اٽلي ۾ ٻن مهينن کان پوءِ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي

روم :- عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب يورپ جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ اٽلي ۾ ٻن مهينن کان پوءِ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي آهي ۽ معمول واري زندگي بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.اٽلي ۾ سياحتي هنڌ ۽ ٽرين پليٽ فارمز تي رش وڌي ويو. ٻار، پوڙها ۽ جوان سڀني پارڪن جو رخ ڪيو. ڪنهن ورزش ڪئي ته ڪنهن اس جا مزا ورتا. اطالوي اختيارين 9 هفتن کان پوءِ سخت حڪمن تحت لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري ڇڏي آهي.حڪومت طرفان گهٽ ماڻهن جي صورت ۾ مائٽن کي پاڻ ۾ ملڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ان سان گڏ ئي زندگي جي ضرورت وارين شين جي لاءِ به گهر مان نڪرڻ جي اجازت هوندي.اٽلي کان علاوه جرمني ۽ پرتگال ۾ به لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي آهي ۽ اسپين ۾ به حڪومت دڪانون کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.