اسلام آباد: اپوزيشن اتحاد ۽ پي ڊي ايم جِي تحريڪ کي نقصان پهچائڻ وارن الزامن هيٺ مولانا فضل الرحمان جِي منظوري سان پيپلز پارٽي ۽ اَي اين پي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن اندر جواب طلب ڪيو ويو آهي. شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم طرفان ڪيل فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪندي اعتماد کي نقصان پهچايو آهي، پي ڊي ايم ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چيئرمين پيپلزپارٽي مان هوندو ۽ ڊپٽي چيئرمين جي يو آءِ مان هوندو، جڏهن ته مسلم ليگ ن کي قائد حزب اختلاف جي پوسٽ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نوٽيس موجب پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪندي يوسف رضا گيلاني جي مهم شروع ڪري ڇڏي ۽ حڪمران اتحادي ميمبرن جي حمايت سان بلاڪ ٺاهيو. ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي کان وضاحت گهري وئي آهي ته هن ڇو بي اَي پي کان ووٽ ورتا، شاهد خاقان عباسي پيپلزپارٽي کي فرينڊلي اپوزيشن جو طعنو ڏيندي بلاول ڀٽو جِي تجويز تي طنز ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت جا 5 ميمبر کڻي وٺون ته حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير بڻجي سگهي ٿو. هوڏانهن نوٽيس تي رد عمل ظاهر ڪندي پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته پي ڊي ايم نوٽيس جاري ڪيو ته اسان پنجاب چيپٽر جَي صدر کي نوٽيس جاري ڪنداسين ۽ پڇنداسين ته سينيٽ ۾ نون ليگ تحريڪ انصاف سان ڳٺ جوڙ ڪنهن جَي چوڻ تي ڪيو؟ پنجاب ۾ لانگ مارچ جِي تياري ڇو نه ڪئي وئي؟