اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي امڙ شميم اختر لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور :- اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي امڙ شميم اختر لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ طرفان ٽوئيٽ بيان ذريعي بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي جي تصديق، نيب هٿان گرفتار ٿيل شهباز شريف کي امڙ جي لاڏاڻي جو اطلاع ڏنو ويو، جيل ۾ قيد حمزه شهباز کي به آگاهي ڏني وئي، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف لنڊن ۾ موجود آهي، بيگم شميم اختر فيبروري مهيني ۾ لنڊن وئي هئي، جتي سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي