن ۽ اسڪول بند ٿي ٿا وڃن.