اپوزيشن جو اتحاد پي ڊي ايم گجرانوالا کانپوءِ ڪراچي ۾ پاور شو لاءِ تيار,جلسي جون تياريون مڪمل

ڪراچي : اپوزيشن جو اتحاد پي ڊي ايم گجرانوالا کانپوءِ ڪراچي ۾ پاور شو لاءِ تيار، ڪراچي جي جناح گرائونڊ تي پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ جلسي جون تياريون مڪمل، جلسي کي مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز خطاب ڪندا، جلسي گاهه ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ڪُرسيون لڳايون ويون، عورتن لاءِ ڌار انٽري پوائنٽس مقرر ڪيون ويون، جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر، سنڌ جي مختلف شهرن کان ڪارڪنن جا قافلا ڪراچي لاءِ روانا، ڪراچي ۾ جلسي جي موقعي تي شهرين لاءِ ٽريفڪ پلان جاري، شهرين کي جمشيد روڊ ۽ تين هٽي کان نمائش وڃڻ جي اجازت نه هوندي، ٽريفڪ پلان تحت شهري گرو مندر کان سولجر بازار ۽ جمشيد روڊ کان جيل فلاءِ اوور، نيو ٽائون ۽ طارق روڊ وارو روٽ استعمال ڪري سگهندا