اٿوپيا ۾ نسلي وڳوڙ، هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

اٿوپيا: اٿوپيا ۾ نسلي فسادن جي نئين لهر ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.اٿوپين هيومن رائٽس ڪميشن موجب ڏکڻ آفريقي ملڪ اٿوپيا جي اولهه واري علائقي بينيشينگل گوموز جي هڪ ڳوٺ ۾ فائرنگ ڪري 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترائي ان حملي ۾ زخمي به ٿيا، جن کي طبي امداد جاري آهي، زخمين ۾ ڪافي ماڻهن جي حالت نازڪ به آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب حملي ۾ زندهه بچي ويل ڪيترن ئي هارين ۽ ٻين ماڻهن جو چوڻ آهي ته گوموز ڪميونٽي جي ماڻهن اسان تي حملو ڪيو ۽ گهرن کي باهيون ڏنيون جڏهن ته ڀڄندڙ سمورن ماڻهن مٿان فائرنگ ڪئي وئي ۽ مٿن چاقن سان حملو ڪيو ويو