اپوزيشن کي چئلينج آهي ته هاڻي جناح اسٽيڊيم ڀري ڏيکاري حڪومت ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ نه ايندي: شبلي فراز

اسلام آباد :- سڌ سماءَ واري وفاقي وزير اپوزيشن کي گجرانوالا جو اسٽيڊيم ڀرڻ جو چئلينج ڏئي ڇڏيو، شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن جي قيادت ڪرپشن بچائڻ لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪري رهي آهي، جمهوري حڪومت جي حيثيت سان جلسا ڪرڻ جي اجازت ڏني، اپوزيشن کي چئلينج آهي ته هاڻي جناح اسٽيڊيم ڀري ڏيکاري، حڪومت ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ نه ايندي، حڪومت عوام جي تڪليف کي سمجهي ٿي، حڪومت بهتر قدم کڻي رهي آهي، اپوزيشن وارا ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ڊراما ڪري رهيا آهن