اھو جھمپير جو پوڙھو، نمن جي ڇانوَ جھڙو آ: تاج جويو

اھو جھمپير جو پوڙھو، نمن جي ڇانوَ جھڙو آ

تاج جويو

پورھيت ۽ پروھت اديبُ، ڪھاڻيڪارُ، ڪٿاڪارُ رسول بخش درسُ، اسان جو يارُ آھي، جنھن سنڌ کي ڪھاڻين، خاڪن، پروفائيلن ۽ مضمونن جي روپ ۾، ڇھن ڪتابن ﴿ سُھائيءَ جي سوڀ( ڪھاڻيون)، ڪينجھر ڪناري( ڪھاڻيون)، ساٿ جي موسم( ڪھاڻيون) ۽ سنڌ ھيرن کاڻ 3 ڀاڱا﴾ جو تخليقي ادب ڏنو آھي. ھن نہ رڳو تخليقي ادب سِرجيو آھي، پر الائي ڪيترن تخليقڪارن/ سِرجڻھارن کي پنھنجي شھر ۽ پنھنجي آستاني تي تخليقي ماحول فراھم ڪري ڏنو آھي. انھن ۾ ڪاري کََھي جو اسير ملاح ھجي، پٿرن جي شھر ڄامشوري جو طارق عالم ابڙو ھجي، سنڌوءَ جو ساٿي ۽ موھن ڪلپنا جي شھر ڪوٽڙيءَ جو علي بابا ھجي، ھوٿي مشائخ جو شھزادو حسن درس ھجي يا روحل واءِ جا راڻا شاعرَ − جمن دربدر، حاجي ساند ۽ حليم باغي ھجن. سڀني رسول بخش درس جي محبت واري مئڪدي ۾ اچي پُر پيالا پيتا، ۽ ھن ذھن ۽ دل جي ڪُشادي شخص جي دل جا دَر سڀني لاءِ کليل ۽ ڀاڪرن جا ھار سجايل رھيا.
رسول بخش درسُ، جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو مٿانھون نالو آھي، پر ھن کي شھري اديبن واريون سھوليتون مھيا نہ آھن، نہ ھن وٽ ”تون مون کي حاجي چـئو، مان تو کي قاضي چوان“ جا نعرا ھڻندڙ دوست آھن، نہ ئي سوجھرن ۽ اوجھرن جي ھڪ ھٽي قائم ڪري ويٺل نقادن جي ور چڙھي سگھيو آھي. تڏھن تہ ” ڪھاڻيءَ تي ماسٽريءَ جي دعويٰ ڪندڙ ۽ ھند سنڌ جي ڪھاڻيءَ جا جائزا پيش ڪندڙ فاضل اديب، سندس ڪھاڻين جو ڀُلجي بہ ذڪر نہ ڪندا آھن. ڇو تہ ھيءُ شخص جيترو سٻاجھو ۽ مٺڙو آھي، اوترو اظھار ۾ کَرو ۽ بيباڪ آھي، ۽ اسان جي ڪيترن وِھڪي ويل وڏن اديبن کي جھمپير ۽ روحل واءِ جھڙن ڳوٺن يا ڳوٺاڻين وسندين ۾ وسندڙ تخليڪار/ سِرجڻھار/ شاعر/ ڪھاڻيڪارَ ڪيئن ٿا ڀانءِ پئجي سگھن ۽ سندن بيباڪي ۽ بيخودي ڪيئن ٿي وڻي سگھي.
رسول بخش درس، اھل دل بہ آھي تہ اھل درد بہ آھي، ۽ درد ئي ھر تخليقَ جو سرچشمو آھي. شاھ لطيفَ ”سِرجيس تہ سُورَ، سامائي تہ سُک ويا” اِيئن ڪو نہ چيو آھي

”وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري“ جو فلسفو ۽ فڪر، ھڪ سچو تخليقڪار ئي سمجھي سگھي ٿو. جڏھن رسول بخش درس جو ان ڪسوٽيءَ تي جائزو وٺجي ٿو تہ، ھُو صاحب ڏني شاھ جي ھيٺئين بيت جو سچو روپُ لڳي ٿو:
ڪِن جو نينھُن نَھر سان، ڪِن دٻايا درياھَ،
صاحب ڏني جي ساھَ، سيني سمنڊ سمائيا.

اسان جي ھن درس فقيرَ جي سيني ۾ بہ سُورن جا سمنڊ سمايل آھن، جن جو ڪو انت، ڪو ڇيھُ ئي ڪو نہ آھي.
رسول بخش درس، جھمپير جي پھاڙن، ميدانن ۽ ڪينجھر جي اَکُٽَ جَرَ وانگر دل جو کليل ۽ وسيع آھي. سندس ذھني وُسعت ۽ دل جي ڪُشادگيءَ پويان سندس خانداني پسمنظر بہ آھي تہ سندس سوچ جي وُسعت ۽ آزاد خيالي پڻ آھي.
رسول بخش درس زمين جو ليکڪ آھي. ھن جا پيرَ زمين تي کُتل آھن. ھن ڪڏھن بہ بي سبب آسمان ۾ اُڏڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آھي. ھن جي خيالن جي اُڏامَ اوچي آھي، پر ڌرتيءَ جي دَز کي ڇُھي مَٿي اُٿي آھي. ھُو مٽي ھاڻن ماڻھن جو ترجمان آھي، ۽ ھُو آھي بہ انھن مان، ۽ انھن جو ئي آھي.
رسول بخش درس جي نينھَن جو ناتو، سن جي سائينءَ جي دل سان بنا تارَ جي ڳنڍيل ھو، جنھن جي ’دل جو ملڪ‘ ڇَتي فقير سانگيءَ جي ڪافيءَ جو مُجسم روپ ھو:

’ملڪ دل جو موڪرو، جنھن جو عرش زمين آسڻ‘

رسول بخش درس جي دل بہ ان سِڪ جي سمنڊَ، سنڌ جي سيدَ جي پيارَ واري پاڻيءَ مان سيراب ٿيل آھي، اُن ڪري ئي عبدالواحد آريسر چوندو ھو تہ: ’رسول بخش درس جي دل دوستن لاءِ محبت جو باغ عدن آھي‘. اُن محبت جي باغ عدن، جھمپير جي پروھت سان اسان جي جيءَ جون جڙيون رھيون آھن، پر ھڪ شخص حسن درسُ اُن محبت جي مملڪت جو شھزادو ھو، جنھن جي جوانيءَ، جھمپير ۾ موٽَ کاڌي ھُئي، ۽ جھمپير جي کجين جي پُرڪيف تاِڙيءَ، سندس شاعريءَ ۾ اُھو خُمارُ اوتيو ھو، جنھن جي سُرور جي سحر مان اسان اڃا نڪري نہ سگھيا آھيون.
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو− ساري سنڌ حسن جو پاڇو.

حسن جي وڇوڙي، سندس مائٽن، ونيءَ ۽ ماھتاب محبوب کي تہ جھوري وڌو ھو، پر رسول بخش جي دل، سندس وڇوڙي کان پوءِ سامت ۾ نہ آئي آھي، ۽ اڄ سوڌو ھيءُ جُھريل جيءَ وارو حساس تخليقڪار، حسن جو ذڪر ڇڙندي آبديدہ ٿي ويندو آھي. ھو حسن ۾ جيئندو ھو، اڄ بہ حسن ۾ جِي رھيو آھي.
اسان جو يارُ رسول بخش درس، سنڌ جي ڌار ڌار اسپتالن :آغا خان اسپتال ڪراچيءَ,NICVD ٽنڊي محمد خان ۽ ايم ڪي اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿي, رَت جي کوٽَ ۽ گُڙدن جي تڪليف سان مُنھن ڏئي، زندگيءَ جي جنگ جوٽيندو آيو آھي ۽ ھن وقت پنھنجي آستاني جھمپير ۾ پنھنجي ٻچڙن وٽ موجود آھي سڄيءَ سنڌ جي دُعائن جا ھَٿَ سندس لاءِ مٿي آھن. مون کي پَڪ آھي تہ ’خوشيءَ‘ ۽ ’سنڌ راڻيءَ‘ جو پيارُ ۽ مُحبت کيس ھن چاڙھ مان چاڙھي پارُ پڄائيندو ۽ پڪ آھي تہ ھُو جھمپيرَ ۾ جوانن جي وچ ۾ ويھي، سيد ۽ سنڌ جون ڳالھيون ڪندو، حسن درس جي شاعري ٻُڌائيندو ۽ موسيقيءَ جي سُرن تي جُھومي، نئين سنڌ جي سپنن کي تعبير ڏيڻ لاءِ اسان کي اُتساھيندو.

اُڃارا پُر ڪري ڄاڻي، ٺِڪر جي ٿانوَ جھڙو آ،
اِھو جھمپيرَ جو پوِڙھو، نِمن جي ڇانوَ جھڙو آ.( سائل پيرزادو)
=====================================
وائي

جيڏو تون,جھونجھار,
تيڏو تون,دلدار,
پروھت جھمپير جا !

تون ساٿاري سچ جو,
ڪوپائي ڪردار
پروھت جھمپير جا!

تون انيائي دور ۾,
آمر لء انڪار
پروھت جھمپير جا!

تنھنجون ڳالھيون مڌُ جو
ڄڻ ڪو کيپُ خمارُ
پروھت جھمپير جا!

تون ڪينجھر جي ڪنٺ ۾,
تازو گلن ھار
پروھت جھمپير جا !

(تاج جويو)