اپوزيشن ايف اَي ٽي ايف قانون رد ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي تپِي باهه,سڀ احتساب کان بچڻ لاءِ گڏ ٿي ويا:اي پي سي

اسلام آباد :- وفاقي وزيرن اپوزيشن جِي اي پي سي تي ردعمل ڏيندي چيو ته اپوزيشن ايف اَي ٽي ايف قانون رد ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي تپِي باهه ٿي وئي. هاڻي ملڪ ۾ سويلين سسٽم کي غير مستحڪم بڻائڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، اهي سڀ احتساب کان بچڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن. وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اپوزيشن نيب قانون ۾ ترميم جو شرط رکيو ۽ بليڪ ميل ڪيو ته اسان جون ڳالهيون نه مڃيون ته قانون منظور ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هن وقت سويلين ۽ فوجي قيادت گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، ملڪ ۾ سويلين بالادستي آهي ۽ سمورا فيصلا وزيراعظم عمران خان ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته نواز شريف صحت مند ۽ هشاش بشاش لڳي رهيو هو، ڇا نواز شريف اڃا به بيمار هجڻ واري پنهنجي موقف تي قائم آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف جِي تقرير تي سڀ کان وڌيڪ جشن پاڙيسري ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي، اپوزيشن جو موقف ملڪ کان ٻاهر طئي ٿي رهيو آهي، اپوزيشن نيب جِي تڏا ويڙهه ڪرڻ چاهي ٿي، اها ئي اپوزيشن جي منزل آهي، هڪدم جوش اچڻ جو مطلب آهي ته اپوزيشن مڃي ورتو آهي ته کين اين آر او نه ملندو