اپوزيشن جيڪا راند کيڏي رهي آهي، اُن سان نظام جي تڏا ويڙهه ٿيندي:پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

ملتان :- اپوزيشن جيڪا راند کيڏي رهي آهي، اُن سان نظام جي تڏا ويڙهه ٿيندي ۽ اپوزيشن کي به ڪجهه نه ملندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اپوزيشن پارٽيز تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته ڊسمبر کان اڳ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين، دُنيا ۾ ڪٿي روايت آهي ته رستن تي جلسن ذريعي چونڊيل حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪئي وڃي، اپوزيشن وارا فرسوده لڪير تي هلي رهيا آهن، عوام سندن ساٿ نه ڏيندو، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنهنجا پنج سال پورا ڪيا، اُن عرصي ۾ سندن ڪجهه ماڻهو عدالتي فيصلن سان متاثر ٿيا ته اُن ۾ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جو ڪهڙو ڏوهه؟ ملتان ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو جي تقرير تي ردعمل ظاهر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ماڻهو پڇي رهيا آهن ته شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو جي نالي تي ڪيترا ڀيرا ووٽ وٺندو، ڪيترا ڀيرا ساڳي فلم هلائي ماڻهن جي همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي