”اڄ کان هي منهنجو پٽ آهي“: دادو ۾ انسپيڪٽر بينظير جمالي اسپتال ۾ لاوارث ٻار کي هنج وٺي ڇڏيو .

دادو : دادو ۾ عورت انسپيڪٽر تازي ڄاول لاوارث ٻار کي هنج وٺي ڇڏيو. اڻڄاتل عورت گذريل رات سول اسپتال دادو 10 ڏينهن جَي ٻار کي داخل ڪرائڻ کانپوءِ واپس هلي وئي، صبح جو اسپتال انتظاميا ٻار جي والدين بابت پڇا ڪئي پر ڪو به وارث سامهون نه ايو، جنهن بعد انتظاميه اي سيڪشن پوليس کي لکت ۾ آگاهه ڪيو. پوليس پهچي جاچ ڪئي پر ٻار جا والدين سامهون نه آيا. بعد ۾ عورت انسپيڪٽر بينظير جمالي، ڊاڪٽر نرگس ۽ ٻيا ماڻهو خوبصورت ٻار کي هنج وٺڻ لاءِ پهتا، ٻار انسپيڪٽر بينظير جمالي هنج ورتو ۽ کيس گهر کڻي آئي. سندس چوڻ هو ته کيس نياڻين جو اولاد آهي پر پٽ نه هو، اڄ کان هي منهنجو پٽ آهي.